عالم آل محمد امام رضا عليه السلام

عالم آل محمد امام رضا عليه السلام
2021-03-11
242 بازدید

ليکڪ : خادم حسين الحسيني مختصر سوانح حيات نالو        علي ع ڪنيت      ابو الحسن مشهورلقب      رضا،فاضل،صابر،رضي والد جو نالو      امام موسيٰ ڪاظم والده جو نالو       بيبي نجمه خاتون ولادت جي تاريخ 11 ذوالقعد 148 هجري ولادت جي جڳهه      مدينه منوره گهروارين جي تعداد       هڪ تعداد اولاد قول شيخ […]

ليکڪ : خادم حسين الحسيني

مختصر سوانح حيات

نالو        علي ع
ڪنيت      ابو الحسن
مشهورلقب      رضا،فاضل،صابر،رضي
والد جو نالو      امام موسيٰ ڪاظم
والده جو نالو       بيبي نجمه خاتون
ولادت جي تاريخ 11 ذوالقعد 148 هجري
ولادت جي جڳهه      مدينه منوره
گهروارين جي تعداد       هڪ
تعداد اولاد قول شيخ مفيد، فقط امام محمد تقي
عمر          50سال
شهادت جي تاريخ       آّخر صفر203 هجري
مدفن       مشهد مقدس،ايران

 

 

 

سندن ولادت ۽ ننڍپڻ

حضرت امام رضا عليه السلام  جي ولادت باسعادت  11 ذوالقعد سن 148 هجري ۾ مديني منوره   ۾  سندن والد بزرگوار حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جن جي گهر ٿي سندن والده گرامي حضرت بيبي نجمه خاتون جن کي ” تڪتم“ به چوند ا هئا  پنهنجي زماني جي عورتن ۾ تمام با ادب  با ايمان، ذهين ۽ نهايت شريف عورت  هئي ،سندن تقوى ۽ پرهيزگاري پوري مديني ۾ ڪنهن کان لڪيل نه هئي .هن عظيم عورت  انهن ٻن ڀيڻ ڀاءُ  کي جنم ڏنو جن مذهب اهل بيت کي اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو آهي يعني امام رضا عليه السلام ۽ سندن ڀيڻ حضرت بيبي فاطمه معصومه سلام الله عليها.

حضرت امام رضا عليه السلام گهڻو وقت پنهنجي والد گرامي ءَ  سان گڏ رهي نه سگهيا جو هارون رشيد جيڪو عباسي سلسله خلافت جي  ظالم ترين  حڪمرانن مان هڪ هئو تنهن امام موسى ڪاظم عليه السلام کي بغداد گهرائي قيد ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ  سن 183 هجريءَ ڌاري کين زهر جي ذريعي شهيد ڪرائي ڇڏيو. ائين امام رضا عليه السلام کي ڪافي وقت نه ملي سگهيو جو پنهنجي والد جي  پر برڪت وجود مان  وڌيڪ فيضياب ٿي سگهن،ليڪن امام موسى ڪاظم عليه السلام جي ان ڳالهه کي چڱيءَ ريت ڄاڻن پيا ته بغداد وڃڻ کان پوءِ  کين وري واپس ورڻ جي فرصت نه ملندي لهذا پنهنجي اصحابين کي گهرائي ،کين پنهنجي حقيقي جانشين ۽  آسمان ولايت جي اٺين ستاري جي زيارت ڪرائي سندن امامت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سندن هڪ صحابيءَ  ابن سليط جو چوڻ آهي ته  هڪ دفعو حج  جي ارادي  سان مڪي جو سفر ڪري رهيو هئس ته رستي امام موسى ڪاظم عليه السلام سان ملاقات ٿي ،مون کين چيو مولا توهان هن جاءِ کي سڃاڻو ٿا ؟ فرمايائون : ها ،ڇا تون به هن جاءِ کي سڃاڻي ٿو ؟ جواب ۾ عرض ڪيم جي ها ،هيءَ اها جاءِ  آهي  جتي منهنجي والد توهان جي بابا يعني حضرت امام جعفر عليه السلام سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کائن سندن جانشين جو سوال ڪيو هئو ۽ توهان جي بابا اوهان ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو هئو:

