حضرت امام علي عليه السلام جي مظلوميت (3)

حضرت امام علي عليه السلام جي مظلوميت (3)
2021-02-24
173 بازدید

3_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي آگاهه ڪندا هلون […]

3_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ

حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي.

ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي آگاهه ڪندا هلون ته حضرت رسول الله ص جو پنهنجي مشهور صحابي ۽ حضرت علي سلام جي ادنى خادم حضرت خذيمه بن ثابت جي هڪ گواهي ٻن گواهين جي برابر قرار ڏيندي فرمايو ته خذيمه جي هڪ گواهي ٻن گواهين برابر آهي [i] جڏهن ته ان جي مقابلي۾ حضرت علي عليه السلام خليفة الله،وصي رسول الله۽صديق اڪبر هجڻ سان ايمان ۾ خديمه بن ثابت کان ڪيترائي درجا  بلند هئا ليڪن افسوس جو سندن گواهيءَ کي هڪ عام گواهه  جي حيثيت ۾ به قبول نه ڪيو ويو جڏهن ته پاڻ صديق اڪبر هئا جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي ته پاڻ فرمايائون (عَنْ عَبَّادِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ قَالَ عَلِيٌّ أَنَا عَبْدُ اللَّهِ وَأَخُو رَسُولِهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا الصِّدِّيقُ الْأَكْبَرُ لَا يَقُولُهَا بَعْدِي إِلَّا كَذَّابٌ .. )[ii] ترجمو: مان الله جو ٻانهو،رسول الله جو ڀاءُ آهيان،آءُ صديق اڪبر آهيان۽اها دعوى مون کان بعد ڪوڙي کانسواءِ ڪو نه ڪندو.

ڇا حضرت علي عليه السلام نعوذبالله پنهنجي گواهيءَ ۾ ڪوڙو هئو يا سندن مقام حذيمه بن ثابت کان گهٽ هئو جو سندن گواهي قبول نه ڪئي وئي…..؟ ڇا سندن گواهي جو رد ٿيڻ حضرت علي الله سان ظلم نه هئو؟

4_ عثمان جي قتل جو بي بنياد الزام

ڇا اها حضرت علي عليه السلام  جي مظلوميت ناهي جو سندن مٿان بي گناهه هوندي به عثمان جو قتل جو الزام لڳايو وڃي ۽ ان بهاني جنگ جمل۽صفين جهڙين خوني جنگين ۾ هزارين مسلمانن جو خون وهايو وڃي،جڏهن ته تاريخ گواهه آهي ته حضرت علي عليه السلام عثمان جي قتل ٿيڻ جي آخري لحظي تائين ان قتل کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا،جڏهن عثمان جي گهر جو پاڻي بند ڪيو ويو ته پنهنجي فرزندن کي پاڻي ڏئي سندن گهر موڪليائون.ان گهر جي حفاظت لاءِ حسن۽ حسين عليه السلام کي بيهاريائون[iii].جڏهن ته ان جي مقابلي ۾  خون عثمان جو انتقام،حضرت علي ع  کان وٺڻ جو نعرو هڻڻ وارا، يا پاڻ ان جي قتل ۾ حصي وارا هئا يا وري ڄاڻي واڻي سستي ڪندي عملي طور تي عثمان جي ڪابه مدد نه ڪئي هئائون .

امام عليه السلام جنگ جمل ۽صفين برپا ڪرڻ وارن جي باري ۾ فرمائن ٿا: و انهم ليطلبون دما، هم سفکوه» اهي ان خون جو حساب پيا وٺن جيڪو پاڻ وهايو هئن. يافرمايو اٿائون[iv]

معاويه سان مخاطب ٿيندي فرمايائون: فاما اکثارک الحجاج علی عثمان و قتلته فانک انما نصرت عثمان حيث کان النصر لک، و خذلته حيث کان النصر له [v]

تون جيڪو (هن وقت)عثمان ۽ان جي قتل تي زور پيو ڏئين، تو ان وقت عثمان  جي مدد پئي ڪئي جڏهن اها تنهنجي فائدي ۾ هئي،جڏهن اها تنهنجي نقصان۽عثمان جي فائدي ۾ ٿئي ته تو کيس ڇڏي ڏنو.

