حضرت بيبي فاطمه زهرا س جون آخري وصيتون

حضرت بيبي فاطمه زهرا س جون آخري وصيتون
2021-03-11
230 بازدید

 ليکڪ خادم حسين الحسيني اسان  ھن مختصر تحرير ۾ حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها پاران پنهنجي شوهر مولاءِ ڪائنات حضرت عليه السلام کي ٿيل آخري وصيتن جو سنڌي ترجمو پيش ڪريون ٿا. جيڪي سندن ايمان ، اخلاص جي اعلى مرتبي جون عڪاس هجڻ سان گڏ دنيا وارن کان سٺل صدمن کي به اجاگر […]

 ليکڪ خادم حسين الحسيني

اسان  ھن مختصر تحرير ۾ حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها پاران پنهنجي شوهر مولاءِ ڪائنات حضرت عليه السلام کي ٿيل آخري وصيتن جو سنڌي ترجمو پيش ڪريون ٿا. جيڪي سندن ايمان ، اخلاص جي اعلى مرتبي جون عڪاس هجڻ سان گڏ دنيا وارن کان سٺل صدمن کي به اجاگر ڪري ٿي ۽ سندن لفظن جي اٿاهه گهرائين ۾ ڇُپيل مظلومت دنيا جي هر زنده دل انسان جي ضمير کي جنجهوڙي ٿي ته دنيا وارن پنهنجي نبيءَ جي نياڻيءَ سان اهو ڪهڙو ورتاءُ ڪيو جو زهرا س رات جي تاريڪيءَ ۾ دفن ٿيڻ کي پسند ڪيو!!

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ‏ هَذَا مَا اوْصَتْ بِهِ فَاطِمَةُ بِنْتُ رَسُولِ اللَّهِ ص اوْصَتْ وَ هِيَ تَشْهَدُ انْ لَا الَهَ الَّا اللَّهُ وَ انَّ مُحَمَّدا عَبْدُهُ وَ رَسُولُهُ وَ انَّ الْجَنَّةَ حَقٌّ وَ النَّارَ حَقٌ‏ وَ انَّ السَّاعَةَ اتِيَةٌ لا رَيْبَ فِيها وَ انَّ اللَّهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُورِ يَا عَلِيُّ انَا فَاطِمَةُ بِنْتُ مُحَمَّدٍ زَوَّجَنِيَ‏ اللَّهُ‏ مِنْڪ لِاڪونَ لَڪ فِي الدُّنْيَا وَ الْاخِرَةِ انْتَ اوْلَى بِي مِنْ غَيْرِي حَنِّطْنِي وَ غَسِّلْنِي وَ ڪفِّنِّي بِاللَّيْلِ وَ صَلِّ عَلَيَّ وَ ادْفِنِّي بِاللَّيْلِ وَ لَا تُعْلِمْ احَدا وَ اسْتَوْدِعُڪ اللَّهَ وَ اقْرَا عَلَى وُلْدِيَ السَّلَامَ الَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ [1]

شروع الله جي نالي سان جيڪو رحمن ۽ رحيم ٓآهي: هي وصيت فاطمه بنت رسول الله (صلى الله عليه وآله) ڪري رهي آهيان ، جڏهن ته گواهي ڏيان ٿي ته الله کانسواءِ ڪو به معبود ناهي،شاهدي ڏيان ٿي ته محمد (صلى الله عليه وآله) سندس ٻانهو ۽ رسول آهي ، بيشڪ جنت حق آهي، جهنم حق آهي ۽ قيامت اچڻي آهي جنهن ۾ ڪو به شڪ ناهي ، ۽ بيشڪ خدا ماڻهن کي قبرن مان اٿاريندو (۽ کانئن حساب وٺندو).

يا علي عه ! آءُ فاطمه بنت محمد (عليها السلام) آهيان جنھن جي شادي الله اوهان سان ڪرائي ته جيئن آءُ دنيا ۽ آخرت ۾ توهان لاءِ هجان. بيشڪ توهان ٻين سڀني کان مون لاءِ  وڌيڪ بهتر آهيو.

