حضرت امام تقي ع جي سوانح حيات (3)

حضرت امام تقي ع جي سوانح حيات (3)
2021-03-11
155 بازدید

حضرت امام تقي ع جي سوانح حيات حصو ٽيون ليکڪ خادم حسين الحسيني امام محمد تقي عليه السلام جو علمي ورثو عام طور هڪ امام جي دنيا مان وڃڻ کانپوءِ   اڳين امام سان شيعن جو  رابطو، ڪجهه خاص مسئلن جي ڪري  ڪجهه مدت لاءِ محدود ٿي ويندو هئو  ، ايستائين جو  سندن  اهي وڪيل جي […]

حضرت امام تقي ع جي سوانح حيات 
حصو ٽيون
ليکڪ خادم حسين الحسيني

امام محمد تقي عليه السلام جو علمي ورثو

عام طور هڪ امام جي دنيا مان وڃڻ کانپوءِ   اڳين امام سان شيعن جو  رابطو، ڪجهه خاص مسئلن جي ڪري  ڪجهه مدت لاءِ محدود ٿي ويندو هئو  ، ايستائين جو  سندن  اهي وڪيل جي مختلف اسلامي شهرن ۾ رهن پيا ، پڻ ساڻن رابطي ۾ اهڙي قسم جي مشڪل جو شڪار هئا. امام محمد تقي عليه السلام جي امامت جي آغاز ۾ سندن ننڍي عمر به ، ان مسئلي جي شدت ۾ اضافو ڪيو ۽ شيعن مان شڪ ۽ ٻڏتر جي صورتحال جي خاتمي ڪجهه وقت ورتو. هڪ روايت ۾ آيو آهي ته امام عليه السلام 10 سالن جي عمر تائين  پنهنجي امامت کي مخفي رکيو.[1] جيڪو خود ،شيعن ۽ امام جي رابطن جي وچ ۾ رابطن جي پيچيدگيءَ مٿان دليل آهي. جڏهن ته ان کان علاوهه حڪومتي ڪارندن جي ان حوالي سان سختيون ۽ پابنديون به سبب هيون جو شيعا آزاديءَ سان پنهنجي وقت جي امام وٽ اچ وڃ  نه ڪري سگهن. شيعن  لاءِ سڀني کان وڌيڪ آسان ۽ ممڪن طريقوخط  لکي امام جو جواب معلوم ڪرڻ هئو ، جيڪو پڻ ڪافي نه هئو. تنهن هوندي به  ڏسون ٿا ته امام محمد تقي عليه السلام  ۽ ان کان بعد ايندڙ امامن بلڪه خود امام رضا عليه السلام جي دور ۾ به شيعا امامن سان خط ذريعي رابطو رکندا هئا.

جيتوڻيڪ امام محمد تقي عليه السلام   جي عمر 25 سالن کان وڌيڪ نه ٿي ۽ ان مختصر عمر ۾ شيعن سان رابطو به گهٽ رهيو، ليڪن ان جي باوجود بزرگ عالمن  کان ۽ انهن جي ڪتابن ۾ مختلف اسلامي موضوعن ۾ 220 کان وڌيڪ حديثون اسان وٽ موجود آهن. جڏهن ته اها ڳالهه طبيعي آهي  ان وقت جي حالات ۽ واقعات جي مطابق امام عليه السلام  جا ڪيترائي خط ۽ لکتون جيڪي پاڻ پنهنجي صحابين جي سوالن جي جواب ۾ لکيا ضايع ٿي ويا هجن ۽ اسان تائين نه پهتا هجن ، سندن حديثن کي روايت ڪرڻ وارن راوين جو تعداد 120 آهي .[2] مشهور رجالي محقق شيخ طوسي  امام محمد تقي عليه السلام  کان روايت ڪندڙ  رواين جو تعداد 113 لکيو آهي.

امام عليه السلام  کان نقل ٿيل فقط ان مختصر تعداد تي مشتمل حديثن مان ئي فقهي، تفسير،عقائدي ، دعا ۽ مناجات جهڙن موضوعن مٿان سندن علمي احاطي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ۽ کائن نقل ٿيل مختصر قولن مان سندن اخلاقي ڪمالن جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.

امام عليه السلام  ڪجهه مختصر قولن کي ابن صبّاغ مالڪي پنهنجي ڪتاب الفصول المهمه ۾ ذڪر ڪيو آهي جڏهن ته ان کان علاوهه تحف العقول ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن م به سندن مختصر قولن جو تمام وڏو تعداد موجود آهي. امام عليه السلام  جي فقهي روايتن جو هڪ وڏو حصو سندن انهن خطن ۾ ڏسي سگهجي ٿو جيڪي پاڻ مختلف اسلامي شهرن ۾ موجود سندن صحابين پنهنجي خطن ذريعي پڇيا آهن.