ان کان پوءِ پاڻ سندن مٿان ان  الزام لڳائڻ وارن جي حقيقي مقصد کي وائکو ڪندي فرمائن ٿا وَ اللَّهِ مَا اسْتَعْجَلَ مُتَجَرِّداً لِلطَّلَبِ بِدَمِ عُثْمَانَ إِلَّا خَوْفاً مِنْ أَنْ يُطَالَبَ بِدَمِهِ لِأَنَّهُ مَظِنَّتُهُ. هن عثمان جي خون جو انتقام وٺڻ ۾ ان لاءِ جلدي ڪئي، جو ڊپ هئس ته متان ٻيا کائنس عثمان جي قتل جو قصاص ورتو وڃي ڇو جو ڇو جو سندس دامن عثمان جي قتل واري معاملي ۾ صاف نه هئو ” [vi]

امام جي ڪلام مان خبر پوي ٿي ته امام تي عثمان جي قتل جو الزام هڻڻ جا ٻه سبب هئا هڪ ته جئين اهي ماڻهو جن جو پنهنجو دامن ان سلسلي ۾ صاف نه هئو پنهنجي جان ڇڏائڻ پيا چاهن ٻيو ڪجهه ماڻهو ڏسن پيا ته کين سياسي فائدو عثمان جي قتل سان حاصل ٿيندو نه ان جي زندهه رهڻ سان.

5_تهمتون۽ بهتان

دنيا جو عجيب نظام آهي جو ڪڏهن ته فاسقن ۽ فاجرن جي شان ۾ انهن جي چاپلوسي ڪندي قصيدا پڙهيا وڃن ٿا ته ڪڏهن حق جي امام تي به ڪوڙيون ڳالهيون ۽ بهتان هنيا وڃن ٿا.هتي اسان ڪجهه کي بيان ڪيون ٿا .

1_ حضرت علي عه   کي ڪوڙو ڪرڻ

حيرت جي ڳالهه آهي جو اهي مسلمان جيڪي ٻين خليفن جي وڃڻ کانپوءِ کين صديق اڪبر پيا چون ليڪن حضرت علي عليه السلام  جي حڪومت هوندي به کين  ”نعوذ بالله“ڪوڙو پيا چون.ڇا مظلوميت ان کان وڌيڪ ٻئي ٿي سگهي جو حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي ئي دور حڪومت ۾ اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون پيون پون .جيڪي اڄ  به اسان کان گوارا نه ٿيون ٿين،حضرت علي عليه السلام  ان باري ۾ پنهنجي غم و غصي جو اظهار ڪندي نهج البلاغه ۾فرمائن ٿا:وَ لَقَدْ بَلَغَنِي أَنَّكُمْ تَقُولُونَ عَلِيٌّ يَكْذِبُ قَاتَلَكُمُ اللَّهُ تَعَالَى فَعَلَى مَنْ أَكْذِبُ أَ عَلَى اللَّهِ فَأَنَا أَوَّلُ مَنْ آمَنَ بِهِ أَمْ عَلَى نَبِيِّهِ فَأَنَا أَوَّلُ مَنْ صَدَّقَه [vii]

مون ٻڌو آهي ته اوهان چئو ٿا ته علي ڪوڙ ٿو ڳالهائي،خدا توهان کي قتل ڪري ڇا مان الله تي ڪوڙ ٿو هڻان ؟ جڏهن ته مان ان تي سڀ ايمان پهريان ايمان آڻڻ وارن مان آهيان،يا مان ان جي رسول تي ڪوڙ ٿو هڻان؟ جڏهن ته مون سڀ کان پهريان ان جي تصديق ڪئي آهي…

2_ حضرت علي عه مديني ۾ هڪ  وڏي حادثي جوسبب آهي

هن روايت تي کي ڏسو: ما قدم أبو هريرة العراق مع معاوية عام الجماعة ،جاء إلى مسجد الكوفة … وقال : يا أهل العراق ، أتزعمون أنى أكذب على الله وعلى رسوله ، وأحرق نفسي بالنار ! والله لقد سمعت رسول الله صلى الله عليه وآله يقول : ( إن لكل نبي حرما ، وإن حرمي بالمدينة ، ما بين عير إلى ثور ، فمن أحدث فيها حدثا فعليه لعنة الله والملائكة والناس أجمعين ) ، وأشهد بالله أن عليا أحدث فيها : فلما بلغ معاوية قوله أجازه وأكرمه.