“هن ۾ عقلمندي ،فهم ۽ فراست ،سخاوت آهي ۽ ماڻهو جنهن شيءِ جا نياز مند آهن هيءُ ان کان چڱي طرح آگاهه آهي، ديني ۽ دنياوي مسئلن مان ماڻهو جن مسئلن ۾ اختلاف ڪن ٿا هيءُ سڀني کان وڌيڪ خبردار آهي،سهڻي اخلاق جو مالڪ آهي هو الله جي (رحمت جي) درن مان هڪ در آهي

پوءِ مون عرض  ڪيو ته مولا توهان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جو امام ۽ سرواڻ ڪير آهي ته فرمايائون: امر امامت مون کان پوءِ  منهنجي فرزند  علي  (رضا) وٽ آهي“[i]

هڪ  ٻئي روايت  آهي ته امام موسى ڪاظم عليه السلام پنهنجي ڪجهه اصحابن کي پاڻ گهرائي فرمايو: ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان کي ڇا لاءِ گهرايو اٿم ؟ چيائون نه : فرمايائون ان لاءِ ته اوهان کي شاهد بڻايان ته مون کان بعد منهنجو جانشين منهنجو هيءُ ٻچڙو _ يعني امام رضا عليه السلام _ آهي “[ii]

سندن بي مثل صفتون

اهو انسان جيڪو انسانيت جي هدايت ۽ سڌار  لاءِ  آيو هجي ممڪن ئي ناهي ته  اهو انساني ڪمالات کان بي بهره هجي يا ان ۾ ڪو عيب ۽ نقص هجي تنهن هوندي به اسان جي پاڪ امامن جي اهم خصوصيت مان هڪ اها آهي ته  اهي پنهنجي زماني جي تمام انسانن کان سڀني انسان فضيلتن ۾ برتر ۽ بهتر هوندا آهن پوءِ اهو علم ۽ اخلاق جو ميدان هجي يا ڪرم ۽ سخا جو جولان ، يا وري حلم ۽ بردباريءَ جو  امتحان هجي،هو هميشه برتر رهيا آهن ۽ سندن ان برتريءَ جو اعتراف پنهنجن ته ٺهيو  پر پراون پڻ ڪيو .

حضرت امام رضا عليه السلام جيڪي فضل ۽ ڪرم جا اهي اڻ کٽ  بحر آهن  جنهن جي  ٻئي ڪناري جو اندازو ڪرڻ ڪنهن بني بشر جو ڪم ناهي  اتي هن  ناقص  العقل  راقم جو قلم ڇا لکي ؟ البته هن مقالي ۾ اسان جو مقصد سندن عظيم صفتن مان سندن  ان صفت تي نظر وجهڻ  آهي جنهن جي ڪري اسان جي سڀني امامن مان فقط امام رضا   عليه السلام ئي ان صفت سان مشهور ٿيا يعني “عالم آل محمد ع”

عالم آل محمد( عليهم السلام)

ڪير آهي اهو صاحب عقل وفهم انسان جيڪو علم ۽ فهم جي فضيلت ۽ عالم ۽ دانشمند جي برتريءَ جو منڪر هجي تڏهن ته قرآن مجيد انساني عقل کي جنجهوڙيندي سوال ڪيو آهي ته هَلۡ يَسۡتَوِي الَّذِيۡنَ يَعۡلَمُوۡنَ وَالَّذِيۡنَ لَا يَعۡلَمُوۡنَ ڇا اهل علم ۽ جاهل هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا؟.هڪ ٻئي جاءِ تي ان مثال کي وڌيڪ روشن ڪندي فرمايو ويو هَلۡ يَسۡتَوِي الاَعۡمَى والبَصِيۡر  ڇا اهو جيڪو نور۽بينائيءَ کان بي بهره آهي بينائي ۽ بصيرت رکڻ واري جهڙو ٿي سگهي ٿو؟ !!

اسلامي تاريخ ۾ بلڪه نه ….انساني تاريخ ۾  فقط ڪجهه ئي اهڙا انسان  آهن جي علم ۽ دانائيءَ جي  منزلن ۾ سڀ کان اوچي منزل ماڻي  سگهيا ۽ ٻيا سندن وجهايل سفره علم تان فيضياب ٿيا .

