حضرت امام رضا (ع) جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون(2)

حضرت امام رضا (ع) جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون(2)
2021-03-11
274 بازدید

حضرت امام رضا (ع) جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون حصو ٻيون ليکڪ : خادم حسين الحسيني هه: حڪومتي قدمن کي شرعي جواز فراهم ڪرڻ مامون  جو هڪ اهم هدف حڪومت جي هر صحيح ۽غلط قدم کي شرعي جواز فراهم ڪرڻ ۽  امام رضا عه کي ان ۾ شريڪ ڪري  ماڻهن جا وات بند ڪرڻ […]

حضرت امام رضا (ع) جي ولي عهدي ۽ ڪجهه حقيقتون

حصو ٻيون

ليکڪ : خادم حسين الحسيني

هه: حڪومتي قدمن کي شرعي جواز فراهم ڪرڻ

مامون  جو هڪ اهم هدف حڪومت جي هر صحيح ۽غلط قدم کي شرعي جواز فراهم ڪرڻ ۽  امام رضا عه کي ان ۾ شريڪ ڪري  ماڻهن جا وات بند ڪرڻ هيو  . ڇاڪاڻ ته مامون جي حڪومت اسلامي حڪومت هجڻ باوجود اهڙي ديني ۽ روحاني قداست کان خالي هئي ۽ ماڻهو سندس حڪمن کي شرعي حوالي سان ڪابه اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا  . هارون  ڪيترائي علمي مذاڪره ڪرايا ۽ ڪيترن  عالمن کي حڪومت  سان گڏ ڪيو ليڪن  اهي ماڻهن جي دلين  پنهنجي جاءِ   نه ٺاهي سگهيو .اهڙي صورت ۾ امام رضا عليه السلام کي ولي عهد مقرر ڪرڻ سان هن  چاهيو پئي ته امام جي محبت ،تقوى۽پرهيزگاري  مان فائدو وٺي ۽ حڪومتي قدمن کي شرعي جامو پارائي ماڻهن سامهون آڻي ۽ کين اهو پيغام ڏئي ته حڪومت جي مخالفت حقيقت ۾ دين جي مخالفت آهي .

ٻئين راءِ تي تبصرو

جيڪڏهن مامون جي دور حڪومت  جي سياسي حالات جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو  ته هي نظر قوت کان خالي ناهي،حڪومت خلاف مختلف شيعا ۽ غير شيعا بغاوتون، عرب ۽ عجم جي حسادت،حڪومتي نا اهلي ۽ حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي دردناڪ شهادت کانپوءِ امام رضا عليه السلام ڏانهن وڌندڙ لاڙو  ان نظرئي جي تائيد ڪري ٿو ته مامون پاران امام کي ولي عهد مقرر ڪرڻ ۾  هڪ اهم هدف حڪومت جي حفاظت هئو .ڀلي کڻي فقط اهو اڪيلو هدف نه هجي.

3. امام کي ماڻهن اڳيان بدنام ڪرڻ لاءِ

ھڪ ٽيون  نظريو اهو به پيش ڪيو ويو آهي ته مامون پاران امام کي ولي عهد مقرر ڪرڻ جو هڪ مقصد امام لاءِ  ماڻهن  جي دلين ۾ موجود احترام کي ختم ڪري کين ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرايو وڃي

جيئن  هشام بن ابراهيم –   جيڪو مامون جي ويجهن ساٿين مان هيو –  اهو خبيث باوجود ان جي جو  ولي عهدي قبول ڪرڻ لاءِ امام کي ڌمڪائڻ ۾ شريڪ هيو  ،امام جي قبول ڪرڻ کان پوءِ ريان بن صلت کي چوي ٿو : شيعن کي سندن امام کان بدگمان ڪرڻ جو ڀلو موقعو مليو اٿم ،شيعن کي چوندم

”متى کان آبائه يجلسون على الکراسي حتى يبايع لهم بولاية العهد کما فعل هذا لو قلت براسي هکذا لقالت الشعية براسها[1]

امام جي  بابي ڏاڏي مان ڪهڙي شخص ائين تحت تي ويهي ماڻهن کان ولايت عهدي لاءِ بيعت ورتي آهي جو هن (امام) ائين ڪيو ؟

جيڪڏهن مان اها ڳالهه شيعن کي چوندس ته هو منهنجي پيروي ڪندا ۽هن جي امامت  تان هٿ کڻي ويندا.

.باقي مامون اهو ڪم ڪيئن به ڪرڻ چاهيو ان  بابت پڻ  چند رايا  موجود آهن.