(يا علي عه ) مون کي رات جو غسل ۽ ڪفن ڏجان ۽ منهنجي نماز جنازه رات جو پڙهجان ۽ رات جو ئي مون کي دفن ڪجان جيئن ڪنهن خبر نه پوي . آءُ توهان کي الله سائينءَ جي حوالي ڪيان ٿي ۽ قيامت تائين ايندڙ منهنجي بچڙن کي مهنجا سلام ڏجان.

زيد بن علي کان نقل ٿيل هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته

 

 هَذِهِ وَصِيَّةُ فَاطِمَةَ بِنْتِ مُحَمَّدٍ اوْصَتْ بحق ارطها [بِحَوَائِطِهَا] السَّبْعِ الْعَوَافِ وَ الدَّلَالِ وَ الْبُرْقَةِ وَ الْمَبِيتِ وَ الْحُسْنَى وَ الصَّافِيَةِ وَ مَالِ امِّ ابْرَاهِيمَ الَى عَلِيِّ بْنِ ابِي طَالِبٍ ع فَانْ مَضَى عَلِيٌّ فَالَى الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ع وَ الَى اخِيهِ الْحُسَيْنِ صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَيْهِ وَ الَى‏ الْاڪبَرِ فَالْاڪبَرِ مِنْ وُلْدِ رَسُولِ اللَّهِ ص ثُمَّ انِّي اوصِيڪ فِي نَفْسِي..اذَا انَا مِتُّ فَغَسِّلْنِي بِيَدِڪ وَ حَنِّطْنِي وَ ڪفِّنِّي وَ ادْفِنِّي لَيْلًا وَ لَا يَشْهَدْنِي فُلَانٌ وَ فُلَانٌ وَ لَا زِيَادَةَ عِنْدَڪ فِي وَصِيَّتِي الَيْڪ وَ اسْتَوْدَعْتُڪ اللَّهَ تَعَالَى حَتَّى الْقَاڪ جَمَعَ اللَّهُ بَيْنِي وَ بَيْنَڪ فِي دَارِهِ وَ قُرْبِ جِوَارِهِ [2]

 

هيءَ وصيت آهي فاطمه بنت محمد (صلى الله عليه وآله)  ته وصيت ڪيان ٿي ته (منهنجي) ستن ڪوٽ کنيل باغن: عواف،دلال،برقه ،مبيت، حسنى ،صافيه ۽ ام ابراهيم جو (سنڀال ڪندڙ) وصيُ علي بن ابي طالب (عليه السلام) آهي (ته جيئن انهن جي آمدنيءَ کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪري). سندن وڃڻ کانپوءِ حسن بن علي (عليه السلام) ۽ کائنس پوءِ سندس ڀاءُ حسين (عليه السلام) آهي . ۽ پوءِ آل رسول(عليهم السلام)  منجهان هر وڏي کان پوءِ ايندڙ وڏڙو(منهنجو) وصي آهي. تنهن کان پوءِ توهاي (يا علي عه) پنهنجي بابت وصيت ڪيان ٿي… جڏهن آءُ هن دنيا مان هلي وڃان ته مون کي پنهنجي هٿن سان غسل ڏجان، حنوط ۽ ڪفن ڏجان ۽ مون کي رات جو دفن ڪجان. ۽ منهنجي جنازي تي فلان ۽ فلان کي حاضر ٿيڻ نه ڏجان. آءُ وڌيڪ توهان کي ڪا وصيت نه ٿي ڪيان ۽ توهان کي خدا جي حوالي ڪيان ٿي، ايستائين جو الله اسان کي پنهنجي (ابدي) گهر ۽ پنهنجي قرب (واري منزل) ۾ گڏ ڪري .