ڪوفي  جي مسجد ۽ ان ۾منبر  اڄ به  واڪا ڪري اهو اعلان ڪري رهيا آهن ته ڇا( سَلُوۡنِيۡ سَلُوۡنِيۡ قَبۡلَ اَنۡ تَفۡقِدُوۡنِيۡ ، اِنّي ۡ اَعۡلمُ طُرُقَ السَّمَاءَ مِنۡ طُرُقِ الاَرۡضَ ) جي صدا هڻندڙ  باب مدينة العلم توهان کان وسري ته نه ويا آهن ،ته اتي مسجد نبويءَ جي بلند و بالا ايوانن مان اهو آواز اچي ٿو ته دنيا جي پهرين اسلامي يونيورسٽيءَ جي بانيءَ  هتي  ئي پنهنجي علم جو دسترخوان وڇايو هئو جتان دنيا جهان جي انسانن علم پرايو هو .

ليڪن جڏهن عالم آل محمد عليه السلام تي نظر پوي ٿي ته باب مدينة العلم ۽ باني حوزه علم ٻئي فخر ڪندي نظر اچن ٿا .خود  حوزه علم  جو باني کيس باب مدينة العلم جو  نالو ۽ لقب  ڏئي عالم آل محمد ٿو چوي

امام رضا عليه السلام جو ڀاءُ اسحاق بن موسى ٿو  والد کان نقل ٿو ڪري: كَانَ يَقُولُ لِبَنِيهِ هَذَا أَخُوكُمْ عَلِيُّ بْنُ مُوسَى عَالِمُ آلِ مُحَمَّدٍ فَاسْأَلُوهُ عَنْ أَدْيَانِكُمْ وَ احْفَظُوا مَا يَقُولُ لَكُمْ فَإِنِّي سَمِعْتُ أَبِي جَعْفَرَ بْنَ مُحَمَّدٍ ع غَيْرَ مَرَّةٍ يَقُولُ لِي إِنَّ عَالِمَ آلِ مُحَمَّدٍ لَفِي صُلْبِكَ وَ لَيْتَنِي أَدْرَكْتُهُ فَإِنَّهُ سَمِيُّ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيٍّ “[iii]

”پاڻ هميشه فرمائيندا هئا ته توهان جو هي ڀاءٌ علي بن موسى (رضا) عالم آل محمدع آهي کائنس پنهنجي دين جي باري ۾ سوال ڪري مون پنهنجي بابا جعفر بن محمد ع کان ڪيترائي دفعا ٻڌو ته فرمايائون ته تنهنجي نسل ۾ عالم آل محمد ع  آهي ،ڪاش مان ان کي ڏسي وٺان هان بيشڪ هو امير المومنين علي سڏيو ويندو .“

شيعت جي تاريخ ۾ جيڪا ترقي ۽ توسيع مذهب شيعه کي حضرت امام علي عليه السلام ۽ امام صادق عليه السلام کانپوءِ امام رضا عليه السلام جي دور ۾ نصيب ٿي اها ڪنهن ٻئي دور ۾ حاصل  ٿي نه سگهي ، ان جي وڏي ۾ وڏي وجهه حضرت امام رضا عليه السلام جو اخلاق ،وقار ،شخصيت ،صلابت ،۽ علمي برتري هئي جنهن ان وقت  جي عالمن ،دانشورن ۽مختلف مذهبن جي اڳواڻن کي سندن علمي عظمت جي  اڳيان گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ،جنهن سان نه فقط معاشري ۾ امام رضا عليه السلام جي علمي شخصيت نکري نروار ٿي بلڪه حق جي دين جي سچائي ۽ صلابت  پڻ ماڻهن اڳيان روشن ٿي ۽ گمراهيءَ جي راهن ۾ ڀٽڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن هدايت  جي سڌي راهه  ورتي.

اسلامي دنيا  ان وقت  علمي عروج تي هئي  مختلف هنر ن ۽ علمن جو مرڪز هئي بغداد پنهنجي علمي رونق جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور هئو ته عباسي خليفا پڻ پاڻ کي علم دوست ۽ شايق هنر چورائڻ  لاءِ آتا هئا ،اهڙي ماحول ۾ جتي علمي جدت ۽ ترقي ۾ پيشرفت ٿي ۽ ڪيترن ئي نون علمن جنم ورتو اتي اسلامي عقيدن ۾ شڪ شبها پڻ وجود ۾ آيا ۽ اسلام جي عربن جي جزيرن کان عجمن جي  وطيرن تائين پهچڻ سان نوان آيل  مسلمان  ايمان جي  نا پختگي ءَ ڪري طرحين طرحين جي وسوسن جو شڪار ٿيڻ لڳا هئا ۽ اسلام جي اصلي پيشوائن جي درکي ڇڏي رياءَ ڪارن جي گس تي ويهڻ جي ڪري اسلام جي خالص چهري تي خدشا اچڻ لڳا،اهڙي نازڪ  دور ۾ حضرت امام رضا عليه السلام پنهنجي امامت جي فريضي کي تمام سهڻي نموني ادا ڪيو ۽ ماڻهن کي اسلامي جي حقيقي روح کان روشناس ڪرايو،تمام شڪ  شبهن،خدشن ۽ وسوسن کي جڙ کان اکاڙي ماڻهن کي سئين دڳ لاتو ،اهو ئي سبب هئو جو خراسان جا ماڻهو سندن دلداده ٿي پيا ،مرد توڙي  عورتون ٻار توڙي ٻڍڙا سندن ديدار جا مشتاق ٿي پيا شل ڪنهن جاءِ تي امام جي اچڻ جي ڪل َ پوين ،انبوهن جا انبوهه ٿي گڏ ٿيا ۽ سندن قدم تي ڪري ٿي سرخرو ٿيا.

