حضرت امام باقر ع جي سياسي زندگيءَ تي تحليلي نظر(2)

حضرت امام باقر ع جي سياسي زندگيءَ تي تحليلي نظر(2)
2021-03-11
143 بازدید

ليکڪ : خادم حسين الحسيني امام باقر عليه السلام جو حڪومت خلاف  سخت  موقف اسلامي تاريخن ۽ حديثي ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ واضح نموني امام جي اعتراض ۽ سخت موقف تي مبني سرگرمين بابت ڳالهه نه ٿي آهي  ـــ جنهن جا پڻ ڪجهه سبب آهن جن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم سبب، امام جي سياسي زندگيءَ […]

ليکڪ : خادم حسين الحسيني

امام باقر عليه السلام جو حڪومت خلاف  سخت  موقف

اسلامي تاريخن ۽ حديثي ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ واضح نموني امام جي اعتراض ۽ سخت موقف تي مبني سرگرمين بابت ڳالهه نه ٿي آهي  ـــ جنهن جا پڻ ڪجهه سبب آهن جن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم سبب، امام جي سياسي زندگيءَ کان آگاهه ساٿين مٿان مسلط ٿيل گهٽيل ماحول ۽ تقيي جي ضرورت هئي ــــ ان جي باوجود هر ماڻهوءَ جي ڪمن جي گهرائي ۽ اثر جو اندازو سندس ڪمن کان آگاهه دشمن جي ردّعمل مان لڳائي سگهجي ٿو.

هشام بن عبدالملڪ ـــ جنهن کي مورّخ اموي سلسلي جو طاقتور بادشاهه ۽ سندس حڪومت کي سگهاري ۽ دورانديش حڪومت چون ٿا. ــــ پران امام باقرA يا ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ سان سخت لهجو اپنائڻ بغير ڪنهن شڪ جي، ڪنهن اهڙي ڪم يا عمل جي ڪري آهي جنهن کي هو پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا ۽ ان کي برداشت به نه ٿا ڪري سگهن. ان بنياد تي ڪو به شڪ باقي نٿو رهي ته جيڪڏهن  امام باقر عليه السلام فڪري ۽ سياسي سرگرمين کان هٽي ڪري فقط علمي سرگرمين ۾ مشغول هجن ها ته خليفو ۽ حڪومتي ڪارندا ،امام سان ايتري سختيءَ ۽ شدت سان پيش اچڻ کي مناسب نه سمجهن ها.

ڇاڪاڻ ته ان سختيءُ ۽شدت سبب نه فقط امام کي سندن خلاف قيام جو موقعو ملي ها جيئن امام حسين عليه السلام جي دور ۾ ٿيو بلڪه امام جي ساٿين ۽ حبدارن کي ـــ جن جو تعداد به گهٽ نه هئوـــ حڪومت جو دشمن ۽ مخالف بنجڻ جو موقعو ملي ها .

مطلب اهوته حڪومت جو امام ع جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾انتهائي سخت ردّعمل، امام پاران حڪومت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ جو دليل آهي.

امام باقر  عليه السلام جي  شام  طلبي

امام جي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن جي اهم واقعن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور سندن گرفتاري ۽ کين اموي سلطنت جي مرڪز شام ڏانهن گهرايو وڃڻ آهي . حڪومت بابت امام جي موقف کان آگاهه ٿيڻ لاءِ اموي حڪمران حڪم ڏنو ته امام باقر عليه السلام (ڪن روايتن مطابق کين ۽ سندن نوجوان فرزند امام صادق عليه السلام)کي گرفتار ڪري شام موڪليو وڃي. امام کي شام ۾ خليفي محل ۾ آندو ويو . جڏهن ته خليفي پنهنجي درٻارين اڳواٽ ئي سبق پڙهائي ڇڏيو هئو ته شروعات خليفو پاڻ ڪندو پوءِ سڀئي درٻاري ـــ جن ۾ ڪيترائي مک ماڻهو ۽ چڱا مڙس به هئا ــ امام تي تهمتون هڻندا ۽ کين گهٽ وڌ ڳالهائيندا. سندس ان ڪم مان ٻه مقصد هئا:

هڪ اهو ته ان سختي ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ ذريعي امام جي جذبي ڪمزور ڪيو وڃي ته جيئن هر ڪم ڪرڻ لاءِ ميدان صاف هجي ٻيو اهو ته ٻن مخالف ڌڙن جي وڏي ۾وڏن اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ دشمن کي شڪست ڏئي ته جيئن مخالف ڌرين جا ماڻهن کي جڏهن خليفي جي هميشه تيار خاص نوڪرن جهڙوڪ خطيب، ڪارندن ۽ جاسوسن ذريعي ،امام جي شڪست کان خبردار ٿين ته هٿيار ڦٽو ڪن.