جڏهن ابوهريره معاويه سان گڏ عام الجماعه واري سال ڪوفه آيو  ته مسجد ڪوفه ۾ وارد ٿيو…چيائين اي اهل عراق ڇا اوهان گمان ڪيو ٿا ته مان الله ۽ ان جي رسول تي ڪوڙ هڻندس؟۽پنهنجي پاڻ کي جهنم جي باهه ۾ ساڙيندس؟ خدا جو قسم رسول الله ص کان ٻڌم ته فرمايائون:. هرنبيءَ جو حرم آهي منهنجو حرم مدينو آهي،عير کان وٺي ثور تائين(حرم جي حد آهي) جنهن به ان حرم ۾ حادثو ڪيو ان تي الله،ملائڪ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي، پوءِ ابوهريره چيو مان خدا کي گواهه بڻائيندي شاهدي ٿو ڏيان ته علي ان حرم ۾ حادثي جو سبب ٿيو آهي.جڏهن معاويه کي اها خبر پئي ته ابوهريره کي انعام و اڪرام ڏنائين ”[viii]

6_سندن حڪم جي نافرماني

حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت جي مختلف پهلوئن مان هڪ اهو آهي ته سندن بيعت ڪندڙ به سندن فرمانبرداي نه پيا ڪن،سندن پنهنجي ئي لشڪر ۾ اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي سندن فرمان تي لبيڪ نه پيا ڪن.جنهن جي نتيجي ۾ حضرت علي عليه السلام پنهنجي خلافت جي عظيم مقصدن کي پائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا اهو ئي سبب جو معاويه جي بغاوت ڪامياب وئي جنهن سازشن سان اسلامي سلطنت جي هڪ حصي کي ڦٻائي جيڪو هرگز علي عليه السلام جي لاءِ آسان نه هئو لهذا پاڻ هميشه ڪوفين جي مختلف لفظن ۾ مذمت ڪندا رهيا جيڪي سندن فرمان تي وڙهڻ لاءِ تيار نه هئا.مثلا هڪ جاءِ تي پنهنجي لشڪر وارن کي تنبيه ڪندي فرمائن ٿا: كَمْ أُدَارِيكُمْ كَمَا تُدَارَى الْبِكَارُ الْعَمِدَةُ وَ الثِّيَابُ الْمُتَدَاعِيَةُ كُلَّمَا حِيصَتْ مِنْ جَانِبٍ تَهَتَّكَتْ مِنْ آخَرَ كُلَّمَا أَطَلَّ عَلَيْكُمْ مَنْسِرٌ مِنْ مَنَاسِرِ أَهْلِ الشَّامِ أَغْلَقَ كُلُّ رَجُلٍ مِنْكُمْ بَابَهُ وَ انْجَحَرَ انْجِحَارَ الضَّبَّةِ فِي جُحْرِهَا وَ الضَّبُعِ فِي وِجَارِهَا … وَ اللَّهِ لَكَثِيرٌ فِي الْبَاحَاتِ قَلِيلٌ تَحْتَ الرَّايَاتِ وَ إِنِّي لَعَالِمٌ بِمَا يُصْلِحُكُمْ وَ يُقِيمُ أَوَدَكُمْ وَ لَكِنِّي لَا أَرَى إِصْلَاحَكُمْ بِإِفْسَادِ نَفْسِي.