1.ماڻهن کي پيغام ڏيڻ ته امام کي به دنيا  جي خواهش آهي (نعوذ بالله)

امام کي عهدو ڏئي ڪري مامون اهو پئي ثابت ڪرڻ چاهيو  ته اها دنيا آهي جنهن  امام رضا عليه السلام کان هن وقٿ تائين منهن موڙيو هيو  نه ڪه امام رضا عليه السلام .امام کي به دنيا جي اوتري ئي خواهش آهي جيتري ٻين کي .امام رضا  عه کي سدائين حڪومت جي خواهش هئي ۽ جڏهن کيس موقعو  مليو ته ان کي وٺڻ  لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو  ايستائين جو مامون جو ولي عهد ٿيڻ به قبول ڪيائين [2]

امام رضا عليه السلام پڻ مامون جي ولي عهديءَ جي پيشڪش کي ٺڪرائيندي، مامون جي ان هدف ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو:

  ” تُريدُ بذلك أن يَقولَ النّاسُ : إنّ عليَّ بنَ موسى الرِّضا لم يَزْهَدْ في الدُّنيا بل زَهِدَتِ الدُّنيا فيهِ ! ألا تَرَونَ كيفَ قَبِلَ وِلايةَ العهدِ طمَعا في الخِلافة ؟! فغَضِبَ المأمونُ ثُمَّ قالَ : … فباللّه اُقسِمُ لَئنْ قَبِلْتَ وِلايةَ العهدِ وإلاّ أجْبَرتُكَ على ذلكَ ، فإنْ فَعلت وإلاّ ضَرَبتُ عُنُقَكَ .“ [3]

تون ( اها ولي عهدي مون کي ڏئي ڪري اهو) چاهين ٿو ته ماڻهو اهو چون ته اهو علي بن موسى رضا ناهي جنهن دنيا کان منهن موڙيو آهي بلڪه اها دنيا هئي جنهن کائنس منهن موڙيو . ڏسو نه ٿا ته ڪيئن خلافت جي لالچ ۾ ولي عهدي قبول ڪئي اٿائين…. ان تي مامون ڪاوڙجي پيو ۽ امام کي چيائين … خدا جو قسم جيڪڏهن ولي عهدي قبول ڪيئي ته ٺيڪ ورنه ٿو کي مجبور ڪندس جيڪڏهن  وري به انڪار ڪئي ته توکي قتل ڪندس.

2.اهو مامون آهي جنهن امام تي احسان ڪيو جو کيس عهدو ڏنائين

امام کي ولي عهديءَ  ڏيڻ سان مامون جي عزت ناهي وڌي جو امام رضا عليه السلام ان جي ولي عهدي قبول ڪئي بلڪه اهو مامون آهي جنهن امام کي عزت ڏني ۽ اهو مقام ڏنو .اهو مامون جو احسان آهي امام رضا عليه السلام تي جو کيس پنهنجي ولي عهدي ڏئي ڪري حڪومت ۾ شريڪ ڪيائين.جيئن حميد بن مهران  امام رضا عليه السلام مٿان  اهو احسان جتائيندي چوي ٿو:  اهو مامون هيو جنهن امام رضا عليه السلام کي اها عزت ڏني۽ کيس حڪومت ڏنائين.[4]

امام پڻ مامون کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته تو ولي عهدي ڏئي منهنجي عزت ناهي وڌائي فرمايو

“فوالله ان الخلافة لشيء ما حدثت به نفسي، و لقد کنت بالمدينة اتردد في طرقها علي دابتي و ان اهلها و غيرهم يسألوني الحوائج فأقضيتها لهم… و ان کتبي لنافذة في الامصار و ما زدتني في نعمة هي علي من ربي” [5]

خدا جو قسم خلافت اهڙي شيءِ ناهي جنهن۾ تنهنجي ڳالهين جي ڪري دخالت ڪيان. جڏهن آءُ مديني جي گلين مان سواري تي چڙهي گذرندو هيس ته ،مديني جاماڻهو ۽ ٻيا مون کان پنهنجيو ن حاجتون طلب ڪندا هئا ۽ مان سندن حاجتون پوريون ڪندو هئس . …. منهنجي لکت شهرن ۾ نافذ هوندي هئي .پس جيڪا نعمت مونکي الله ڏني آهي ان ۾ تو  ڪوبه اضافو ناهي ڪيو.