ظالم حڪمران سان امام جو ڏاهپ ڀريو رويو

دربار ۾ داخل ٿيڻ وقت امام عام رائج طريقي ـــ ته نئون آيل ماڻهو پهريان خليفي کي اميرالمومنين جي لقب سان سلام ڪري ـــ جي برخلاف ،سڀني ماڻهن ڏانهن منهن ڪري،هٿ جي اشاري سان سڀني کي سلام ڪيو ۽ ڪنهن جي اجازت جو انتظار ڪرڻ جي هڪ جاءِ تي ويهي رهيا.

هشام جي بڪواس

امام جي ان رفتار کي ڏسي هشام حسد جي باهه ۾ سڙي ويو سو پنهنجي طئي ٿيل نقشي مطابق گفتگوءَ جو آغاز ڪندي چيائين:

”توهان علي عليه السلام جو اولاد هميشه مسلمانن جي وحدت کي ٽوڙيو آهي ۽ کين پاڻ ڏانهن سڏيندي انهن ۾ تفرقو ۽ نفاق پيدا ڪيو آهي. توهان ناسمجهيءَ ۽ نادانيءَ سبب پاڻ کي رهبر ۽ امام سمجهو ٿا.“

جڏهن هو اها بڪواس ڪري خاموش ٿيو ته سندس نوڪر ۽ سندس ٽڪڙن تي پلجندڙ چمچا به اهڙي ئي قسم جي بڪواس ڪندي امام تي تهمتون هڻندي سندن توهين ڪن ٿا.

شام جي درٻار ۾ امام ع جو واضح موقف

جڏهن ته ان پوري مدت دوران امام آرام ۽ سڪون سان خاموش ويٺا رهيا، جڏهن سڀئي چپ ٿي ويا ته پاڻ اٿي بيٺا ۽ حاضرين ڏانهن نهاريندي، الله سائينءَ جو حمد و ثنا  ۽ رسول پاڪ تي درود پڙهڻ کان پوءِ مختصر ۽ ڇرڪائيندڙ جملن ۾ سندن ڀل ۽ بي مقصد ڳالهين کي ظاهر ڪندي، سندن بي اختياري ۽ ٻين جي هٿن ۾ استعمال ٿيڻ جي شديد مذمت ڪيائون. پوءِ پنهنجي مقام۽منزلت، سندن خاندان جي شاندار ماضيءَ کي اسلام جي بهترين معيار يعني هدايت ذريعي ثابت ڪيائون ۽ آخر ۾ پنهنجي راهه جي سٺي انجام تي پهچڻ کي بيان ڪن ٿا. جيڪا تاريخ ۾الله جي ثابت ٿيل سنت مطابق هئي. ۽ ان وسيلي سندن ڪمزور جذبات  وڌيڪ ڪمزور ڪندي فرمايائون:

” اَيُّهَا النَّاسُ اَيـْنَ تـَذْهـَبـُونَ ؟ وَ اَيْنَ يُرَادُ بِڪُمْ؟ بِنَا هَدَى اللَّهُ اَوَّلَڪُمْ وَ بِنَا يَخْتِمُ آخِرَڪُمْ فَاِنْ يَڪُنْ لَڪُمْ مُلْڪٌ مُعَجَّلٌ فَاِنَّ لَنَا مُلْڪاً مُؤَجَّلًا وَ لَيْسَ بَعْدَ مُلْڪِنَا مُلْڪٌ لِاَنَّا اَهْلُ الْعَاقِبَةِ يَقُولُ اللَّهُ عَزَّ وَجـَلَّ وَ الْعـاقـِبـَةُ لِلْمُتَّقِينَ“