گمراهه فرقن سان مقابلو

امام محمد تقي عليه السلام   پنهنجي دور ۾ موجود ڪجهه گمراهه ۽ باطل اسلامي فرقن جي مقابلي ۾ هميشه پنهنجي شيعن جي رهنمائي ڪندي  کين پنهنجي نظر کان آگاهه ڪندا رهندا هئا. مثلا امام عليه السلام  دور ۾ هڪ فرقو ” مجسميه“ هئو  ، جيڪو خدا تعالى جي جسم جو قائل هئو ، امام عليه السلام    حڪم ڏنو ته  سندن شيعن لاءِ جائز ناهي ته اهڙي شخص  جي پويان نماز پڙهن  جيڪو   خدا لاءِ جسم جو قائل آهي ۽ نه ئي کيس زڪوات ڏين.[3]

سندن زماني ۾ موجود  هڪ ٻيو  فرقو  ”واقفيه “ هئو ، جيڪي امام موسى ڪاظم عليه السلام  جي شهادت کانپوءِ  سندس امامت تي بيٺا رهيا  ۽ امام علي رضا عليه السلام جي امامت  جا منڪر هئا . امام محمد تقي عليه السلام  کان جڏهن سوال ٿيو ته ڇا واقفي مذهب  وران جي پويان نماز پڙهي سگهجي ٿي يا نه ؟ ته امام شيعن کي ان ڪم کان روڪيو.[4]

اهڙي طرح شيعن کان جدا ٿيل هڪ فرقو  ”زيديه“  به هئو جن بابت امام صادق عليه السلام جي سوانح حيات ۾  ذڪر ڪري چڪاسين ۽ سندن بابت  امام محمد باقر۽ صادق عليهما السلام جي راءِ ٻڌائي چڪاسين. ڪجهه تاريخي موقعن تي زيدين جي  اثناعشري شيعن سان دشمني ۽ سندن  برحق امامن تي  تهمتون ۽ طعنا هڻڻ، سبب ٿيندو هئو جو اسان جا امام سندن مقابلي ۾ سخت موقف اختيار ڪن. اهڙي ئي قسم جي هڪ روايت ۾ امام محمد تقي عليه السلام جي  هن آيت (وُجُوهٌ يَومَئِذٍ خَاشِعَةٌ عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ )[5]  جي مصداقن  تي نظر رکندي  کين ناصبي چيو آهي.[6]

اهڙي ريت امامَ  پاڪَ ، غلوّ  ڪندڙ ماڻهن کان  به هميشه بيزار رهيا ، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جو شيعن کي بدنام ڪرڻ ۾  وڏو حصو  رهيو آهي. ڪجهه موقعن تي اهڙن غالين جو خطرو  تمام گهڻو  شديد هئو،ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو، امامن جي نالي تي هٿ ٽوڪيون ۽  جعلي روايتون  ٺاهيندا هئا ۽ انهن وسيلي امامن جي حقيقي پيروڪارن کي  گمراهه ڪن پيا.

امام محمد تقي عليه السلام  غالين جي سردار ابوالخطاب جي نالي فرمايو:  الله تعالى جي لعنت هجي ابوالخطاب ۽ سندس ساٿين تي ۽ انهن تي به جيڪي سندن مٿان لعنت ڪرڻ ۾ شڪ ۽ ٻڏتر جو شڪار آهن.[7]

ان کانپوءِ امام عليه السلام   ، ابو الغمر، جعفر بن واقعد ۽ هاشم بن ابي هاشم ڏانهن اشارو  ڪيو ۽ چيو ته اهي ٽي به ابوالخطاب جي لائن جا ماڻهو آهن، ڇاڪاڻ ته اهي امامن جي نالي تي ماڻهن کان فائدا وٺن ٿا. ايستائين جو  هڪ روايت ۾  امام عليه السلام ، اسحاق انباريءَ کي فرمايو: ٻه غالي شخص ابو سمهري ۽ ابن ابي الزرقاء ـــ جيڪي پاڻ کي امامن جا نمائندا چورائن ٿاـــ هرصورت ۾ قتل ڪيا وڃن،اسحاق امام جو حڪم بجاءِ آڻڻ لاءِ تيار هئو ليڪن اهي ٻئي شخص امام جو حڪم ٻڌي لڪي ويا.