3 ثابت ڪري  ته حڪومت  جي سندس اڳيان ٽڪي جيتري به اهميت نه آهي

مامون چاهي پيو ته امام کي ولي عهدي ڏئي ڪري اهو ثابت ڪري  ته جنهن حڪومت   کي حاصل ڪرڻ لاءِ علوي ۽ شيعه جنگيون به پيا ڪن ۽ ماڻهن جو خون پيا وهائن، ان جي مامون ۽ عباسين وٽ ٽڪي جيتري به اهميت ناهي جيئن ان بهاني کي ابن معتز ذڪر ڪندي چوي ٿو:  مامون پاران امام رضا عه  کي حڪومت جي پيشڪش سندس تقوى،پرهيزگاري،ايثار۽ قربانيءَ جي ڪري نه هئي. نه ئي مامون خلافت کي سندس اصل مرڪز  ڏانهن موڙڻ پئي چاهيو بلڪه سندس هدف اهو هئو ته علوين مٿان ثابت ڪري سگهي ته اها خلافت جنهن لاءِ  علوي خاندان وارا (فرزندان علي) بغاوتون ڪندا ٿا وتن ۽ ان راهه ۾ پنهنجي جان قربان پيا ڪن، مامون وٽ ان جي اهميت  مک جي پر جيتري به ناهي. [6]

ٽئين راءِ تي تبصرو

جيڪڏهن امام رضا عليه السلام جي ماڻهن ۾ وڌندڙ مقبوليت ۽ حڪومت نا اهليءَ سبب مامون ۽ ان جي حڪومت جي ڪرندڙ ساک سان گڏ عباسين جي علوين سان هلندڙ دشمني ۽ ابدي حسادت کي ملايو وڃي ته  ٽئين راءِ  کي به قوت ملي ٿي ته امام جي محبت ۽ قداست کي ختم ڪرڻ لاءِ مامون پهريان امام کي مجبور  ڪري ولي عهد مقرر ڪيو ته ٻئي طرف وري ،حميد بن مهران،۽ هشام بن ابراهيم جهڙن حڪومتي چمچن کي ،ماڻهن کي ان معاملي تي  امام خلاف ڀرڪائڻ جو  ڪم ڏنو ويو  ته جيئن ماڻهن امام کان بدگمان ڪيو وڃي .ان سلسلي ۾ مخالفن کي ڪجهه ڪاميابي به ٿي جو ڪجهه ساده لوح ۽ سياست جي سمجهه نه رکندڙ  شيعن  امام تي اعتراض واريا ته ڇالاءِ دشمنن سان گڏ ٿي ويا آهيو؟ ۽ مامون جي ولي عهدي قبول ڪئي اٿو؟ .البته ان موقعي تي امام عليه السلام جو صبر تحمل سان سندن اعتراض ٻڌي کين مناسب جواب ڏيڻ سبب ٿيو ته حڪومتي سازشون ناڪام ٿين.

 هڪ تير سان ٻه شڪار

جيڪڏهن مٿي گذريل ٽنهي راين کي گڏائي ڪري اهو  چيو وڃي ته مامون امام کي ولي عهد مقرر ڪري هڪ تير سان ٻه شڪار بلڪه ڪيترائي شڪار ڪرڻ پئي چاهيا ته غلط نه هوندو .

يعني  مامون  امام عليه السلام کي ولي عهد مقرر ڪري مٿي گذريل  سڀئي يا انهن مان ڪجهه هدف حاصل ڪرڻ پئي چاهيا .هڪ پاسي پاڻ مخلص ۽ دين جو پابند ظاهر ڪري معاشري ۾ شهرت ۽ نيڪ نامي ڪمائڻ پئي چاهيائين ته ٻئي پاسي پنهنجي ڪرسيءَ ۽ حڪومت جو تحفظ يقيني بڻائڻ ،ته ٽئين پاسي امام کي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائي  سندن محبت کي ختم ڪرڻ سندس مراد هيو. اهڙي نموني مامون جا سڀ هدف هڪ ئي تير سان حاصل ٿي وڃن ها. اها سازش سندس مڪاري ۽ چالاڪيءَ جو بهترين مظهر آهي

2.امام پاران  ولي عهديءَ جو منصب قبول ڪرڻ جا سبب

جتي اسان مامون پاران امام کي ولي عهد مقرر ڪرڻ جي هدفن کي بيان ڪيو آهي  اتي بهتر آهي ته ان پاسي به توجه ڏيون ته آخر امام ان منصب کي مامون جون سازشون ڄاڻيندي به ڇو قبول ڪيو؟ آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جن امام کي مجبور ڪيو ته ان منصب کي قبول ڪندي مامون جهڙي خبيث شخص جا ولي عهد ٿين .