آءُ توهان سان ڪيستائين اهڙي نرمي ڪندو رهان جيڪا ان بيمار اٺ سان ڪئي وڃي جنهن جو ٿوهو کوکلو ٿي ويو هجي يا ان پراڻي ڪپڙي وانگر جنهن  جي هڪ پاسي کي سبيو وڃي ته ٻيو حصو ڦاٽي پوي ٿو .جڏهن به شام جي طرف کان ڪو لشڪر اچي ٿو ته توهان مان هر هڪ ائين گهر ۾ در بند ڪري ويهي رهي ٿو جيئن ڳوهه پنهنجي ٻر ۾۽ وڇون پنهنجي سوراخ ۾.خدا جوقسم توهان پنهنجي گهر جي صحن ۾ جنگ جي ميدان کان وڌيڪ ويٺل ٿا ڏسجو،مون کي اوهان کي سڌو ڪرڻ جو طريقو اچي ٿو ليڪن مان نه ٿو چاهيان ته پنهنجو دين برباد ڪري اوهان جي اصلاح ڪريان.

عادل حڪمران جي اطاعت ڪرڻ جتي ظلم آهي اتي معاشري جي لاءِ اجتماعي آفت جوباعث بڻجي ٿي

7_سندن فضيلتن جو لڪائڻ

حضرت علي عليه السلام  جي حق ۾ ٿيل سنگين ظلمن مان هڪ اهو آهي  ته سندن باري ۾ بيان ٿيل بيشمار فضيلتن لڪايو ويو ته جئين سندن عزت ۽عظمت ماڻهن جي سامهون اچي نه سگهي.جنهن ۾ بنواميه وارا سڀني کان اڳرا هئا .ابن ابي الحديد نهج البلاغه تي لکيل پنهنجي شرح ۾ ان جو اظهار ڪندي لکي ٿو: قال [ابو جعفر]: وقد صح أن بني أمية منعوا من إظهار فضائل علي ع و عاقبوا على ذلك الراوي له حتى أن الرجل إذا روى عنه حديثا لا يتعلق بفضله بل بشرائع الدين لا يتجاسر على ذكر اسمه فيقول عن أبي زينب.[ix]

ابو جعفر چوي ٿو ته اهو مطلب ته صحيح آهي ته بنو اميه حضرت عليه السلام جي فضائلن کي بيان ڪرڻ کي ممنوع ڪري ڇڏيو هئو ۽ان جي فضائلن جي بيان ڪندڙن کي سزا ڏيندا هئا ايستائين جو جيڪڏهن ڪو شخص شرعي مسئلن ۾ به سندن روايت بيان ڪندو هئو ته علي عليه السلام جو نالو وٺڻ جي جرت نه ڪندو بلڪه چوندو هو ته ابو زنيب هيئن چيو…

ڪنهن دانشمند ڪيترو نه ڀلو جملو حضرت علي عليه السلام جي باري ۾ چيو آهي ته :مون کي تعجب آهي  علي عه تي جنهن جي فضيلتن کي دوستن ڊپ وچان۽دشمنن حسد جي ڪري لڪايو ليڪن پوءِ سندس فضيلتون ايتري وڏي مقدار ۾ اسان تائين پهتيون آهن.

8_ منبرن تان کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي رسم

غيرت مند ماڻهن جي دشمني، دشمن جي هن دنيا مان وڃڻ تائين ئي هوندي آهي .ليڪن حضرت علي عليه السلام سان دشمني ڪندڙ ماڻهن پنهنجي دشمنيءَ ۾ ان حد تائين ڪريل هئا جو سندن وڃڻ کان پوءِ به کين بخش نه ڪيائون۽ منبرن تان کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي باقاعده رسم  جي صورت ڏنائون ۽ ان کي هڪ اهم شرعي فرض وانگر مسلسل هلائيندا رهيا ،ايستائين جو عمر بن عبدالعزيز ان کي بند ڪرايو .