وقت جي حڪمرانن جڏهن  ماڻهن جي دلين ۾ سندن  لاءِ اهڙي عزت ۽ تڪريم ڏٺي ته کين پنهنجي شڪست ۽ امام عليه السلام جي سوڀ تي  واضح نظر آهي ،پوءِ ته قرآن جي آيت     ‏وَ مَكَرُوا مَكْرا        جي مصداق وتا ٿي سازشن جا ڄار  وڇائيندا،ليڪن جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪير چکي؟ ڇو جو  وَ اللَّهُ خَيْرُ الْماكِرين  آهي تنهن  پنهنجي پيارن جي هميشه مدد ڪئي آهي جنهن ڪري دشمن هميشه ٿي خوار ٿيا ۽ حق وارا وڌيڪ نروار ٿيا

جيڪي  سازشون امام رضا  عليه السلام جي شان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ  رٿيون انهن مان هڪ سازش علمي مناظرن ۽ مباحثن  واري به آهي جڏهن مامون رشيد سندن علمي صلاحيتن کي ماڻهن  اڳيان لڪائڻ ۽ ان کي ڪم رنگ  ڪرڻ جي لاءِ مختلف مذهبن  جي مايه ناز عالمن کي پري پري کان گهرائي ،کين لالچ ۽لوڀ سان يا داٻا ۽دهمان ڏئي ڪري امام عليه السلام سان  مناظرو ڪرڻ لاءِ   مجبور  ٿي ڪيو  ته  ائين ڪرڻ سان امام عليه السلام کي شڪست ٿئي ۽ هو ماڻهن  جي دلين تان سندن ابوهت ۽ شان لهي وڃي، امام عليه السلام جيتوڻيڪ اهڙن مناظرن جا مشتاق نه هئا ليڪن جڏهن اهو ٿي ڏٺائون ته مناظرو نه ڪرڻ جي صورت ۾ حق ۽ حق جي دين اسلام جي شڪست ٿي ٿئي ۽ماڻهن جي نظر ۾ باطل ۽اهل باطل جو قد ٿو وڌي ته  انهن مناظرن  جي چلينج کي خوشيءَ سان قبول ڪيائون ۽ پوءِ انهن مناظرن ۾  باطل جي مدعين کي  عبارتناڪ شڪست ڏئي  حق ۽ حقيقت کي ائين وائکو  ڪيائون جو هر حق  ڪنهن کي ٽاڪ منجهند ۾چمڪندڙ سج کان وڌيڪ جرڪندڙ  ٿي نظر آيو.

هونءَ ته حضرت امام رضا عليه السلام جن  پنهنجي دور ۾ڪيترائي مناظرا ڪيا  ليڪن انهن مان ست مناظرا سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن جن کي شيخ صدوق عليه الرحمه پنهنجي ڪتاب عيون اخبار الرضا ۾۽ علامه مجلسي رح جن بحار الانوار  جي جلد نمبر 49۾ ذڪر ڪيو  آهي ، اسان  هتي انهن مناظرن مان هڪ کي بطور مثال بيان ڪيون  ٿا جيڪوتاريخ جي ورقن تي پنهنجي تازگي ءَ کي اڃان تائين برقرار رکيو ٿو اچي ۽ هر پڙهندڙ جي دل ۾ عالم آل محمد ع جي  علمي ابوهت ۽ سندن فهم وفراست کي اڃان وڌيڪ نکيري نروار ٿو ڪري