ليڪن سببن کي ذڪر ڪرڻ کان پهريان ان پاسي اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿا سمجهون ته  امام مامون جي سازش کان  پهريائين آگاهه هئا تنهنڪري مامون جي دعوت ملڻ با وجود مدينو نه ڇڏيائون ايستائين جو مامون هڪ خاص وفد خراسان کان مديني موڪليو جنهن امام کي مجبور ڪيو ته مدينو ڇڏي خراسان هلن امام  ان سفر لاءِ پنهنجي   راضي نه هجڻ  کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه اهم ڪم ڪيا

1. روضه رسول (ص) تي  روئي ڪري  الوداع

امام  روضه رسول (ص) تي اچي ڪري  عجيب انداز ۾ وداع ڪئي . وداع ڪري  اڳتي وڃن ها وري گريو ڪندا واپس وڃن ها ۽ وري وداع ڪن ها .شايد امام ان وداع ذريعي سمجهائڻ پئي چاهيو ته آءُ مدينو ڇڏڻ تي راضي ناهيان ،مون کي مجبور ڪيو پيو وڃي جيئن محول بجستاني روايت ڪري ٿو ته

لما ورد البريد باشخاص الرضا عليه السلام إلى خراسان كنت أنا بالمدينة فدخلالمسجد ليودع رسول الله ( ص ) فودعه مرارا كل ذلك يرجع إلى القبر ويعلو صوته بالبكاء والنحيب فتقدمت إليه وسلمت عليه فرد السلام وهنأته فقال : ذرني فاني أخرج من جوار جدي ( ص ) وأموت في غربة وأدفن في جنب هارون …“  [7]

جڏهن خراسان جو وفد مديني امام وٽ پهتو ته آئون مديني ۾ مسجد نبوي ۾  هئس، پوءِ امام  رسول الله ص کان الوادع ڪرڻ لاءِ مسجد ۾ داخل ٿيا،ڪيترائي دفعا وداع ڪيائون  هر دفعي قبر ڏانهن موٽي وڃن ها ۽ وڏي آواز سان  گريو زاري پيا ڪن. آءُ سندن قريب وڃي سلام ڪيو ۽ مبارڪباد ڏنم ته  فرمايائون: ته مون کي پنهنجي حال تي ڇڏ جو آءُ پنهنجي ناني جي قربت  مان نڪتو ٿو وڃان .آءُ پرديس ۾ مري وينديس ۽ هارون جي پاسي ۾  دفن ٿيندس.

2. پنهنجي عزيزن کي گڏ ڪري  کين  سندن مٿان  ماتم ڪرڻ جي درخواست

امام پنهنجي راضي نه هجڻ جو ٻيو مظاهرو هن صورت ۾ ڪيو جو پنهنجي خاندان جي سڀني  ماڻهن کي گڏ ڪري کين پنهنجي مٿان ماتم ۽ گريو زاري ڪرڻ جو چيو  ۽ کين اڳواٽ ئي ٻڌايو ته  وري  واپس نه ايندس .ان واقعي کي حسن بن علي الوشاء امام رضا عليه السلام کان نقل ڪري ٿو

قال لي الرضا عليه السلام إني حيث أرادوا الخروج بي من المدينة جمعت عيالي فأمرتهم أن يبكوا علي حتى أسمع ثم فرقت فيهم اثنى عشر ألف دينار ثم قلت : أما إني لا أرجع إلى عيالي أبدا  [8]

امام رضا عليه السلام مون کي چيو؛ جڏهن مون کي مديني مان وٺي نڪرڻ جو ارادو ڪيائون ته مون پنهنجي عزيزن کي گڏ ڪيو ۽ کين حڪم ڏنو ته مون مٿان وڏي آواز سان روئو ته آءُ ٻڌان. پوءِ 12 هزار دينار ورهايم ۽ چيم آءُ پنهنجي خاندان ڏانهن موٽي نه سگهندس.

امام ” أرجع إلى عيالي “ جو لفظ چئي ڪري ٻڌائي ڇڏيو  ته نه فقط مون کي مديني موٽڻ نه ڏنو ويندو بلڪه مون کي پنهنجي خاندان سان ملڻ جي مهلت به نه ملندي. امام جو پنهنجي زنده هوندي ئي پاڻ مٿان ماتم ڪرائڻ پنهنجي عزيزن ۾  پنهنجي جمع پونجي ورهائڻ اهو ٻڌائي پيو ته امام ڄاڻن پيا ته سندن هن سفر جو  انجام شهادت ئي  آهي.

هاڻي اچو ته  ته امام پاران مامون جي ولي عهدي قبول ڪرڻ جي سببن تي هڪ نظر وجهون.