شيخ عباس قمي بيت الاحزان ۾ اهڙي طرح ڪشف الغمه ۾ آيو آهي ته پاڻ وصيت ڪيائون ته :

لاتُصَلّي عَلَي امَّة، نَقَضَتْ عَهْدَاللّهِ وَ عَهْدَ ابي رَسُولِ اللّهِ في اميرالْمُؤمنينَ عَلي،وَ ظَلَمُوالى حَقيّ، وَاخَذُوا ا رْثي، وَخَرقُوا صَحيفَتي اللّتي ڪتَبها لي ابي بِمُلْڪ فَدَڪ  [3]

اهي ماڻهو منهنجي مٿان نماز (جنازه) نه پڙهن جن الله ۽ منهنجي والد الله جي رسول سان اميرالمومنين متعلق (خم غدير ۾) ڪيل عهد کي ٽوڙيو، جن منهنجو حق ظلم ڪندي کاڌو، جن منهنجي ميراث کسي ۽ منهنجي ان تحرير کي (ٽڪرا ٽڪرا ڪري) ڦاڙيو جيڪا مون کي فدڪ جي ملڪيت بابت بابا لکي ڏني هئي.

حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي وفات جي خبر ڏيندي ۽ صبر جي تلقين ڪندي فرمايائون:

يا ابَاالْحَسَنِ، انَّ رَسُولَ اللّهِ صَلَّى اللّهُ عَلَيهِ وَالِهِ عَهِدَ الَيَّ وَ حَدَّثَني انّي اوَّلُ اهْلِهِ لُحُوقا بِهِ وَلا بُدَّ مِنْهُ، فَاصْبِرْ لا مْرِاللّهِ تَعالى وَارْضَ بِقَضائِهِ. [4]

بيشڪ الله جي رسول (ص) مون کي خبر ڏني هئي ته سندس خاندان مان ساڻس ملڻ واري آءُ پهرئين هستي هوندس ۽ بيشڪ  ائين ضرور ٿيندو تنهنڪري خدا جي حڪم تي صبر ڪر ۽ سندس رضا تي راضي رهه.

ان کانپوءِ کين وصيت ڪندي فرمايائون:

اوُصيڪ يا ابَاالْحَسنِ انْ لاتَنْساني ، وَ تَزُورَنى بَعْدَ مَماتي .[5]

اي ابوالحسن مون کي نه وسارجان ۽ منهنجي وفات کان پوءِ منهنجي زيارت لاءِ اچجان.

حضرت علي عليه السلام پنهنجي لاءِ دعا ۽ قرآن پڙهڻ جي درخواست ڪندي فرمايائون:

فَاڪثِرْ مِنْ تِلاوَةِ الْقُرآنِ، وَالدُّعاءِ، فَانَّها ساعَةٌ يحْتاجُ الْمَيتُ فيها الى اُنْسِ الاْحْياءِ.[6]

حضرت علي عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمايائون: (جڏهن مون کي دفن ڪئي ته) منهنجي لاءِ قرآن واڪ جي تمام گهڻي تلاوت ڪر ۽ دعا گهر بيشڪ دنيا ڇڏڻ وارو ان حال ۾ انهن ٻنهي جو زندن کان وڌيڪ محتاج آهي.

بيبي صاحبه جن کي پردو تمام گهڻو پسند هئو ايستائين جو پاڻ عورتن کي نصيحت ڪندي فرمايو اٿائون: خَيرٌ لِلِنّساء انْ لايُرينَ الرِّجالَ وَلايراهُنَّ الرِّجالُ. [7] ( عورتن لاءِ سڀني کان وڌيڪ  بهتر شيء اها آهي ته نه ڪنهن (نا محرم) مرد کي ڏسن ۽ نه ئي (نامحرم) مردن جي انهن مٿان نظر پوي.)

جڏهن هڪ انڌو شخص سندن گهر ۾ آيو ته پاڻ ان کان به پردو ڪيائون جڏهن ڪنهن ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: انْ لَمْ يڪنْ يراني فَانّى اراهُ، وَ هُوَ يشُمُّ الريح [8]( جيتوڻيڪ هو مون کي ڏسي نه ٿو سگهي ليڪن آءُ ته کيس ڏسي سگهان ٿي. ان کان علاوه اهو شخص ( عورتن جي) خوشبوءِ ته محسوس ڪري سگهي ٿو.). ڏسو بيبيءَ کي اهو به پسند نه هئو جو سندن خوشبوءِ نامحرم شخص تائين پهچي، تنهنڪري جڏهن پاڻ اهو ڏٺائون ته مديني جا ماڻهو مري ويل عورتن جي جنازي کي ائين هڪ کليل کٽ مٿان رکي هڪ ڪپڙو وجهي ڇڏين ٿان جنهن سببت سندن جسم نمايان رهي ٿو .

