حضرت امام رضا (ع) جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون(۱)

حضرت امام رضا (ع)  جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون(۱)
2021-03-11
233 بازدید

مقدمو ليکڪ خادم حسين الحسيني حضرت امام رضا عليه السلام سن 201 هجريءَ  ڌاري [i] رمضان مهيني ۾مامون عباسيءَ جي  ولي عهديءَ کي قبول ڪيو ،ماڻهن امام جي بيعت ڪئي ،۽ رسمي طور ايندڙ خليفي  لاءِ امام جي نالي جو اعلان  پوري اسلامي سلطنت ۾ ڪيو ويو ، امام جي نالي تي  نئون اسلامي سڪو […]

مقدمو

ليکڪ خادم حسين الحسيني

حضرت امام رضا عليه السلام سن 201 هجريءَ  ڌاري [i] رمضان مهيني ۾مامون عباسيءَ جي  ولي عهديءَ کي قبول ڪيو ،ماڻهن امام جي بيعت ڪئي ،۽ رسمي طور ايندڙ خليفي  لاءِ امام جي نالي جو اعلان  پوري اسلامي سلطنت ۾ ڪيو ويو ، امام جي نالي تي  نئون اسلامي سڪو جاري  ٿيو ،خطيبن منبرن تي امام  جي ولي عهديءَ جو  ذڪر ڪيو. هيءُ  اسلامي تاريخ جو هڪ اهڙو اهم واقعو هئو جنهن بابت  اسلامي معاشري جي مختلف طبقن مان مختلف رد عمل سامهون آيا . ڪجهه  گروهن سياسي مصلحتن ،خاص ڪري بنو عباس جي خلافت جي ٽٽڻ جي خوف سبب  ان ولي عهديءَ جي شدت سان مخالفت ڪئي ته ڪجهه گروهه  وري  ان کي شرعي لحاظ کان  هضم نه ڪري سگهيا  ۽  ڪجهه ساده  لوح ماڻهن  ان ولي عهديءَ کي قبول ڪرڻ  به  جائز  نه سمجهيو.۽ اهو اعتراض ڪيو ته  امام  ڪيئن هڪ ظالم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيا جڏهن ته عباسي نه  فقط  سندن والد  ۽ وڏڙن جا قاتل هيا  بلڪه سندن هٿ هزارين   شيعن ۽  اهلبيت عليهم السلام  جي حبدارن جي    خون سان رنگين آهن.

هن مختصر مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته  امام رضا عه  جع ولي عهديءَ  واري واقعي  جو مختلف پهلوئن کان جائزو ورتو ويو آهي جن مان هيءُ ٽي اهم آهن   1.مامون پاران  امام کي ولي عهد مقرر  جا هدف 2.امام پاران  ولي عهديءَ جو منصب قبول ڪرڻ جا سبب 3.  ڇا مامون پنهنجي هدف ۾  ڪامياب ويو؟

ليڪن سڀ کان پهريان هن سوال جوب ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڇا حڪومت ۽ ولايت پاڻ ۾ سازگاري رکن ٿا  يا نه ؟ ٻين لفظن ۾ ڇا امام جو حڪومت ڪرڻ يا ان کي  حاصل ڪرڻ  لاءِ جدوجهد ڪرڻ سندس حقانيت،تقوى ۽ پرهيزگاري  جي خلاف آهي ؟ يعني جيڪو حڪومت ڪري يا حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري  ڇا اهو حق تي ناهي ؟ يا اهو دنيا جي خواهش رکي ٿو  لهذا  امام ناهي؟

ڇا امامت حڪومت سان سازگار ناهي؟

ان سوال جو سادو جواب هيءُ آهي ته اسلامي معاشري تي حڪومت ڪرڻ ۽ معاشري کي اسلامي قدرن مطابق هلائڻ  نه فقط محمد وآل محمد (عليهم السلام) جو حق آهي بلڪه اهم فرض پڻ آهي .هيءُ اهو  مقدس فريضو آهي جنهن کي نه فقط گذريل نبين جهڙوڪ حضرت  دائود ۽ سليمان (ع) انجام ڏنو  بلڪه  ان جو بهترين مظاهرو  هجرت کان پوءِ  هڪ دفعو مديني منوره ۾  اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفى (ص) ۽ ٻيو دفعو  حضرت اميرالمومنين عليه السلام  پڻ پنهنجي دور خلافت ۾ ڪري ڏيکاريو ته جڏهن ته ۽ معاشري ۾ عزت ۽ اقتدار سان  اسلامي حڪمن ۽ قانونن کي نافذ ڪيائون.