1. امام جي جان کي خطرو هيو

امام پاران اهو منصب قبول ڪرڻ جو اهم ترين سبب سندن جان کي لاحق خطرو هيو جو مامون چٽن لفظن ۾ امام کي ڌمڪي ڏني هئي ته هن منصب کي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو  جنهن جو ذڪر اسان پهريان به ڪري آيا آهيون ته جڏهن امام پاران مامون جي خلافت جي پيشڪش رد ڪئي ته مامون امام کي چيو

  ” فباللّه اُقسِمُ لَئنْ قَبِلْتَ وِلايةَ العهدِ وإلاّ أجْبَرتُكَ على ذلكَ ، فإنْ فَعلت وإلاّ ضَرَبتُ عُنُقَكَ .“ [9]

خدا جو قسم جيڪڏهن ولي عهدي قبول ڪيئي ته ٺيڪ ورنه ٿو کي مجبور ڪندس .جيڪڏهن  وري به انڪار ڪئي ته توکي قتل ڪندس.

ڪنهن کي اها غلط فهمي نه ٿئي ته امام کي موت کان خوف هيو يا شهادت نه پئي چاهيائون.ڇاڪاڻ ته امام کي اها خبر هئي ته شهادت سندن تقدير ۾ لکيل آ ۽ موت کان ڪنهن کي نجات ناهي ليڪن امام  پنهنجي  زندگي بي مقصد ۽ نامناسب وقت ۾ ختم ڪرڻ نه پئي چاهيو .    ڇاڪاڻ ته ان وقت ۾ امام جي شهادت سان امامت ۽ امت جي راهنمائيءَ سميت ٻيا ڪيترائي اهم هدف حاصل نه ٿين ها جن جي اسلام کي ضرورت هئي ۽ جڏهن ته مامون جو خباثت به چٽي نه ٿئي ها.

2. امام جي شيعن جي جان کي خطرو هيو

ٻئي پاسي جيڪڏهن سياسي حوالي سان نگاهه ڪجي ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته  امام جي شهادت سان معاملو ختم نه ٿئي ها بلڪه پوري شيعت بلڪه عالم اسلام ۾ قتل غارت وڌي ها.هزارين مظلومن جو خون وهي ها ۽ پوءِ به جيڪو نتيجو نڪري ها ان سان اسلام ۽ مذهب اهلبيت عليهم السلام کي ڪو فائدو پهچي ها يانه؟  معلوم نه هيو. لهذا امام ان قتل عام جو  رستو روڪڻ لاءِ  اهو منصب قبول ڪيو .خاص ڪري ان پسمنظر ۾ ته ان کان پهريائين هارون رشيد جي دور ۾ شيعن جو تمام گهڻو قتل عام ٿي چڪو هئو ۽ کين هر طرح جا عذاب ڏنا ويا هئا . هاڻي مس مس وڃي ماڻهن سک جو ساهه کنيو هيو. اهڙي صورت ۾ هڪ ٻئي خونريزي دين ۽ مذهب جي نابوديءَ جو سبب بڻجي پئي سگهي.

3. ولي عهديءَ  جي پيشڪش عباسين پاران  اعتراف هيو ته خلافت آل محمد ع جو حق آهي

جيتوڻيڪ عباسين خلافت ”الرضا لآل محمد عليهم السلام“ جي نالي تي حاصل ڪئي ۽ ماڻهن کي  ان ڌوڪي سان پاڻ سان گڏ ڪيو ته هو  چاهين ٿا ته بنو اميه کان خلافت کسي، رسول الله (ص) جي حقيقي وارثن يعني آل علي عه جي حوالي ڪندا. ليڪن خلافت حاصل ڪرڻ کانپوءِ  ان تي پاڻ قابض ٿي ويا ۽ پاڻ کي نبي جي چاچي حضرت عباس رض جو اولاد ڄاڻائي رسول الله (ص) جو وراث بڻايائون ۽ پوءِ ڪڏهن به  آل علي عه جي حق جو اعتراف نه ڪيائون ۽ کين خلافت تائين پهچڻ کان  روڪڻ لاءِ هر قسم جا هٿڪنڊا استعمال ڪيائون. اهڙي صورت حال ۾ اوچتو مامون پاران امام کي ولي عهد ڪرڻ جو اعلان هڪ قسم جو اعتراف هيو ته خلافت آل محمد عليهم السلام جو  ئي حق آهي . جيتوڻيڪ مامون  سندن پورو حق تسليم  نه ڪيو  هئو ليڪن تنهن هوندي ڪجهه حد تائين اهو حق تسليم ڪرڻ به شيعت جي هڪ وڏي ڪاميابي هئي . امام پاران  اهو عهدو قبول ڪرڻ  ان تسليم  ٿيل حق جي عملي ضمانت هئي .اهو ئي سبب آهي جو ڏسون ٿا ته امام پاران ولي عهدي قبول ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پهرئين خطبي ۾ هيءُ جملا  چوندي نظر اچن ٿا .