تنهنڪري پاڻ اسماء بنت عميس کي وصيت ڪندي فرمايائون  :

   انّي قَدِ اسْتَقْبَحْتُ ما يصْنَعُ بِالنِّساءِ، انّهُ يطْرَحُ عَلىَ الْمَرْئَةِ الثَّوبَ فَيصِفُها لِمَنْ رَاى ، فَلا تَحْمِليني عَلى سَريرٍ ظاهِرٍ، اسْتُريني، سَتَرَڪ اللّهُ مِنَ النّارِ. [9]

آءُ سٺو نه ٿي سمجهان جيڪو عورتن جي (جنازن) سان ڪيو ويندو آهي جو انهن مٿان فقط هڪ ڪپڙو رکيو ويندو آهي (جنهن سان سندن جسم نمايان هوندو آهي ، جنهن کي نامحرم مرد ڏسي ٿو ) ۽ ٻين کي ٻڌائي ٿو. تنهن ڪري مون کي کليل کٽ تي نه کڻجو. مون کي (تابوت ۾) لڪائجان، (دعا تي ڪريان ته )خدا تو کي جنهم جي باهه کان بچائيندو.

اهو ئي سبب آهي جو اسلامي معاشري ۾ پهريون تابوت سائڻ زهرا سلام الله عليها لاءِ ٺاهيو ويو ۽ ان ۾ ئي کين دفن ڪيو ويو

آخري وقت ۾ به مسلمانن  ۽ پنهنجي  بابا جي امت جي فڪر ۾ هيون جو پاڻ فرمايو اٿائون:  إذا حُشِرْتُ يَوْمَ الْقِيامَةِ، اشْفَعُ عُصاةَ اُمَّةِ النَّبيَّ صَلَّى اللّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ. [10]

جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي امت جي گناهگارن جي شفاعت ڪنديس.

مردن کي ٻين مردن ۽ خاص ڪري عورتن جي عزت ڪرڻ جو درس ڏيندي فرمايو اٿائون: خِيارِڪم اليَنُڪم مَناڪبَهُ و اڪرَمُهُم لِنِسائِهِم [11] (توهان مان سڀني کا ن وڌيڪ ڀلو اهو آهي جيڪو مردن سان وڌيڪ نرم  آهي ۽ پنهنجي عورتن جي وڌيڪ عزت ڪري ٿو.)

ليڪن جن سندن حق غصب ڪيو تن کان زندگيءَ جي آخري لمحي تائين پنهنجي بيزاريءَ ۽ ناراضگي ختم نه ڪيائون ،جڏهن آخري ڏهاڙن ۾ پهرين ۽ ٻئين خليفي ساڻن ملڻ ۽ معافي گهرڻ جو اظهار ڪيو ڪيو ۽ سندن گهر آيا ته پاڻ انهن مخاطب ڪندي فرمايو:

انّي اشْهِدُاللّهَ وَ مَلائِڪتَهُ، انَّڪما اسْخَطْتُماني ، وَ ما رَضيتُماني ، وَ لَئِنْ لَقيتُ النَبِي لا شْڪوَنَّڪما الَيهِ.[12]

تون ٻنهي مون کي ناراض ڪيو اهي ۽ مون کي راضي نه رکيو،  جڏهن نبيءَ (ص) سان ملندس ته کيس اوهان ٻنهي جي شڪايت ڪندس.

ابوبڪر کي مخاطب ٿيندي فرمايائون:

وَاللّهِ، لاڪلَّمْتُڪ ابَدا، وَاللّهِ لا دْعُوَنَّ اللّهَ عَلَيڪ في ڪلِّ صَلوةٍ. [13] (خدا جو قسم ! هاڻي هرگز تو سان نه ڳالهيندس ۽ خدا جو قسم! هر نماز ۾ توکي بد دعا ڏيندس.)