ان مان خبرپوي ٿي ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ذات ۽ ذتي مفاد لاءِ نه هجي بلڪه الله جي دين جي حفاظت ۽ ڦهلاءَ ۽ معاشري جي راهنمائي ۽ فلاح  جي لاءِ هجي ته عين عبادت ۽ پيغمبرن جي سنت آهي  جنهن جو وڏو مثال قرآن مجيد ۾  حضرت دائود ، سليمان ۽ يوسف عليهم السلام جي روپ  ۾ موجود آهي جن نه دنيا تي حڪومت ڪئي ايستائين جو حضرت يوسف عليه السلام پاڻ فرعون  کان گهر ڪئي ته کيس وزير خزانه ڪري ته جيئن هو ماڻهن کي ڏڪر نجات ڏئي.( قَالَ اجْعَلْنِي عَلَىٰ خَزَائِنِ الْأَرْضِ ۖ إِنِّي حَفِيظٌ عَلِيمٌ [ii])  مون کي زمين  جي خزانن تي مقرر ڪر، بيشڪ  آءٌ نگھبان ، وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيان.

ان مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن حڪومت جو مقصد  فقط حڪومت ۽ پنهنجي ذات نه هجي بلڪه ان ذريعي الهي هدف تائين پهچڻ ۽ ماڻهن جي فلاح هجي ته اها امامت ،تقوى ۽ پرهيزگاريءَ سان ٽڪرائجي نه ٿي . بلڪه هڪ لحاظ کان اها امامت جي فرضن جي ادائگيءَ لاءِ بهترين وسيلو پڻ آهي

البته اسلامي تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته حضرت رسول الله  (ص) جي وفات کان پوءِ  ڪجهه خود غرض ماڻهن  حڪومت کي ان جي اصل محور کان ڦيرائي ڇڏيو،ايستائين جو بنو اميه ۽ بنو عباس جي زماني ۾ اها ذاتي ميراث  ۽  ابي،ڏاڏي جي جاگير وانگر پيءُ کان پٽ ۽ پٽ کان پوٽي ڏانهن ٿي منتقل ٿي. جن  کي ڪجهه وڪائو  محدثن، چاپلوس مقررن،۽ لالچي شاعرن ماڻهن اڳيان مقدس ۽ رسول الله (ص) جو حقيقي جانشين بڻائي  پيش ڪيو . ليڪن سندن ڪڌن ڪمن  ماڻهن کي کائن ايترو ته بدگمان ڪري ڇڏيو جو  ڪجهه ساده لوح ماڻهن جي نظر ۾ خود حڪومت ئي بڇڙي شيءِ بڻجي پئي ۽ سندن نظر ۾ امامت ۽ حڪومت ٻه مخالف شيون هيون جيڪي ڪڏهن به گڏجي نه پيون ٿي سگهن

جڏهن ته ٻئي پاسي  کان  ڊگهي عرصي کان آل رسول (ص) جو خلافت کان پري رهڻ ۽ ائمه معصومين عليهم السلام  جو عباسين جي  حڪومت خلاف اڀرندڙ  انقلابي تحريڪن  ۾ تعاون نه ڪرڻ _ جهڙوڪ ابراهيم، محمد امام،زيد بن موسى جون تحريڪون  _  سبب بڻيو ته ڪجهه ساده لوح ماڻهن ۾ اها سوچ پيدا ٿئي ته اصل ۾ حڪومت ۽ خلافت امامن جي شان وٽان ناهي ۽ امام حڪومت کي پسند نٿا ڪن. سندن رتبو  ان کان نهايت مٿاهون آهي جو هو پاڻ کي دنياوي عهدن سان آلوده ڪن ،ان خاطر جنگيون وڙهن ۽ ڪنهن جو خون وهائن.