”اي انسانو!ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟توهان جي لاءِ انجام ڇا آهي؟ الله اسان جي ذريعي توهان جي وڏڙن جي هدايت ڪئي ۽ اسان جي ذريعي ئي توهان جي پڄاڻي ٿيندي. جيڪڏهن هن وقت حڪومت توهان کي مليل آهي ته اڳتي حڪومت اسان جي هوندي. اسان جي حڪومت کان پوءِ ڪنهن کي حڪومت نه ملندي. اسان ئي اهي آخرت وارا آهيون جن لاءِ الله فرمايو آهي ته:آخرت پرهيزگارن لاءِ آهي.“ [1]

امام جواهومختصر۽ علمي خطاب ـــ جنهن ۾ مظلوميت،خوشخبري، ڌمڪي ۽ پنهنجي موقف جي تاييد ۽ مخالف جي موقف جي رد ڪرڻ جو مجموعو هئو ــــ اهڙو ته اثر رکي پيو جو جيڪڏهن ماڻهن جي ڪنن تائين پهچي ها ته هر ٻڌڻ وارو، ان جي چوڻ واري جي حقانيت تي ايمان آڻي ها. اهڙي خطاب جو جواب ڏيڻ لاءِ ڳالهائڻ جي فن سان گڏ ايتري ئي خود اعتمادي  ۽ دل جي مضبوطيءَ جي به ضرورت آهي. لهذا(جيڪڏهن اهي ٻئي نه هجن ته پوءِ) دشمني ۽ سختيءَ کانسواءِ ڪو چارو نه ٿو بچي.

امام جو قيد ۽ جلاوطني

هشام حڪم ڏنو ته امام کي قيد ۾ وڌو وڃي. حقيقت ۾ اهو سندس ڪمزور موقف ۽ ڪمزو سهپ جو دليل هئو. امام زندان ۾ به پنهنجي موقف کي بيان ڪري پنهنجي ساٿي قيدين کي متاثر ڪن ٿا. ايستائين جو ڪو قيدي اهڙو نه ٿو بچي جيڪو امام جي موقف کي نه مڃيندو هجي ۽ ساڻن محبت نه ڪري. زندان جا ملازم اها ڳالهه هشام کي ٻڌائن ٿا. اها ڳالهه اهڙي حڪومت لاءِ برداشت جوڳي ناهي جيڪا سالن جا سال شام کي شيعن جي تبليغي سرگرمين کان پري رکيو پئي اچي. تنهنڪري هشام حڪم ڏنو ته امام ۽ سندن ساٿين کي زندان مان ٻاهر ڪڍو ۽ مديني کانسواءِ ڪو شهر سندن رهڻ لائق ناهي جتان جا پاڻ رهاڪو آهن. جيتوڻيڪ اتي سندن رهائش انهن سڀني سختين ۽ جاسوسين سان گڏ هوندي، جيڪي اڳي کان به وڌي چڪيون هيون…. ته جيئن ضرورت جي صورت ۾ آخري قدم کنيو وڃي ۽ مخالف کي ڳجهي نموني سندس ئي گهر ۾ ختم ڪري سگهجي. ۽ امام کي قتل ڪرڻ جو الزام به سندن مٿان نه اچي….

بهرحال هشام جي حڪم تي امام ۽ سندن ساٿين کي تيز سوارين تي سوار ڪري ـــ ته جيئن رستي ۾ ڪٿي  به ترسي نه سگهن ـــ مديني طرف روانو ڪيو ويو. جڏهن ته پهريان ئي حڪم ڏنو ويو هئو ته  رستي ۾ ايندڙ شهرن مان ڪير به بادشاهه جي عتاب جو شڪار ان قافلي سانڪو معاملو نه ڪري، کين پاڻي ۽ ماني نه ڏئي.[2]

ان حال ۾ امام ٽي ڏينهن سفر ڪن ٿا ايستائين جو سندن کاڌو ۽ پاڻي ختم ٿي ويو

تاريخ  پاڻ  ورجائي  ٿي

امام مديني پهتا ته شهر وارن، گورنر جي حڪم تي در بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪابه شيءِ امام کپائڻ کان انڪار ڪيائون. جڏهن ته امام جا ساٿي بک ۽ اڃ کان بي حال ٿي چڪا هئا. امام شهر وارن جو اهڙو رويو ڏسي اتي موجود  هڪ جبل ٿي بيهي کين هڪل ڪندي فرمايو:

”اي شهر جا ظالم انسانو! آءُ آهيان الله جو باقي بچيل اهو خزانو!، جنهن جي باري ۾ فرمايو اٿائين: جيڪڏهن مومن هوندئو ته الله جو باقي بچيل توهان لاءِ ڪافي آهي“

اتي هڪ هوشياري ۽ شجاعت پوري سازش کي ناڪام بڻائي ٿي ڇڏي. جڏهن شهر جو هڪ ماڻهو پنهنجي گمراهه شهروارن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪندي کين چوي ٿو:

”هيءَ اها ئي هڪل آهي جيڪا حضرت شعيب نبيءَ پنهنجي قوم جي گمراهه مٿان ڪئي. ۽ پوءِ کين سمجهائي ٿو ته توهان هن وقت ان ئي نبيءَ جي سامهون بيٺا آهيو جنهن مقابلي ۾ گذريل ماڻهون بيٺا هئا. جن تي توهان پاڻ نبيءَ جو پيغام نه مڃڻ تي لعنت ڪندا هئا. هاڻي تاريخ پاڻ کي ورجائي پئي جو اڄ ساڳيو ئي پيغام،ساڳيو ئي پيغمبر ۽ ساڳيا ئي ماڻهون موجود آهن…..!“

ان سچي ڳالهه دلين تي اثر ڪيو ۽ حڪمران پنهنجي تمام سازشن باوجود امام جي اڳيان جهڪڻ تي مجبور ٿين ٿا.[3]

هن تاريخي روايت جو آخري حصو ـــ جيڪو هڪ طرف کان ان دور ۾ موجود سياسي حالات ،گهٽيل ماحول ۽ سڀني ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندڙ حڪومت کي ته ٻئي پاسي کان امام پاران اموي حڪومت خلاف اختيار ڪيل خاص موقف کي بيان ڪري ٿوـــ هيٺين ريت آهي :

”جڏهن هشام کي مديني جي واقعي جي خبر پئي ته حڪم ڏنائين ته سڀني کان پهريانان گستاخ ماڻهوءَ کي جنهن حڪومت جي نقشي کي ناڪام بڻايو ۽ ماڻهن کي وڏي غفلت کان بيدار ڪيو سندس خيانت تي سزا ڏني وڃي… پوءِ خليفي جي حڪم تي ان ماڻهوءَ کي قتل ڪيو ويو.“

امام عليه السلام پاران سڌي جنگ کان پاسو ڪرڻ جا مکيه ڪارڻ

انهن سڀني ڪمن جي باوجود امام حڪومت خلاف سڌي سنئين جنگ کان پاسو ڪندا هئا، امام سندن خلاف نه فقط پاڻ تلوار نه کنئين. بلڪه انهن تلوارن کي جيڪي تڪڙي جذبات جو شڪار ٿي  ٻاهر اچڻ  لاءِ تيار ٿينديون هيون تن کي به واپس غلاف ۾ رکائڻ سان گڏ کين هوشياري ۽ موقعو مهل سڃاڻي قدم کڻڻ جي تلقين ڪندا هئا. زباني تلوار کي به جيستائين تمام گهڻي ضرورت پيش نه ايندي هئي،استعمال نه ڪندا هئا.

پنهنجي ڀاءُ زيد کي جيڪو شدت جذبات جي ڪري پنهنجي جان کان تنگ ٿي چڪو هئو،قيام جي اجازت نه ٿا ڏين. زندگيءَ جي عام زندگيءَ ۾ شڪي ماڻهن جي رابطي ڪرڻ مهل پنهنجي علمي ۽ ثقافتي سرگرمين تي وڌيڪ توجه ڏين ٿا . جنهن ۾ عقيدتي ميدان جي مضبوطيءَ سان گڏ سياسي تقيو به هئو.

ليڪن ـــ جيئن ته پهريان به اشارو ڪري آياسين ـــ اها حڪيمانه روش سبب نه پئي بڻجي جو امام پنهنجي امامت جي ڳجهي تحريڪ کان پنهنجي ويجهن ساٿين ۽ سچن شيعن کي به آگاهه نه ڪن، جن حق جي راهه جو انتخاب ڪيو هئو ۽ کين  شيعت جي عظيم الشان آسَ ـــ يعني مسلسل  جدوجهد ذريعي اسلامي معاشري ۽ علوي حڪومت کي وجود ۾ آڻڻ ــــ کي سندن دلين ۾ پيدا نه ڪن. ايستائين جو مناسب موقعن تي ضرورت آهر سندن جذبات کي وڌائي سگهن.