امام ع  جي اهڙي سخت حڪم جو سبب، شيعن کي گمراهه ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي شخصن جو نمايان ڪردار هئو.[8]

امام محمد تقي عليه السلام جا صحابي

امام محمد تقي عليه السلام   جا اڪثر صحابي  سندن والد جا ساٿي ۽ سندن اولاد هئو ،جن ڪيترائي سال (امامن جي خدمت ۾) عمر گذاري ۽ امام پاڪن کان ٻڌل حديثن کي  ڪيترن ئي بي بها ۽ املهه ڪتابن جي صورت ۾ گڏ ڪيو آهي.

امام محمد تقي عليه السلام  جي ساٿين مان هڪ حضرت عبدالعظيم حسني آهي ، جنهن حديثن جو هڪ وڏو تعداد امام کان نقل ڪيو آهي. هن بزرگ  مرد،  علوي ۽ حسني سيد، ايران جي شهر ري (موجوده  تهران) ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اهل بيت عليهم السلام  جي حديثن ۽ علم جي تبليغ ۽ پرچار ڪئي.  اهو سندس اڻ ٿڪ محنت جو اثر هئو ،جو  ان علائقي ۾ شيعت تمام گهڻي  وڌڻ لڳي ۽ شيعن جي تعداد ۾  تمام گهڻو اضافو ٿيو .[9]

دائود بن قاسم المعروف ابوهاشم به امام محمد تقيءَ عليه السلام   جو صحابي هئو، جنهن کائن تمام گهڻيون حديثون نقل ڪيون آهن. ابوهاشم حضرت علي عليه السلام   جي ڀاءُ جعفر بن ابي طالب جي نسل مان هئو جنهن کي رجالي ڪتابن ۾ سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي.

علي بن مهزيار پڻ امام عليه السلام   جي مکيه صحابين مان  هئو،  جنهن جو شمار شيعن جي مکيه ۽  عظمت ڀرين شخصيتن ۾  ٿئي ٿو . رجالي محقق نجاشيءَ جي چوڻ مطابق هن امام رضا ۽ امام محمد تقي عليهما السلام ٻنهي کان روايتون نقل ڪيون آهي ۽ امام محمد تقي عليه السلام   جي خاص ويجهن ساٿين مان شمار ٿيندو هئو ، جنهن جي لاءِ، امام عليه السلام  خاص احترام جا قائل هئا.[10] هن امام عليه السلام  کان تمام کڻيون روايتون نقل ڪيون آهن . [11]  نجاشي لکي ٿو  ته ابن مهزيار علي بن اسباط  سان ـــ جيڪو فطحي مذهب هئو  ـــ  ڪيترائي مناظرا ڪيا جن ۾ ڪيترائي مسئلا کليا ۽ انهن تي بحث ٿيو آخر ۾ ڪجهه مسئلن کي امام محمد تقي عليه السلام   وٽ کڻي ويا ۽ اهو  ڪم باعث بڻيو جو علي بن اسباط پنهنجي غلط عقيدي تان هٿ کڻي حق جي راهه تي اچي.

اهڙي طرح  خيران الخادم  نالي هڪ شخص امام عليه السلام  جو  وڪيل هئو، جنهن کي رجالي محقق ڪشي پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. [12] اهڙي طرح سندن هڪ ٻيو  وڪيل ابراهيم بن محمد همداني آهي جنهن پڻ امام کان روايتون نقل ڪيون آهن.[13]

احمد بن محمد بن ابي نصر البزنطي جنهن جو شمار  علم رجال ۾” اصحاب اجماع“ ۾ ڪيو ويو آهي، پڻ امام محمد تقي ءَ  جو صحابي هئو . هن شمار امام علي رضا ۽ محمد تقي عليهما السلام جي خاص ساٿين ۽ پوئلڳن ۾ ٿئي ٿو ، علم رجال جي سڀني عالمن سندس تعريف ڪئي آهي. سندس وفات 221 هجريءَ ۾ ٿي. ابن نديم سندس ڪتابن بابت لکي ٿو : سندس هڪ ڪتاب امام رضا عليه السلام کان نقل ٿيل حديثن تي مشتمل هئو جڏهن ته ان کان علاوهه سندس ٻه ڪتاب ”الجامع“ ۽ ”المسائل“ نالي به آهن.[14]

امام محمد تقي عليه السلام جو  اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ موجود شيعن سان رابطو