أن أمير المؤمنين …. عرف من حقنا ما جهله غيره، فوصل أرحاما قطعت، وأمن نفوسا فزعت، بل أحياها وقد تلفت، وأغناها إذا افتقرت [10]

مامون … اسان جي ان حق کي سڃاتو جنهن کان ٻيا جاهل هئا.هن ٽٽل رشتيداريءَ کي جوڙيو ۽ ڊنل ماڻهن کي سڪون ڏنو،بلڪه زنده ڪيو انهن کي جيڪي تلف ٿي ويا هئا ۽ بي نياز ڪيو انهن کي جيڪي محتاج ٿي ويا هئا.

4.ماڻهن جي حق ڏانهن  راهنمائيءَ جو بهترين موقعو هئو

ممڪن آهي ته امام پاران ولي عهدي قبول ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به هجي ته ان مقام تان ماڻهن کي حق ڏانهن راهنمائي ڪرڻ جو بهترين موقعو هئو جو عباسي سلطنت جي دل ۾ ويهي ڪري پوري عالم اسلام ۽ اتي موجود  محمد وآل محمد عليهن السلام جي حبدارن  سان رابطو قائم  ڪجي  ۽ انهن جي حق ڏانهن راهنمائي ڪجي . اهو ئي سبب آهي ته امام عليه السلام خراسان ۾ ولي عهد ٿيڻ کان پوءِ نه فقط علمي محفلون سجايون ۽ ماڻهن ۾ علوم آل محمد جي پرچار ڪئي،بلڪه عالمن سان بحث مباحثه، ماڻهن جي سوالن جا جوابن  سان گڏوگڏ ماڻهن عقيدتي مسئلن ۾ به بهترين راهنمائي ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام کانپوءِ امام رضا عليه السلام  جو دور شيعت جي تاريخ جو ٻيون سنهري دور ليکيو وڃي ٿو.

امام جي ان قدم ۽ ان جي ڪري سندن وڌندڙ مقبوليت کان مامون ۽ ان جا حواري ايترا ته  ڊنا جو  ڪجهه وقت کانپوءِ  نه فقط امام کي عمومي اجتماعن ۾ شرڪت کان روڪيو ويو  بلڪه کين سندن گهر ۾ به  ڪنهن سان ملڻ نه پئي ڏنو ويو جنهن وڏو  ثبوت عيد نماز وارو  و اقعو  [11]  ۽   امام  کي سرخس ۾ نظر بند ڪرڻ وارو   واقعو [12]   آهي،

5. ماڻهن اڳيان مامون ۽ ان جي ساٿارين جو حقيقي چهرو  عيان ڪرڻ

ڏسون  ٿا ته جيڪڏهن امام ولي عهديءَ جو منصب قبول نه ڪن ها ته مامون ۽ ان جي ساٿارين جو مڪروهه چهرو سامهون نه اچي ها بلڪه  اهي امام جي انڪار کي به استعمال ڪن ها ۽ ماڻهن کي اهو ئي چون ها ته اسان ته خلوص سان خلافت امام حوالي ڪرڻ پئي گهري ليڪن امام قبول نه ڪئي . يا ان ڪري جو کيس دنيا ۾ ڪابه رغبت ڪانهي يا ان ڪري جو خلافت سندن حق ناهي  يا وري ڪو ٻيو طريقو جنهن سان مامون جي منافقت عيان نه ٿئي ها ۽ اهي سڀ  هٿڪنڊا جيڪي هن امام جو شان گهٽائڻ ۽ کين ماڻهن جي نظر ۾  ڪيرائڻ لاءِ استعمال ڪيا ظاهر نه ٿين ها. جن ڏانهن اسان اڳتي هلي  اشارو ڪنداسين.