اهوئي سبب آهي جو ڏسون ٿا ته  امام رضا عليه السلام جي ولايت عهديءَ کان واري واقعي کان پوءِ جتي هڪ پاسي سندن مخالفن پاران امام تي تنقيد ٿي ته ٻئي پاسي پنهنجن مان به ڪجهه ڪمزور ايمان ۽ ڪوتاهه فڪر۽ گهٽ سوچ رکندڙ ماڻهو به ان ڳالهه کي هضم نه پيا ڪري سگهن تن به امام تي اعتراض  ٿي واريو. جڏهن ته ان ڳالهه کان غافل هئا ته امام مجبوريءَ  ۾ ان کوکلي عهدي کي  سو به پنهنجي خاص شرطن سان قبول ڪيو هيو جڏهن ته جيڪڏهن حقيقت ائين نه هجي ها ۽ امام پنهنجي مرضيءَ ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ  ان عهدي کي قبول ڪن ها ته به کين حق حاصل هيو ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي ذات يا ذاتي مفاد  لاءِ نه بلڪه  الاهي هدف ۽ اسلامي معاشري کي صحيح دڳ لائڻ لاءِ هجي ها.

الف : مامون پاران  امام کي ولي عهد مقرر  جا هدف

مامون پاران امام کي مديني کان خراسان جي سرزمين تي گهرائي پهريان خود خلافت حوالي ڪرڻ جي آفر ڪرڻ ۽ امام جي انڪار تي ولي عهديءَ جو عهدو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ پويان سندس ڪهڙو هدف لڪيل هيو .ان بابت تاريخدانن۽ محققن ۾ اختلاف پاتو وڃي ٿو جنهن سبب ڪيترائي رايا سامهون آيا آهن ،ان اختلاف  جو اهم سبب اسلامي سلطنت جي سياسي حالتن کان علاوه خود مامون پاران مختلف جواز پيش ڪرڻ آهي، جنهن ڪڏهن به صداقت سان ڪو هڪ سبب نه ٻڌايو .۽ هر دفعي مختلف سبب بيان ڪيا. اسان هتي انهن مان ڪجهه اهم راين ڏانهن اشارو ڪيون ٿا.

1. نيڪ نيتيءَ سان خلافت آل محمد حوالي ڪرڻ پئي گهريائين

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مامون پاران امام کي ولي عهديءَ جي پيشڪش خالصتاً نيڪ نيتيءَ تي مبني هئي ۽ مامون چاهيو پئي ته آل محمد عليهم السلام کي انهن جو حق موٽي ملي  جيڪو  کائن کسجي ويو هيو البته  اها نيت مامون جي دل ۾ ڇو پيدا ٿي ان بابت  وري ٻه نظريا آهن

الف.ڇاڪاڻ ته مامون شيعه ٿي ويو هيو

هڪ گروهه جو خيال آهي ته مامون ٻين عباسي خليفن جي برخلاف شيعت طرف مائل هيو بلڪه هو پنهنجي شيعه هجڻ جو برملا اظهار به ڪندو هيو .لهذا هن امام کي مديني کان خراسان گهرايو ۽ امام کي خلافت ڏيڻ ٿي چاهيائين پر جڏهن امام   انڪار ڪيو ته کيس پاڻ کان بعد ولي عهد مقرر ڪيائين ته جيئن آل محمد عليهم السلام پنهنجو  اصل حق واپس وٺي سگهن.[iii]

