حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت (4)

حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت (4)
2021-02-24
176 بازدید

11_سندن مزار سئو سال کان وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي خانه ڪعبه ۾ ايندڙ علي ،مسجد ڪوفه ۾ شهيد ٿيندڙ علي عه جنهن جا فضايل مشرق کان مغرب تائين بيان ڪيا وڃن ٿا ، ان جي مظلوميت جي انتها اها هئي جو سندن مزار 100 سال کان به وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي ايستائين جو […]

11_سندن مزار سئو سال کان وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي

خانه ڪعبه ۾ ايندڙ علي ،مسجد ڪوفه ۾ شهيد ٿيندڙ علي عه جنهن جا فضايل مشرق کان مغرب تائين بيان ڪيا وڃن ٿا ، ان جي مظلوميت جي انتها اها هئي جو سندن مزار 100 سال کان به وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي ايستائين جو امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي اصحابن کي ان جي نشاندهي ڪئي. شيخ مفيد پنهنجي ڪتاب الارشاد ۾ لکي ٿو: و تولى غسله و تكفينه ابناه الحسن و الحسين ع بأمره و حملاه إلى الغري من نجف الكوفة فدفناه هناك و عفيا موضع قبره بوصية كانت منه إليهما في ذلك … فلم يزل قبره ع مخفيا حتى دل عليه الصادق جعفر بن محمد ع في الدولة العباسية

حضرت علي عليه السلام کي سندن فرزندن حسن۽حسين عليهما السلام غسل۽ ڪفن ڏنو ۽کين سندن وصيت مطابق ڪوفي کان نجف واري پاسي خفيه دفن ڪيو ويو،سندن قبر ايستائين مخفي هي جو امام جعفر صادق عليه السلام ان کي بنو عباس جي  دور ۾ ظاهر ڪيو . ”[i]

سيد ابن طاؤس لکي ٿو: فاقتضي ذالك أن أوصى بدفنه عليه السلام سرا خوفا من بني أمية وأعوانهم والخوارج وأمثالهم فربما لو نبشوه مع علمهم بمكانه حمل ذلك بني هاشم على المحاربة والمشاققةحضرت علي عليه وصيت ڪئي ته کين خفيه طور دفن ڪيو وڃي متان بنو اميه،سندن پيروڪارن يا خارجين کي خبر پوي ۽ اهي سندن قبر کوٽڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ائين بني هاشم ۽ انهن جي وچ ۾ ويڙهه وڌي“ . ”[ii]

12_سندن قبر کوٽڻ جي سازش

شريف انسان احسان جو بدلو احسان سان چڪائيندا آهن ليڪن پليد انسان پنهنجي پليديءَ جي ڪري احسان فراموش ٿي ڪري دشمني پاڙيندو آهي اهڙو ئي حال اهلبيت عليهم السلام جو ابدي دشمن مروان جو آهي.قاضي نعمان بن محمد پنهنجي ڪتاب شرح الاخبار ۾ سندس خباثت جي داستان بيان ڪندي لکي ٿو: قد كان علي عليه السلام أسره يوم الجمل، فمن عليه وأطلقه، فما راعى ذلك ولا حفظه بل قد شاور معاوية اللعين في نبش قبر علي صلوات الله عليه لما غلب على الامر… يحرضه بذلك على نبش قبر علي عليه السلام، ويذكره قتلى بدر من بني عبد الشمس، ومن قتل منهم على الكفر غير موسد ولا مدفون.[iii]

مروان کي علي عليه السلام جنگ جمل ۾ گرفتار ڪيو ليڪن پوءِ سندس مٿان احسان ڪندي آزاد ڪيائين،ليڪن مروان احسان فراموشي ڪئي۽جڏهن معاويه حڪومت تي ويٺو ته کيس مشورو ڏنائين ته حضرت علي عليه السلام جي قبر کوٽي وڃي….کيس حضرت علي جي قبر کوٽڻ جي تشويق ڏياريندي،ياد پئي ڏياريائين ته جنگ بدر ۾ جيڪي قتل ٿي ويا هئا اهي عبدالشمس جي خاندان مان هئا۽جيڪي ان جنگ ۾ قتل ٿيا هئا اهي بغير دفن ڪفن جي رهجي ويا هئا.

13_ علي عليه السلام۽ عثمان جي قاتلن ۾ فرق

تاريخ جي ورق ۾ عليه السلام سان ٿيل ظلمن جا داستان پڙهي ڏک ۽حيرت سان دل ڀرجي وڃي ٿي ۽ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيو ته ڇا ظلم جا اهڙا اهڙا روپ به سامهون اچي سگهن ٿا.؟ڇا حضرت علي عليه السلام کان وڌيڪ به ڪو مظلوم ٿي سگهي ٿو.؟

تعجب ٿئي ٿو تاريخ جي اهڙن منصفن تي جيڪي عثمان جي قاتلن کي ته دين مان خارج ٿيل مرتد،ظالم ستمگر۽خوانخوار چون ٿا،ليڪن مجسمه ايمان،مظهر عدالت،مولاي متقيان جي قاتل کي مسلمان،محب خدا و رسول سڏين ٿا پهريان عثمان جي قاتلن جي باري ۾ هيٺيان قول پڙهو:

1_ابن حزم اندلسي لکي ٿو:فسّاق،ملعونون،محاربون،سافكون دماًحراماًعمداً [iv]

(عثمان جا قاتل فاسق،ملعون،دهشتگرد۽ناحق خون وهائيندڙ آهن.)