3.ڇا مامون پنهنجي هدف ۾ ڪامياب ٿيو؟

هاڻي اچو  ته ڏسون ڇا مامون جيڪي هدف نظر ۾ رکي امام کي ولي عهد مقرر ڪيو هو   سي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو يا نه؟  يا ٻين لفظن ۾ حضرت امام رضا عليه السلام جي دور ۾ حق ۽ باطل جي درميان  هلندڙ   سرد جنگ ۾ فتح ڪنهن جي ٿي ؟

جيڪڏهن تاريخ جومطالعو ڪيو وڃي ته  سمجهه ۾ اچي ٿو ته مامون پنهنجي سڀني هدفن ۾ ناڪام ٿيو  نه فقط سندس بدنيتي سڀني ٿي عيان ٿي بلڪه سندس حڪومت وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي  جڏهن  ته ان جي ابتڙ ماڻهن ۾ امام  عليه السلام جي محبت ۽ مقبوليت ۾ بي پناهه اضافو ٿيو جنهن سبب ولي عهديءَ جي اعلان کان ڪجهه ئي عرصو  پوءِ مامون  امام  جي شان  گهٽائڻ  لاءِ هر قسم جا هٿڪنڊا ڪتب آندا . آخر ۾ جڏهن ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيو ته پنهنجي ابن ڏاڏن جي سيرت تي هلندي امام رضا عليه السلام کي زهر سان شهيد ڪرايائين.

حقيقت اها ئي آهي ته مامون پنهنجي پوري چالاڪي ،مڪاري،حڪومت ۽ طاقت باوجود  امام کان اهڙي شڪست کاڌي  جو وري سنئون ٿي نه سگهيو ۽ امام کي هٽائڻ لاءِ امام جي شهادت کانسواءِ وٽس ڪو رستو نه باقي بچيو هيو.

سئو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو

سنڌيءَ جي هن مشهور چوڻي  ” سئو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو “ مطابق مامون جي سڀني سازشن جو  امام رضا عليه السلام بهترين انداز ۾ دفاع ڪندي پنهنجي فقط  هڪ شرط سان مامون  جا سڀ  حملا ناڪام  بڻائي ڇڏيا.

ولي عهديءَ لاءِ امام جو شرط

مامون طرفان قتل جي ڌمڪي ملڻ کانپوءِ امام  ولي عهدي قبول ڪرڻ لاءِ   هڪ شرط رکيو ۽ فرمايو

” انا اقبل ذلک على انى لا اولى احدا ولا اعزل احدا ولا انقض رسما ولا سنة. “ [13]

آءُ ان شرط تي ولي عهدي قبول ڪندس ته ،نه ڪنهن کي مقرر ڪندس نه ئي ڪنهن کي لاهيندس،نه وري ڪا رسم ۽ سنت ٽوڙيندس

ان هڪ شرط   ولي عهديءَ جهڙي اهم منصب کي کوکلو  بڻائي ڇڏيو ڇاڪاڻ اهو ولي عهد جيڪو نه ڪنهن کي ڪو عهدو ڏئي نه کسي ،نه ڪنهن حڪومتي ڪم ۾ دخل اندازي ڪري .ان ۾  ۽ هڪ عام ماڻهوءَ ۾ ڪوبه فرق باقي نه ٿو  رهي . امام جي ان اقدام سان  جتي امام طرفان  ماڻهن کي اهو پيغام ٿي مليو ته امام جو  حڪومت سان ڪو تعلق ناهي ،اتي  حڪومت جي ڪنهن به قدم جي حمايت نه پئي ٿئي  نتيجي ۾ مامون حڪومتي ڪمن کي جيڪو  شرعي جامو پارائڻ پئي چاهيو  ان ۾ ناڪام ويو.جڏهن ته ٻئي پاسي امام  مامون جي حڪومت کي پنهنجي حڪومت  نه چئي ڪري شيعن جي لاءِ به رستو آزاد ڇڏيو.

ان شرط سان امام مٿان دنيا جي خواهش رکڻ واري بهتان جي به نفي ٿئي پئي ڇاڪاڻ ته امام اهو شرط رکي ڪري دنيا کي ٿڏي ڇڏيو ورنه جيڪڏهن (العياذبالله) دنيا جا طالب هجن ها ته اڃان وڌيڪ قدرت گهرن ها نه ڪه هٿ آيل قدرت تان به هٿ کڻن.

ان کان علاوه مامون جي ناڪامي ان ڳالهه مان به عيان ٿئي ٿي ته امام جي خراسان اچڻ ۽ ان منصب کي قبول ڪرڻ کانپوءِ سندن مقبوليت  وڌي  ۽  ڏينهون ڏينهن ان ۾ واڌارو ٿي آيو  . مختلف مذهب جي عالمن  سان مناظرا هجن [14]، يا ڏڪر وارن ڏينهن ۾ امام کان  نماز استسقاء پڙهائڻ،عيد نماز  پڙهائڻ لاءِ آيل امام کي مصلي تان موٽائڻ[15] هجي يا امام جي درسي محفلن کي ڦٽائڻ [16]،امام جي توهين ڪندڙ ن اڳيان نه ڪڇڻ،[17] هجي يا امام جي فضيلتن جو لڪائڻ [18].امام بابت  ڪوڙيون افواهون ۽بهتان  ڦهلائڻ [19] هجي يا سرخس ۾ امام کي نظر بند ڪري ماڻهن سان سندن ملاقات تي پابندي هڻڻ  [20]   ۽ آخر ۾ امام جي  زهر سان شهادت  [21]جهڙا  سڀئي واقعا امام جي وڌندڙ شهرت ۽ مامون جي دل ۾ موجود حسد ۽ خوف جون علامتون هيون  جيڪي اڳتي هلي مامون جي شڪست جي آثارن ۾ تبديل ٿي ويون.