(امامن جي زماني ۾ ئي)  شيعا اسلامي دنيا جي سڀني شهرن ۾ زندگي گذاريندا هئا. جن مان ڪيترائي بغداد،مدائن ۽ عراق جي ٻين علائقن[15] مان هئا ته ٻيا ڪيترائي ايران ۽ اسلامي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهن پيا. جيڪي امامن سان رابطي لاءِ سندن وڪيلن کان علاوهه ،حج جي ڏينهن ۾ سندن زيارت لاءِ ايندا هئا. اصول ڪافيءَ جي روايتن مان خبر پوي ٿي ته سندن ڪجهه پيروڪار مصر جا رهاڪو هئا. ان روايت ۾ علي بن اسباط چوي ٿو: امام جي چهري ۽ قامت ڏانهن غور سان نگاهه پئي ڪيم ته جيئن مصر ۾ پنهنجي ساٿين لاءِ چڱيءَ ريت وصف ڪري سگهان.[16]

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي خراسان جي شيعن مان هڪ شخص امام محمد تقي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهي. [17]حر بن عثمان حمداني  کان نقل ٿيل هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ري شهر جي شيعن مان هڪ جٿو امام جي خدمت ۾ حاضرٿيو.[18] اسان کي خبر آهي ته ري شهر ۾ هميشه شيعن جي رهائش هئي جن جي تعداد ۾ وقت گذرڻ سان گڏ اضافو ٿيندو  رهيو آهي.[19]

قم شهر پڻ شيعن جو  هڪ اهم مرڪز هئو ۽ اتان جا شيعا به امام محمد تقي عليه السلام سان ويجهو رابطو رکن پيا.  قم جي رهاڪن جو سردار  احمد بن محمد بن عيسى المعروف شيخ القميين، امام رضا عليه السلام ۽ سندن شهادت کانپوءِ امام محمد تقي ۽ سندن فرزند امام علي نقي عليهما السلام جو  خاص ساٿي ۽ صحابي هئو ايستائين جو امام حسن عسڪري عليه السلام جي امامت جو زمانو به ڏٺو هيائين. جڏهن ته ڪيترائي حديثي ڪتاب لکيا اٿس. [20] امام محمد تقي عليه السلام جو هڪ ٻيو صحابي صالح بن محمد بن سهل به قم جو رهاڪو هئو ، جنهن جي ذمي هن شهر ۾ موجود  امام  عليه السلام جي نالي وقف ٿيل ملڪيتن ۽ شين جي سنڀال ڪرڻ هئو.[21]

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته  بست ۽ سجستان شهر جي رهاڪن مان هڪ شخص حج جي ڏينهن ۾ امام عليه السلام  جي خدمت ۾  پهتو ۽ عرض ڪيائين: اسان جو گورنر محب اهل بيت عليهم السلام ۽ اوهان جو حبدار آهي ۽ مون تي به حڪومت جو ڏَڻُ (ٽيڪس)آهي، مهرباني ڪري مونکي خط لکي ڏيو ته جيئن ان حوالي سان مون تي سختي نه ڪري .

امام عليه السلام فرمايو ته آءُ کيس نه ٿو سڃاڻان . هن چيو: هو توهان اهل بيت عليهم جو حبدار آهي . پاڻ هڪ ڪاغذ کنيائون ۽ ان تي لکيائون: هيءُ خط کڻي ايندڙ شخصَ، اسان وٽ تنهنجي مبارڪ عقيدي جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو به چڱو عمل ڪندي ان جو اجر تون ئي پائيندين ، تنهنڪري پنهنجي ڀائرن سان نيڪي ڪر ۽ آگاهه رهه ته پروردگار تو کان هرهڪ عمل جي باري ۾ سوال ڪندو.

اهو شخص چوي ٿو خط وٺي روانو ٿيس ته اها خبر  شهر جي گورنر حسين بن عبدالله نيشابوري ءَ کي پئي ته 6 ميل شهر کان ٻاهر تائين منهنجي استقبال لاءِ آيو. امام عليه السلام جو خط کيس ڏنم  ته ان کي بوسو ڏئي اکين تي رکيائين ۽ چيائين ته ڇا ٿو چاهين ؟ چيم حڪومت جو مون مٿان ڏڻُ (ٽيڪس) آهي. گورنر حڪم ڏنو ته اهو ڏڻُ ۽ جيستائين هو آهي ٻيو ڪو به ڏڻُ (ٽيڪس)مون کان نه ورتو وڃي. پوءِ مون کان منهنجي زندگيءَ بابت سوال ڪيائين ۽ پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته هن لاءِ پگهار مقرر ڪئي وڃي.[22]

امام  عليه السلام جي صحابين مان علي بن مهزيار به آهي جيڪو اصل ۾ هڪ نصراني هئو،جيڪو اسلام آڻڻ کانپوءِ امام رضا عليه السلام جي خاص ساٿين مان ٿيو ۽  کائن پوءِ امام  محمدتقي عليه السلام جو صحابي ٿيو. هن جو تعلق فارس جي ”هندوان“ نالي ڳوٺ سان هئو  ليڪن بعد ۾ ” اهواز “ شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين.[23]