امام باقر عليه السلام جا  قوم جي بهتر مستقبل لاءِ کنيل قدم

امام پاران ماڻهن کي دلداريءَ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن مان کين سندن بهرين مستقبل جي خوشخبري ڏيڻ آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته امام عليه السلام شيعت جي تحريڪ ۾ پنهنجي مقام کان چڱيءَ طرح واقف هئا. جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي :

” امام باقر عليه السلام جي گهر ۾ هئاسين،جڏهن ته گهر ماڻهن سان ڀريل هئو. اوچتو هڪ پيرسن ماڻهو داخل ٿيو ۽ سلام ڪرڻ کانپوءِ چيائين: اي الله جي رسول جا ٻچڙا! خدا جو قسم آءُ اوهان ۽ توهان جي حبدارن سان محبت ڪريان ٿو. خدا جو قسم! ته اها محبت دنيا جي زر وزيورن جي لالچ ۾ ناهي. آءُ توهان جي دشمنن کي دشمن سمجهان ٿو ۽ انهن کان بيزار آهيان. ليڪن اها نفرت ۽ دشمني اسان جي ڪنهن خون وهڻ جي سبب ناهي. ۽ آءُ منتظر آهيان ته توهان جي فتح ڪڏهن ٿيندي؟ توهان تي قربان وڃان ڇا منهنجي لاءِ ڪا اميد آهي؟

امام ان پيرسن ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجي پاسي ۾ ويهاري کيس چيائون:اي پيرسن مومن :

ڪنهن ماڻهوءَ منهنجي والد علي بن حسين کان اهو ئي سوال پڇيو هئو ته منهنجي والد کين جواب ڏنو: جيڪڏهن ان انتظار ۾ تنهنجو موت اچي ويو ته تون رسول الله 1، علي ،حسن،حسين ۽ علي بن حسين عليهم السلام وٽ موڪليو ويندين،جڏهن ته تنهنجي دل ٿڌي، جان ڪامياب ۽ اکيون روشن هونديون. خدائي مورّخن مان هوندي ۽ تنهنجي جاءِ امن ۽ سڪون واري هوندي…. جيڪڏهن زندهه رهين ته هن ئي جهان ۾ اهو زمانو ڏسندي جو تنهنجيون اکيون ٿڌيون ٿين.ان دور ۾ اسان سان گڏ بهترين مقام تي هوندي. اهو ٻڌي پيرسن اٿي وڃڻ لڳو ته امام ان ڏانهن نهاريندي فرمايو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا ۾ بهشتي ماڻهو ڏسڻ چاهي ٿو ته ان پيرسن مومن کي ڏسي.“ [4]

بلڪه ڪڏهن ته امام ان کان به قدم اڳتي وڌائن ٿا  جو پنهنجي ڪاميابيءَ جو سال معين ڪندي شيعت جي عظيم آسَ کي عملي جامو پهرائين ٿا. ابو حمزه ثمالي چوي ٿو ته امام محمد باقر عليه السلام کان ٻڌم ته فرمايائون:

” الله سائين ان ڪم (علوي حڪومت جي تشڪيل) لاءِ  سن 70 هه وارو سال معين ڪيو هئو ليڪن امام حسينA جي شهادت تي خلق مٿان ناراض ٿي ان کي 140 هه تائين پوئتي ڪري ڇڏيائين…. اسان الله جي ان واعدي کان اوهان (ويجهن ساٿين) کي آگاهه ڪيوسين ليڪن اوهان راز کي راز نه رکيو ۽ ان کي ظاهر ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري خدا هاڻي ان وقت کي وري معين نه ڪيو. خدا جنهن کي چاهي ختم ڪري ۽ جنهن کي چاهي باقي کي. “

ابوحمزه ثمالي چوي ٿو ته اها ڳالهه امام صادق عليه السلام کي ٻڌايم ته فرمايائون: بلڪل ائين ئي هئو.[5]

اسلامي معاشري جي ٺهڻ ۽ علوي حڪومت جي اچڻ بابت اهڙي قسم جا بيان، گهٽيل ماحول ۽ شديد سختين واري معاشري ۾ اهڙا دل آويز خواب ڏيکارڻ. حقيقت ۾ مظلوم شيعن جي دلين ۾ اميد ۽ جذبو وڌائڻ سان گڏ هڪ روشن حتمي ايندڙ مستقبل جي خبر ڏئي ٿو جيڪي جدوجهد لاءِ سندن عزم ۽ ارادي کي مضبوط ڪن پيا.