نتيجو

هن پوري بحث جو نتيجو اهو ئي ٿو بڻجي ته امام رضا عليه السلام جي دور ۾ حق ۽ باطل جي درميان سرد جنگ   ڇڙي جنهن ۾ هڪ پاسي وقت جو يزيد مامون هيو ته ٻئي پاسي وقت جو حسين عه  امام رضا عليه السلام هئا .مامون  امام رضا عليه السلام کي پنهنجو ولي عهد  ان ڪري مقرر ڪريو ته جيئن ان ذريعي هڪ پاسي پنهنجي حڪومت جا پايا مضبوط ڪري ته ٻئي پاسي امام رضا عليه السلام جي شهرت ۽ محبت کي گهٽ ڪري ماڻهن اڳيان امام جي شان کي گهٽائي. امام رضا عليه السلام  عليه السلام پهريان ته ولي عهدي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ليڪن جڏهن کين قتل جي ڌمڪي ڏني وئي ته اسلام ۽ اجتماعي مفاد کي ڏسندي ان شرط تي قبول ڪيائون ته حڪومتي  ڪمن ۾ ڪابه دخالت نه ڪندا.امام جي خراسان ۾ موجودگي حڪومت جي لاءِ خطرو محسوس ڪندي مامون امام  کي پٺتي ڌڪڻ لاءِ  پوري پوري ڪوشش ڪئي ليڪن جڏهن ڪامياب نه ٿيو ته آخري حربي طور امام کي زهر سان شهيد ڪري ڇڏيائين.ليڪن  امام جي ولي عهديءَ جي  آغاز کان سندن شهادت تائين جي عرصي مان امام عليه السلام ڀرپور فائدو ورتو  ۽ اسلام جي ترقي ۽ مذهب اهلبيت جي پرچار ۽ ڀٽڪيل ماڻهن کي حق ڏانهن راهنمائيءَ  جهڙا اهم فريضا انجام ڏنا .امام جي ڪاميابيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته شيعيت جي تاريخ ۾ امام جعفر صادق عليه السلام کانپوءِ امام رضا عليه السلام  جو زمانو سنهري دور شمار ٿئي ٿو

 

حوالا …..

[1] _  جامع احاديث شيعه  ج16 ص 140

[2] _ مناقب آل ابي طالب ج 4 ص 363-امالي صدوق ص 43-بحار ج 49 ص 129

[3] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 471،حديث 763

[4] _ ترجمه زندگي سياسي امام رضا ع ،جعفر مرتضى عاملي ص 310

[5] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 499،حديث 789

[6] _ ديوان ابن معتز ص 23

[7] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 564،حديث 841

[8] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 565،حديث 843

[9] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 471،حديث 763

[10] – عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي صفحو 477،حديث 777

[11] _ سفينة البحار ج2، ص 238،  منتهى الاعمال ص 29

[12] _ بحار الانوار ج 49 ص170 ۽ مناقب ابن شهر آشوب ج4 ص 347

[13] _ عيون أخبار الرضا عليه السلام  هڪ جلدي ،صفحو 471،حديث 763

[14] – سفينة البحار ج2، ص 238،،منتهى الاعمال ج 2 ص 292، مناقب ابن شهر آشوب ج4 ص 251

[15] _ سفينة البحار ج2، ص 238،  منتهى الاعمال ص 29

[16] – مناقب ابن شهر آشوب ج 4 ص351

[17] – مناقب ابن شهر آشوب ج 4 ص370

[18] – الحياة السياسة للامام الرضا عليه السلام  ص 372

[19] _ اصول ڪافي ج 1 ص 187 ، وسائل الشيعه ج12 ص 327

[20] _ بحار الانوار ج 49 ص170 ۽ مناقب ابن شهر آشوب ج4 ص 347

[21] _ اعلام الورى  ص 328، بحارالانوار ج 49 ص 292۽293

 

برچسب‌ها:, , ,