ان پليد رسم کان مڪي ۽ مديني جا منبر به امان ۾ نه هئا .حموي معجم البلدان ۾ لکي ٿو: لعن علي بن أبي طالب،رضي الله عنه ،على منابر الشرق والغرب … منابر الحرمين مكة والمدينة . علي عليه السلام کي مغرب ۽مشرق جي منبرن تان گهٽ وڌ ڳالهايو ويو ….(ايستائين جو) مڪي۽مديني جي منبرن تان.”[x]

اهل سنت جو نامور اديب۽مفسر زمخشري لکي ٿو ته حضرت علي عليه السلام تي ستر هزار منبرن تان  تبّرو ڪرايو ويو .هي لکي ٿو : إنّه كان فى أيّام بنى اميّة أكثر من سبعين ألف منبر يلعن عليها علىّ بن أبى طالب بما سنّه لهم معاوية من ذلك. بنو اميه جي دور ۾ ستر هزار کان وڌيڪ منبر هئا جن تان حضرت علي عليه السلام تي  معاويه جي سنت تي عمل ڪندي تبرا ڪئي ويندي هئي [xi]

ڇا اهو ظلم ناهي ته مڪي ۽ مديني جا اهي منبر جن تان الله جو پاڪ رسول علي عليه السلام جا فضائل بيان ڪندي نه ٿڪبو هئو .انهن ئي منبرن تان علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي،سندن مٿان تبرا ڪيا وڃن ؟

9_کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان انڪار جي سزا

بنو اميه جي دور ۾ جتي حضرت علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو اتي جيڪڏهن ڪير کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندو هئو ته ان کي سزا ڏني ويندي هئي.

اهل سنت جو مشهور عالم ذهبي پنهنجي ڪتاب سيراعلام النبلاءِ ۾ ابن ابي ليلى جو داستان بيان ڪندي لکي ٿو: روي عن أبي حصين، أن الحجاج استعمل عبد الرحمن بن أبي ليلى على القضاء ثم عزله ، ثم ضربه ليسب أبا تراب رضي الله عنه .ابو حصين روايت ٿو ڪري ته حجاج عبدالرحمن بن ابي ليلى کي قاضي ڪري رکيو هئو پوءِ کيس معذول ڪري مار ڏنائين ته جيئن حضرت علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهائي.”[xii]

10_عليءَ  جو نالو رکڻ جي سزا موت آهي.

حضرت علي عليه السلام سان دشمنيءَ جي حد ايتري ته وڌي چڪي هئي جو سندن دشمن اهو گوارا نه ڪندا هئا ته ڪير پنهنجي نئين ڄاول ٻار تي علي نالو رکي.اهو ئي سبب آهي ته علم رجال وارن علي بن رباح جي سوانح حيات ۾ لکن ٿا ته : كانت بنو أميّة إذا سمعوا بمولود إسمه على، قتلوه فبلغ ذلك رباحاً فغيّر إسم بنيه  ”بنو اميه وارا جڏهن ٻڌندا هئا ته ڪنهن  نئين ڄاول ٻار  جو نالو علي آهي ته ان کي قتل ڪري ڇڏيندا آهن“،جڏهن اها خبر رباح کي پئي ته هن پنهنجي پٽ جو نالو مَٽائي ڇڏيو“ ”[xiii]

[i] _(ڏسو ڪتاب المستدرڪ على الصحيحين ج3ص448 ۽ المعجم الڪبيرج4 ص 84)

[ii]_ سنن ابن ماجة ، ج1 ، ص 44 ، و البداية والنهاية ، ج3 ، ص 26 و  المستدرك ، ج3 ،  ص 112

[iii] _ مروج الذهب مسعودي جلد 1 صفحو 311

[iv] _نهج البلاغه خطبو22

[v] _نهج البلاغه،خط 37

[vi] _نهج البلاغه  خطبو 174

[vii] _نهج البلاغه خطبو 71

[viii] _ شرح نهج البلاغه ابن ابي حديد ج 4 ص 67

[ix] _شرح نهج البلاغه ،ابن ابي الحديد ج 4 ص 73

[x] _ معجم البلدان ، ج3 ، ص191 .

[xi] _ ربيع الابرار ، ج 2 ، ص186

[xii] _ سير اعلام النبلاء ، ج4 ، ص267 .

[xiii] _ سير أعلام النبلاء :ج 5 ص  102 ،ج 7 ص 413 ، تهذيب الڪمال : ج 20 ص 429 ،  ترجمة على بن رباح

برچسب‌ها:, , ,