ڪٺن راهه   تي جدوجهد   جا  19  سال

امام عليه السلام اهڙن ڪٺن حالات ۾،امامت جي 19 سالن جي عرصي دوران هميشه پنهنجي سڌي۽ واضح موقف تي بيٺا رهيا.

انهن 19 سالن ۾ عقيدتي تعليم سان گڏ، عملي تربيت، جنگي حڪمت عملي، تنظيم سازي، سياسي موقف جي حفاظت ۽ ثابت قدمي کان علاوهه تقيو به هئو ته هرروز وڌندڙ ۽ مضبوط ٿيندڙ اميدواري .

مطلب ته 19 سال پٿرن ڀريي،ڪٺن رستي تي هلندي، مسلسل جنگ ۽ جهاد ….. نيٺ سندن مختصر ،۽ بابرڪت عمر پڄاڻيءَ تي پهچتي ته سندن قسم کنيل دشمن،اهو ڏسي سک جو ساهه کڻن ٿا ته علوي تحريڪ جو روح روان هاڻي دنيا ۾ ناهي رهيو.۽ هاڻي هو شيعت جي تبليغي جنگ کان آجا ٿي ملڪ ۾ موجود ٻين سوين مسئلن کي منهن ڏئي سگهندا.

البته ويندي ويندي به ان آتشي وجود جي گرم خاڪ، اموي حڪومت جي بنيادن کي دل دهلائيندڙ جهٽڪو ڏنو.سڄي عمر حقيقت کي عيان ڪندڙ، موت کانپوءِ به پنهنجو ڪم اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، سڄي زندگي ماڻهن کي آگاهه ڪندڙ، مرڻ کانپوءِ به اهو ئي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. پنهنجي ويجهن ساٿين ۽ ماڻهن جي ان وڏي تعداد کي جيڪي علم ۽ فڪر جا پياسا آهن، هڪ نئون درس ۽ پيغام ڏيڻ چاهي ٿو. اهو درس ۽ پيغام به سندس پوري زندگيءَ وانگر گهرو ۽ عميق آهي. جنهن مان دوست ۽ ضرورت مند فيضاب ٿين ٿا پر دشمن جي ننڊ خراب نه ٿي ٿئي

البته امام جي موقعي ۽ مناسبت تقيي سان گڏ،سندن سراسري موقف ۽ عمل جو بهترين نمونو آهي.

منى ۾ عزاداري ڪرائڻ جا مکيه ڪارڻ

جن تاريخدانن امام کان پوءِ سندن سوانح حيات لکي سي به امام جي هن عظيم قدم کان غافل رهيا ، جيڪو قدم هڪ مختصر حديث ۾ سمايل هئو. اهو هيءَ ته امام پنهنجي فرزند جعفر بن محمد عليه السلام کي حڪم ڏنو ته سندن ملڪيت جو هڪ حصو (800 درهم) سندن مٿان ڏهن سالن تائين عزاداريءَ مٿان خرچ ڪيو وڃي. جڏهن ته اهو گريو ۽ عزاداري حج جي موسم[6] ۽ منى جي ميدان ۾ ڪئي وڃي. فقط اهو ۽ بس!

حج جي موسم، پري پري کان آيل ۽ هڪٻئي کان اڻ واقف ڀائرن جي گڏجڻ ٿيڻ جي موسم آهي. جتي هزارين ماڻهو حج جي ڏينهن ۾ گڏ ٿين ٿا . مختلف ٻولين سان تعلق رکندڙ انسان جن جون دليون ڳنڍيل آهن. هڪ زبان سان،هڪ ئي خدا کي سڏين ٿا. ۽ هڪ ئي پرچم جي سائي هيٺان سڀني قوم جي گڏ ٿيڻ واري معجزي کي ڏسن ٿا.

جيڪڏهن ڪو پيغام پوري دنيا ۾ پهچائڻو هجي ته ان کان وڌيڪ مناسب فرصت ٻئي ڪانه ملندي.