ب: مامون امين خلاف جنگ ۾ باس باسي هئي

جڏهن ته ٻئي گروهه جو چوڻ آهي ته جڏهن مامون امين خلاف جنگ پئي لڙي ته سندس سياسي حالات اهڙا نه هئا جن مان سندس فتح ۽ڪاميابيءَ جو امڪان نظر اچي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف بغداد ۾ مرڪزي حڪومت سندس ڀاءُ امين وٽ هئي جيڪو سندس خون جو پياسو پئي ٿيو ته ٻئي طرف ايران ۾ به هرطرف مقامي بغاوتن ڪَرُ کنيو هيو. جنهن ڪري مامون جي افرادي قوت نه هجڻ برابر هئي اهڙين حالتن ۾ مامون باس باسي هئي ته جيڪڏهن هو جنگ ۾ ڪامياب ٿيو ته خلافت  حضرت امام رضا عليه السلام حوالي ڪري ڇڏيندو .اهڙي باس بابت هڪ روايت ۾ خود مامون جو به اظهار  ڪيو آهي [iv]

پهرئين راءِ تي تبصرو

جيتوڻيڪ هيءَ راءِ مامون جي حامين طرفان سندس ڪردار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام بهترين  آهي، ليڪن جيڪڏهن ان وقت جي سياسي پسمنظر ۽ مامون جي ڪردار جو  مطالعو ڪيو وڃي ته هن راءِ جو غلط هجڻ ثابت ٿي ويندو.

اهو شخص جيڪو خلافت ۽ حڪومت ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرائي سگهي ٿو ، جنگ ڪري پوري اسلامي سلطنت ۾ فساد ڦهلائي، ماڻهن جو خون وهائي سگهي ٿو . ان شخص کان اها توقع رکڻ ته جنهن حڪومت کي هن ايڏي وڏي جدوجهد  ڪري حاصل ڪيو آهي ان کي ايتري آسانيءَ سان ڪنهن  ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏي. خاص ڪري حضرت امام رضا عليه السلام جي حوالي ڪري جن جي خاندان سان سندن دشمني صدين تي محيط آهي ،جنهن والد جو قاتل سندس ئي پيءُ هئو.

باقي مامون ڪيترو شيعه هيو ان جو ثبوت به تاريخ جي مطالعي سان ملي وڃي ته اهو ئي مامون  امام کي ولي عهد چونڊڻ کانپوءِ به ڪيئن طرحين طرحين جون سازشون ڪري کين بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيو .ايستائين جو جڏهن  ڪنهن به نموني امام کي  جهڪائي نه سگهيو  ته کين زهر ڏئي  شهيد ڪري ڇڏيائين.

البته سندس منافقت ڀرئي شيعت جي اظهار  کي پڻ سندس سياسي ضرورت سان جوڙي سگهجي ٿو ته خراسان ۾ شيعت جو ايڏو وڏو تعداد موجود هيو جو جيڪڏهن اهي مامون جو ساٿ ڇڏين ها ته مامون جي حڪومت باقي نه رهي ها ۽ اها سندس سياسي مجبوري هئي ته هو پاڻ کي آل محمد (ع) جو حبدار ظاهر ڪري ته جيئن ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪري سگهي اهڙِي قسم جا مثال اڄڪلهه جي دنيا ۽ سياسي آکاڙن ۾ جام ملن ٿا.جتي ماڻهو شيعن وٽ پاڻ کي پڪو شيعو ته وهابين وٽ پاڻ کي ڪٽر وهابي ۽ بريلوين وٽ پاڻ کي سچو عاشق رسول ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ  تيار آهن. عيد تي نماز هٿ ٻڌي پڙهن ٿا ته محرم ڪارو ويس ڪري هٿ ۾ علم کڻن ٿا.

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ولي عهديءَ واري ،معاملي ۾ مامون جو ٻيو ڪوبه هدف هجي بهرحال ان ۾ مامون جي نيڪ نيتي هرگز نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو امام ان منصب کي قبول ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو .ايستائين جو کين قتل جي ڌمڪي به ڏني وئي تب پنهنجي خاص شرطن تي ئي ان کي قبول ڪيائون. ورنه امام جي انڪار جي ڪا ٻئي معقول وجه نظر نه ٿي اچي.