2_ابن تيميه لکي ٿو: قوم خوارج ، مفسدون فى الأرض ، لم يقتله إلّا طائفة قليلة باغية ، ظالمة ، وأمّا الساعون فى قتله فكلّهم مخطئون ؛ بل ظالمون باغون معتدون.[v]

عثمان کي قتل ڪندڙ، دين مان خارج، زمين۾فساد پيدا ڪندڙ،اهڙن ماڻهن جو ننڍو ٽولو هئو، جيڪي باغي۽ظالم هئا ۽جن به سندس قتل۾ انهن جي مدد ڪئي،اهي سڀ خطاڪار،ظالم،باغي۽حد کان تجاوز ڪندڙ هئا.

3_ابن کثير لکي ٿو: هؤلاء الذين خرجوا على أمير المؤمنين عثمان رضى اللّه عنه من جملة المفسدين فى الأرض . . . البغاة الخارجين على الإمام . . . الجهلة .[vi]

اهي جن اميرالمومنين عثمان تي خروج ڪيو، اهي زمين تي فساد ڦهلائيندڙ،باغي۽پنهنجي وقت جي امام تي خروج ڪندڙن  جاهلن منجهان هئا

هاڻي اچو ڏسون ته مولاي ڪائنات حضرت علي عليه السلام جي قاتل جي باري ۾ اهي ماڻهو ڇا ٿا چون.

1_ابن حزم اندلسي لکي ٿو:لا خلاف بين أحد من الأمّة فى أنّ عبد الرحمان بن ملجم ، لم يقتل عليّاً إلّا متأوّلاً مجتهداً مقدّراً أنّه على صواب…[vii]

امت ۾ ان ڳالهه تي ڪوبه اختلاف ناهي ته عبدالرحمان ابن ملجم  علي عه  کي(قرآن جي تفسير۽) تاويل ۽اجتهاد ڪندي قتل ڪيو۽هن جو عقيدو هئو ته سندن ڪم صحيح آهي.

2_ ابن تيميه لکي ٿو: الذى قتل عليّاً كان يصلّى ويصوم ، ويقرأ القرآن ، وقتله معتقداً أنّ اللّه ورسوله يحبّ قتل علىّ ، وفعل ذلك محبّة للّه ورسوله فى زعمه ، وإن كان فى ذلك ضالاً مبتدعاً [viii]

جنهن علي ع کي قتل ڪيو اهو نماز پڙهندڙ، روزو رکندڙ۽ قرآن پڙهندڙ هئو .هن علي ع کي قتل ڪيو جڏهن ته اهو عقيدو هيس ته الله ۽ ان جو رسول علي ع جي قتل کي پسند ڪري ٿو،هن اهو ڪم پنهنجي گمان ۾ الله ۽ رسول جي محبت ۾  پئي ڪيو جيتوڻيڪ هو گمراهه۽بدعت گذار هئو.

اهي سڀ ڪجهه ڪيو ويو جڏهن ته رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جون صريح حديثون موجود آهن ته حضرت علي عليه السلام جو قاتل پوري انسان ذات مان بدبخت۽پليد ترين شخص هئو.مثلا مسند احمد بن حنبل ۾ آيو آهي ته عمار ياسر کان نقل ٿيو آهي ته هڪ جنگ ۾ آءَ علي ع سان گڏ ويٺو هئس ته رسول خدا آيا۽ فرمايائون :

قال الا أُحَدِّثُكُمَا بِأَشْقَى الناس رَجُلَيْنِ قُلْنَا بَلَى يا رَسُولَ اللَّهِ قال أُحَيْمِرُ ثَمُودَ الذي عَقَرَ النَّاقَةَ والذي يَضْرِبُكَ يا علي على هذه يَعْنِى قَرْنَهُ حتى تُبَلَّ منه هذه يَعْنِى لِحْيَتَهُ[ix]

ڇا اوهان کي سڀني انسانن مان ٻن سڀني کان وڌيڪ بدبخت ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايان؟ چيوسين جي ها،يارسول الله ! پاڻ فرمايائون پهريون اهو جنهن حضرت صالح جي ڏاچيءَ جا پير ڪٽيا۽ٻيو اهو ياعلي جيڪو تنهنجي سر تي هتي (هٿ سان اشارو ڪندي فرمايائون) وار ڪندو۽تنهنجي ڏاڙهيءَ کي خون سان رنگين ڪندو.

بهرحال حضرت علي عليه السلام جي مٿان ٿيل ظلم ان کان گهڻا آهن جو ڳڻي سگهجن فقط ان دعا سان مقالي جي پڄآڻي ڪيون ٿا ته خداوند متعال حضرت علي عليه السلام جي يارهين فرزند ،وقت جي امام،حضرت حجت ابن الحسن عج جي ظهور ۾ تعجيل فرمائي جيڪو سندن انتقام وٺي.

(وَسَيَعْلَمُ الَّذينَ ظَلَمُوا أَيَّ مُنْقَلَبٍ يَنْقَلِبُون‏)

[i] _ الارشاد في معرفة حجج الله علي العباد، ج1، ص10

[ii] _ فرحة الغري في تعيين قبر أمير المؤمنين علي، ص54

[iii] _ شرح الاخبار في فضائل االائمة الاطهار، ج3، ص162

[iv] _ الفِصَل ج 4 ص 161

[v] _ منهاج السنة :ج 6 ص245 ، 296 ، 297

[vi] _ البداية والنهاية :ج 7 ص 208 ،حوادث سنة 35

[vii] _ ڪتاب المحلي لابن حزم ج 10 ص 484

[viii] _ منهاج السنة :ج1 ص 153 .

[ix] _ مسند أحمد : ج4 ص263

برچسب‌ها:, , , ,