شيعن ۽ سندن امامن جي وچ ۾موجود رابطن تي گهري  ۽ عميق تجزياتي تحقيق مان خبر پوي ٿي ته اهي رابطا امام رضا عليه السلام جي زماني کان وٺي جيئن پوءِ تيئن وسيع ٿيندا رهيا آهن. جنهن جي معنى اها آهي ته انهن امامن جي دور ۾ ٻين علائقن ۾  رهندڙ شيعن جي تعداد ۾ به اضافو ٿيو آهي.   رابطي جي اها وسعت امام  رضا عليه السلام جي خراسان ڏانهن سفر ۽  ايران جي  مختلف شهرن ۾  امامن جي وڪالت واري  تنظيمي ڍانچي جي ڪري ئي ممڪن ٿي هئي. حق جي امامن جي حديثن تي مشتمل انهن ڪتابن ـــ جيڪي سندن صحابين امام محمد باقر عليه السلام جي دور کان لکڻ شرو ع ڪيا ۽ جيڪي حقيقت ۾ امام پاڪن ۽ سندس شيعن جي فڪري ۽ ثقافتي ڪمن ڏانهن وڌندڙ توجه جا نشانَ هئا ـــ (اسلامي دنيا جي ) انهن علائقن ۾ شيعه عقيدن ۽ فقه جي تبليغ ۽ ترويج ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو.

جڏهن امام عليه السلام  کان، امامن جي صحابين جي انهن ڪتابن کي روايت ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو،جيڪي تقيي جي ڪري لڪايا ويا هئا ته پاڻ فرمايائون: حدّثوا بها فانّها حقَ[24] (انهن کي روايت ڪريو ۽ اهي سڀ صحيح آهن.)

ائين ٿيو جو شيعن پنهنجي وڏڙن جي علمي آثارن کي زنده ڪرڻ ۽ منتشر ڪرڻ  لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ شيعه فقه جو بنياد مضبوط ڪيو، جيڪو هڪ اهم ڪم هئو. سندن فرض هئو ته فقه جي انهن تسليم ٿيل مسئلن تي عمل ڪندا رهن جيڪي منحرف ماڻهو ڇڏي پيا ڏين ، ته جيئن اهي رواج پيدا ڪن (۽ فراموش نه ٿي سگهن). انهن عملن مان هڪ حجّ تمتّع آهي جيڪو هڪ حاجي لاءِ سڀني کان وڌيڪ فضيلت ڀريو عمل شمار ٿئي ٿو.[25]

 

حوالا……

[1] – اثبات الوصيه، ص 215

[2] – اهو انگ محقق عطاردي جي ڪتاب مسند الامام الجواد (ع) جي تحقيق مطابق آهي،

[3] – توحيد، ص 101؛ تهذيب، ج3، ص 283

[4] – . من لا يحضره الفقيه، ج 1، ص 379

[5] الغاشيه 2۽3

[6] – رجال ڪشي، ص 391؛ مسند الامام الجواد(ع) ، ص 150

[7] – رجال ڪشي، ص 444

[8] – ساڳيو

[9] – محقق عطاردي سندن بابت هڪ ڪتاب ”عبدالعظيم الحسني ، حياته و مسنده“ لکيو آهي جڏهن ته سندن زندگيءَ جو ڪجهه ذڪر مسند الامام الجواد (ع) ص 298 کان 308 تائين

[10] – رجال نجاشى، ص 177

[11] – مسند الامام الجواد(ع) ، ص 316

[12] – رجال ڪشى، ص 508.

[13] – مسند الامام الجواد(ع) ص 252

[14] – الفهرست، ص 276

[15] –  الغيبة، ص 212

[16] –  اصول ڪافي ، ج1، ص 384

[17] – الثاقب، ص 208.

[18] – ساڳيو

[19] – تاريخ تشيّع در ايران، ص 190 ـ 192.

[20] – مسند الامام الجواد(ع)، ص 265.

[21] – تهذيب، ج4، ص 140؛ استبصار، ج2، ص 60

[22] – اصول ڪافي، ج 5، ص 111؛ تهذيب، ج6، ص 336.

[23] –  مسند الامام الجواد(ع) ، ص 315.

[24] – اصول ڪافي، ج1، ص 53.

[25] – . اصول ڪافي، ج 4، ص 291؛ تهذيب، ج5، ص 30.

برچسب‌ها:, , , , ,