نصراني عيسائين جي روحاني پيشوا  جاثليق سان مناظرو

مامون رشيد جي درٻار  ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هئي هڪ طرف يهودين جو بزرگ عالم دين  راس الجالوت  “[iv]”پنهنجي هم مذهبن سان گڏ ويٺل هئو ته ٻئي پاسي عيسائي نصرانين جو سرواڻ جاثيلق  “[v]”براجمان هئو جيڪي حضرت محمد مصطفى ص جي نبوت جامنڪر هئا ۽ حضرت عيسى ع کي پنهنجو خدا تسليم ڪندا هئا، ٽئين طرف صابئي مذهب جو اڳواڻ  عمران صابئي هئو ته چوٿين پاسي آتش پرستن جو اڳواڻ هربز اڪبر  هئو تخت تي مامون ويٺل هئو ته هڪ پاسي بني هاشم جا جوان ويٺا هئا ، اوچتو  در وازو کڙڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام داخل ٿيا ته مامون ۽ سڀ  ويٺل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اٿي پيا ،خليفي  پاڻ هلي اچي استقبال   ڪيو ۽ کين پاڻ سان گڏ تخت تي جاءِ ڏني ،تشريفات جي بجا آوريءَ کانپوءِ امام ع جا هڪ ئي محفل ۾ چار مناظرا چئن مختلف مذهبن جي اڳواڻن سان ٿيا جن  سڀني ۾ امام عليه السلام جن سوڀ ماڻي انهن مناظرن مان هڪ  مناظرو عيسائي نصرانين جاثليق سان ٿيو جنهن ۾ جاثليق مناظري جو آغاز ڪندي مامون رشيد سان مخاطب ٿيندي  چيو:مان ان شخص سان ڪهڙو مناظرو ڪيان جيڪو اهڙي نبيءِ   کي مڃي ٿو ،جنهن جو آءُ منڪر آهيان ۽ اهڙي ڪتاب (قرآن) مان دليل آڻيندو جنهن کي آءُ نه ٿو مڃان؟

امام عليه السلام:اي نصراني جيڪڏهن توهان جي ڪتاب انجيل مان دليل آڻيان ته مڃيندي؟

جاثليق :  ڇا آءُ انجيل جو انڪار ڪري سگهان ٿو ؟  خدا جو قسم ته ان دليل کي مڃيندس ڀلي کڻي اهو منهنجي نقصان ۾  ئي ڇونه هجي

امام عليه السلام: جيڪو پڇڻ  چاهين ٿو سو پڇ؟

جاثليق :  حضرت عيسي ع  نبوت ۽سندن ڪتاب کي مڃو ٿا  يا نه؟

امام عليه السلام: آءُ اقرار ٿو ڪيان حضرت عيسى ع جي نبوت جو۽ سندن ڪتاب ۽ ان بشارت جو جيڪا هن پنهنجي امت کي ڏني ۽ سندس حوارين ان جو اقرار ڪيو ۽ آءُ ان عيسى جي نبوت جو انڪار ٿو ڪريان جنهن محمد مصطفى ص جي نبوت ۽ سندن ڪتاب جو اقرار نه ڪيو ۽ان جي خوشخبري پنهنجي امت کي نه ڏني

جاثليق :  ڇا فيصلي لاءِ ٻه گواهه هجڻ ضروري ناهن ؟ته پوءِ  حضرت محمد ص جي نبوت کي ثابت ڪرڻ لاءِ  ٻه اهڙا شاهد آڻ جيڪي تنهنجي مذهب جا نه هجن، نصراني به  سندن شهادت کي قبول ڪندا هجن ؟

امام عليه السلام: جيڪڏهن اهڙا شاهد آڻيان جيڪي عادل هجن ۽ عيسي ع وٽ به سڀني کان وڌيڪ عزيز هجن ته پوءِ؟

جاثليق :   اهڙو ڪهڙو شاهد آهي؟

امام عليه السلام:يوحنّا ديلمي (حضرت عيسي ع جو حواري) جي باري۾ ڇا ٿو چوين؟

جاثليق :  بيشڪ هو حضرت عيسى کي سڀني کان وڌيڪ پيارو آهي؟

امام عليه السلام: توکي خدا جو قسم ڇا انجيل ۾ هيءَ ڳالهه نه ٻڌائي اٿائين ته :حضرت عيسى مسيح  مون کي محمد عربي جي دين  بابت آگاهه ڪيو ۽خوشخبري ڏني ته اهڙو پيغمبر ايندو۽مون پڻ حوارين کي خوشخبري ڏني ۽ انهن پڻ ايمان آندو؟