2.پنهنجي خلافت ۽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ

مامون جي هدف جي باري ۾ ٻئي مضبوط راءِ اها آهي ته مامون  پنهنجي حڪومت  بچائڻ لاءِ  ۽ ان کي لاحق  مختلف خطرات کان محفوظ ڪرڻ لاءِ حضرت امام رضا عليه السلام کي پنهنجو  ولي عهد بڻايو. هاڻي اسان هتي  مامون جي حڪومت  لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرات مان مکيه خطرن کي هتي بيان ڪريون ٿا.

الف: امام رضا عليه السلام جي عوام ۾ وڌندڙ مقبوليت

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي شهادت کان پوءِ جڏهن امام رضا عليه السلام  جڏهن پنهنجي  علمي ۽  اجتماعي سرگرميون شروع ڪيون ته  انهن کي تمام تيزي سان  اسلامي معاشري خاص ڪري مديني ۽ حجاز ۾ پذيرائي ملي ۽ امام ڏانهن ماڻهن جي رغبت ۾ نهايت تيزيءَ  سان اضافو ٿيو. جيئن هڪ حديث ۾ امام مديني ۾ پنهنجي مقبوليت ڏانهن اشارو ڪندي مامون کي   فرمائن ٿا:

     ” لقد کنت بالمدينة اتردد في طرقها علي دابتي و انّ اهلها و غيرهم يسألوني الحوائج،فأقضيتها لهم فيصيرون کالاعمام و ان کتبي لنافذة في الامصار و ما زدتني في نعمة هي علي من ربي” [v]

جڏهن آءَ مديني جي گلين مان سواري تي چڙهي گذرندو هيس ته ،مديني جاماڻهو ۽ ٻيا مون کان پنهنجيون حاجتون طلب ڪندا هئا ۽ مان سندن حاجتون پوريون ڪندو هئس  ته پوءِ اهي ڄڻ منهنجا رشتيدار ٿي ويندا هئا. منهنجي لکت شهرن ۾ نافذ هوندي هئي .بس جيڪا نعمت مونکي الله ڏني آهي ان ۾ تو ڪوبه اضافو ناهي ڪيو.

جڏهن ته ان جي بر خلاف حڪومت وقت کي پنهنجي عياشين ۽ مختلف بغاوتن کان واندو ٿي ڪري ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي فرصت ئي ڪانه هئي .ايتري ۾ مامون کي خدشو هيو  ته  متان ماڻهو امام سان گڏ ٿي وڃن ۽ حجاز ۾ سندس حڪومت لاءِ خطرو بڻجي وڃن  .لهذا امام کي مديني کان جلاوطن ڪري خراسان ۾ آندو  ويو ته جيئن ماڻهو امام سان رابطي ۾ نه رهن  ۽ ولي عهديءَ  جو اعلان ڪيو ويو ته جيئن  امام طرفان  انقلاب جي راهه کي روڪيو وڃي ۽   ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو و ڃي ته  امام حڪومت سان گڏ آهي ۽ مامون جي حڪومت دراصل امام جي حڪومت آهي. [vi]

ب: ملڪ ۾هلندڙ شيعه تحريڪن کي دٻائڻ

حڪومت کي لاحق خطرن مان هڪ ايران ۽ عراق جي مختلف علائقن ۾ حڪومت خلاف هلندڙ شيعه تحريڪون هيون .جن حڪومت جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو  هيو

ڪوفي ۾ ابوالسرايا،مڪي۽ حجاز ۾ محمد بن جعفر ”ديباج“ ، يمن ۾ ابراهيم بن موسى بن جعفر، مديني ۾محمد سليمان بن حسن ،واسط ۾ جعفر بن زيد۽ حسين بن ابراهيم۽ مدائن ۾ محمد بن اسماعيل بن محمد حڪومت وقت خلاف مسلح تحريڪن جي قيادت ٿي ڪئي جن حڪومت وقت لاءِ طرحين طرحين جو مشڪلاتون پيدا ڪيون [vii]     مامون امام کي ولي عهد ڪري انهن تحريڪن کي ڊگهي عرصي تائين دٻائڻ پئي چاهيو [viii]. ڇاڪاڻ ته جڏهن امام حڪومت سان گڏ هوندو ته انهن تحريڪن جي باري  شيعن ۾ اختلاف ٿيندو ۽ نتيجي ۾ اهڙيون تحريڪون پاڻ مرادو ختم ٿي وينديون..[ix]