عمر بن خطاب کي مخاطب ٿيندي فرمايائون:

وَاللّهِ يابْنَ الْخَطّابِ لَوْلا انّي اڪرَهُ انْ يصيبَ الْبَلاء مَنْ لاذَنْبَ لَهُ، لَعَلِمْتَ انّي سَاقْسِمُ عَلَى اللّه،ثُمَّ اجِدُهُ سَريعَ الا جابَةِ.[14]

خدا جو قسم ! اي خطاب جا پٽ، جيڪڏهن بيگناهن مٿان الله جي عذاب جو ڊپ نه هجي ها ته تون ڏسين ها ته خدا کي قسم ڏيان ها (۽ بد دعا ڪيان ها) ۽ ڏسين ها ته ڪيترو جلدي هو منهنجي دعا قبول ڪري ٿو.

پنهنجي شيعن جي حق ۾ دعا ڪندي فرمايائون :

الهي وَ سَيدي ، اسْئَلُڪ بِالَّذينَ اصْطَفَيتَهُمْ، وَ بِبُڪاءِ وَلَدَي في مُفارِقَتي،انْ تَغْفِرَ لِعُصاةِ شيعَتي ، وَشيعَةِ ذُرّيتَي .[15]

اي منهنجا الله ، اي منهنجا مالڪ ، توکان سوال ٿي ڪريان ـــ توکي انهن ولين جو واسطو ڏئي ڪري جن کي تو پاڻ چونڊيو آهي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي انهن لڙڪن جو جيڪي منهنجي جدائيءَ ۾ ڳاڙيندا ـــ اسان جي گناهگار شيعن کي بخشي ڇڏ.

18 سال زندگي دنيا ۾ زندگي گذاريندڙ سائڻ کي دنيا مان فقط ٽي شيون ئي پسند آيون جن جو اظهار ڪندي پاڻ فرمايائون: حُبِّبَ الَي مِنْ دُنْياڪمْ ثَلاثٌ: تِلاوَةُ ڪتابِ اللّهِ، وَالنَّظَرُ في وَجْهِ رَسُولِ اللّهِ، وَالاْنْفاقُ في سَبيلِ اللّهِ.[16]

توهان جي دنيا مان مونکي فقط ٽي شيون پسند آهن؛ هڪ قرآن مجيد جي تلاوت، الله جي رسول جي چهري جي زيارت ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ.

آخر ۾ خداوند متعال کان دعا ٿا گهرون ته اسان کي سائڻ جو پاڪ ڪلام سمجهڻ ، ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عنات فرمائي

حوالا….

[1] – بحار الانوار (ط – بيروت) ؛ ج‏43 ؛ ص214

[2] – ساڳيو  ج‏100، ص: 186

[3] – بيت الا حزان : ص 113، ڪشف الغمّة : ج 2، ص 494.

[4] – بحارالا نوار: ج 43، ص 200، ح 30.

[5] – زهرة الرّياض ڪوڪب الدّري : ج 1، ص 253.

[6]– بحارالا نوار: ج 79، ص 27، ضمن ح 13

[7] – بحارالا نوار: ج 43، ص 54، ح 48.

[8] – ساڳيو: ج 43، ص 91، ح 16، ا حقاق الحقّ: ج 10، ص 258.

[9] – تهذيب الا حڪام : ج 1، ص 429، ڪشف الغمّه : ج 2، ص 67

[10] – احقاق الحقّ: ج 19، ص 129.

[11] – دلائل الامامة (ط – الحديثة) ؛ ؛ ص76

[12] – بحارالا نوار: ج 28، ص 303، صحيح مسلم : ج 2، ص 72، بخاري : ج 5، ص 5.

[13] –  صحيح مسلم : ج 2، ص 72، صحيح بخاري : ج 6، ص 176

[14] – اصول ڪافي : ج 1، ص 460

[15] – ڪوڪب الدّري: ج 1، ص 254

[16] – وقايع الايام خياباني، جلد صيام، ص295

برچسب‌ها:, ,