جاثليق :  اهو ذڪر ته آهي ته هڪ نبي ايندو  ليڪن ان جو وقت معين ناهي ته ڪڏهن ايندو؟۽ڪهڙين خوبين جو مالڪ هوندو؟

امام عليه السلام: جيڪڏهن ڪنهن کان انجيل  جون اهي سٽون پڙهايون  جنهن ۾محمد مصطفى ص۽ سندس اهلبيت ۽ سندس امت جو نالو هجي ته پوءِ ايمان آڻيندي؟

جاثليق :  بيشڪ

……………………………………………

امام عليه السلام يهودين جي عالم دين راس الجالوت کي مخاطب ٿيندي فرمايو:ڇا تو انجيل پڙهيو آهي ؟ جيڪڏهن آءُ پڙهان  ۽ اهو صحيح هجي ته تون  منهنجي حق ۾ گواهي ڏجان. پوءِ امام عليه السلام انجيل مان ٽئين سِفِر کي  پڙهيو ۽ جڏهن نبي سائين ءَ جي نالي تي پهتا ته جاثليق کي مخاطب ٿيندي چيائون  ته اي نصراني تو کي عيسى مسيح ۽ سندن ماءُ جي حق جو قسم ڇا آءُ انجيل ڄاڻان ٿو؟

جاثليق  :  بيشڪ

امام عليه السلام نبي سائين سندن آل ۽ امت جي نالن جي تلاوت ڪرڻ کان پوءِ جاثليق کي چيو:  ڇا اهو عيسى بن مريم جو ڪلام ناهي؟ جيڪڏهن انڪار ڪرين ته  موسى ع عيسى ع ٻنهي جو انڪار ڪئي ۽ڪافر ٿي ويندي

جاثليق  :  جيڪو ڪجهه انجيل ۾ روشن ۽ واضح آهي ان جو انڪار نه ٿو ڪري سگهان.

………………………… ان وچ ۾ ٻيا به ڪجهه سوال جواب ٿيا تان جو ………………

امام عليه السلام فرمايو:  توهان جي حضرت عيسى عليه السلام جي  باري ۾ اسان جو اعتراض آهي ته  هو  نماز گهٽ پڙهندو هئو ۽ روزا گهٽ رکندو هئو

جاثليق  :  خوشي وچان چوڻ لڳو تو پنهنجي علمي ڪمزوري ظاهري ڪري ڇڏي ،مان ته تو کي مسلمانن جو وڏي وڏو عالم ٿي سمجهو؟

امام عليه السلام فرمايو:   اهو وري ڪئين؟

جاثليق  :   توهان چيو ته حضرت عيسى عليه السلام نماز گهٽ پڙهندو هئو ۽ روزا گهٽ رکندو هئو جڏهن ته هوهميشه ڏينهن جو روزا رکندو هئو ۽رات جو عبادت ڪندو ۽ ڪڏهن به سڄي رات سمهي نه گذاريندو هو؟

امام عليه السلام فرمايو:   (جيڪڏهن حضرت عيسي الله هئو ته )اها عبادت ڪنهن  لاءِ ڪندو هئو ۽ روزا ڪنهن جي لاءِ ٿي رکيائين؟

جاثليق  : جواب نه ڏئي سگهيو ۽ خاموش ٿي ويو جو  ڪجهه ڪڇڻ سان  شڪست ٿي  کاڌائين

ان کان پوءِ امام عليه السلام کائنس ڪجهه سوال پڇا جن جو هو جواب نه ڏئي سگهيو آخر ۾ پنهنجي شڪست جو اعتراف ڪندي چيائين

عيسى مسيح جو قسم ڪڏهن گمان به نه ڪيوهيم ته مسلمانن ۾ تو هان جهڙو به ڪو عالم هوندو؟؟ “[vi]

 

حوالا ……..

[i] _ اصول ڪافي ج 1ص 316

[ii] _اعلام الورى صفحو 302

[iii] بحارالأنوار ج : 49 ص : 101

[iv] _ راس الجالوت يهودي قوم جي بزرک دانشمندن جو خاص لقب آهي.

[v] _ نصراني مذهب جي عالمن ۾ وڏي ۾ وڏي پادري(عالم دين) کي جاثليق سڏيو ويندو هئو

[vi] _ سيره پيشوايان صفحو 315 کان326 تائين

 

برچسب‌ها:, , ,