ج: خراسان ۽ ان جي  ڀرپاسي موجود شيعن کي  پنهنجي حڪومت مڃائڻ لاءِ

مامون لاءِ  هڪ اهم مسئلو خراسان ۽ ايران ۾ موجود شيعن کي پاڻ سان ملائڻ هيو .ڇاڪاڻ ته انهن کانسواءِ  مامون جي حڪومت جو مسقبل خطري ۾ هيو .بنوعباس خاندان جي آل محمد عه سان دشمني ڪنهن تي لڪيل نه هئي. مامون لاءِ ته اهو ئي وڏو ننگ هيو ته هو هارون جو پٽ آهي جنهن امام موسى ڪاظم عليه السلام کي 27 سال  زندان ۾ رکڻ کانپوءِ  شهيد ڪرايو .هزارين سيدن ۽ شيعن جو خون  وهايو [x]. جنهن سبب شيعا هميشه کان بنو عباس خاندان کان بدگمان رهيا. مامون امام کي ولي عهد بڻائي چاهيو ٿي ته خراسان ۽ ان جي ڀرپاسي موجود شيعن جو اعتماد حاصل ڪري ۽ پنهنجي حڪومت کين مڃرائي ڇاڪاڻ ته امام رضا عليه السلام تڏهن ئي ولي عهد  ٿي پئي سگهيو جڏهن مامون خليفو هجي .مامون ان بهاني پنهنجي خلاف مڃرائڻ پئي گهري. .[xi]

د: عربن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ

مامون جي حڪومت جو هڪ اهم مسئلو اهو به هيو ته کيس عربن جي خاطر خواه حمايت حاصل نه هئي ڇاڪاڻ ته مامون خراسان ۾ حڪومت جوڙي هئي ۽ سندس ماءُ عربياڻي نه هئي . جنهن سبب عرب کيس  خليفو مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ سندن نظر ۾ مامون جي حڪومت ايرانين جي حڪومت هئي  [xii]. اهو ئي سبب هيو جو هارون جي مرڻ کانپوءِ  بغداد ۾ مامون بجاءِ  امين جي بيعت ڪئي وئي . مامون امام رضا عليه السلام کي ولي عهدي ڏئي ڪري عربن کي اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته سندس حڪومت عربن جي حڪومت آهي ۽ سندس مرڻ کانپوءِ به عربن کي ئي ملندي.ڇاڪاڻ ته سندس ولي عهد هڪ  عرب آهي   .[xiii]

[i] _مامون7  رمضان 201 هجريءَ ۾ امام جي ولايت عهديءَ جو خط لکيو (سيره پيشوايان،مهدي پيشوائي ص 484)

[ii] – يوسف 55

[iii] _ تجارت السلف ص 158-مروج الذهب ج 4 ص 28-ڪامل ابن اثير ج 5 ص 183

[iv] _ ارشاد مفيد ص 291- عيون اخبار الرضا ج 2 ص 151

[v] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 499،حديث 789

[vi] _ سيره پيشوايان ،مهدي پيشوائي ص 488

[vii] _ سيره پيشوايان ،مهدي پيشوائي ص 486

[viii] _ دلائل الامامه ص 197-مناقب ابن شهر آشوب ج 4 ص 363

[ix] _ مجموعه آثار شهيد مطهري ج18 صفحو 122

[x] _ سيره پيشوايان،مهدي پيشوائي ص 484

[xi] _ مجموعه آثار شهيد مطهري ج18 صفحو 122

[xii] _سيره پيشوايان،مهدي پيشوائي ص 484

[xiii] _ مجموعه آثار شهيد مطهري ج18 صفحو 122

برچسب‌ها:, , ,