حج جا اعمال ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتا ۽ ٻه ٽن جاين تي انجام ڏنا وڃن ٿا، انهن مان ڪهڙو ڏينهن ۽ ڪهڙي جاءِ مناسب آهي؟ مڪو هڪ شهر آهي ،شهر ۾ ماڻهو ٽڙيل۽ مشغول هوندا آهن. جڏهن ته اتي سڀئي حج جي اعمالن ۾ مصروف هوندا آهن.جهڙوڪ طواف،سعي،نمازوغيره …. مشعر ۾ رات جو ٽڪڻو پوي ٿو جتي نه فرصت آهي نه جاءِ، فقط منى کان اڳ ايندڙ هڪ اسٽاپ آهي. عرفات جيتوڻيڪ ڏينهن جو ٽڪڻ جي جاءِ آهي ليڪن هڪ ڏينهن آهي جنهن جي صبح جو، پهچڻ جو ٿڪ ته شام جو جلدي نڪرڻ جي تڪڙ…

تنهن ڪري سڀني کان وڌيڪ مناسب جاءِ منى آهي. حاجي عرفات کان موٽي اتي ٽي ڏينهن ٽڪي ٿو . ۽ اتي ٻين سان واقفيت،گفتگو ۽ همدرديءَ لاءِ مناسب مقام آهي. ڪير آ جيڪو روز ڏينهن جو مڪي وڃي وري موٽي اچڻ جي زحمت ڪري؟  اتي رهڻ، ٻين سان ملڻ، محفلن ۽ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تمام ڀلو وقت ۽ جاءِ آهي،

هاڻي (ان جاءِ تي ڪا مجلس ٿئي ته ) عام طور هر ماڻهو ان مجلس جي خبر ضرور ڏيندو جيڪا هر سال ٽي ڏينهن ان بيابان ۾ ٿيندي هجي. آهستي آهستي سڄي جهان جا ماڻهو ان کان آگاهه ٿي چڪا آهن. سالن کان مديني جا ماڻهون ـــ جن ۾ وڏي پائي جا صحابي،فقيه ۽ محدث به  آهن ــــ هن جاءِ تي،هنن ڏينهن ۾ هڪ مجلس برپا ڪن ٿا.  (هاڻي پاس سوچيو ته اتي سوال پيدا ٿيندو ته هيءَ مجلس) ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسلامي دنيا جي هڪ عظيم شخصيت لاءِ ، محمد بن علي بن حسين عليه السلام جي لاءِ، آل رسول عليهم السلام جي هڪ بزرگ هستي، فقيهن ۽ محدثن ۾سڀني کان وڏو فقيه ۽ محدث، فقه ۽ حديث جي سڀني مشهور عالمن جو استاد.

ڇا جي لاءِ هر جاءِ کان سڀئي هتي اچي ان جي باري ۾ڳالهائين ٿا؟ ڇا سندن موت طبعي نه هئو؟ کيس ڪنهن زهر ڏنو ۽ شهيد ڪيو؟ کيس ڇو قتل ڪيو ويو؟ هن ڇا ڪيو هئو؟ هن ڇا چيو هئو؟ سندس مقصد ڇا هئو؟ ڪهڙي پاسي سڏي پيو؟ ڇا هو حڪمرانن لاءِ خطرو هئو؟ ۽ اهڙا ٻيا سوين سوال ، سوين مونجهارا، پيدا ٿين ٿا ؟

جن جواب ڏيڻ لاءِ مجلس جا باني ۽ ٻيا اهڙا مطلع ماڻهو جيڪي اتي ماڻهن جي ميڙ ۾ موجود ۽ ٽڙيل پکڙيل آهن: اهي ماڻهون جيڪي مديني يا ڪوفي کان هتي آيا آهن ته جئين ان بهترين فرصت مان فائدووٺندي پوري اسلامي دنيا جي ماڻهن اڳيان انهن مسئلن کان آگاهه بيان ڪن، پنهنجي ڀائرن ۽ آقائن سان ملاقات ڪن،کين ڪا خبر ٻڌائين ڪو حڪم وٺن. مطلب ته شيعت جي تبليغ جا هزارين ذريعا جيڪي ان زماني جي عظيم تبيلغي مرڪز مان نڪرن پيا.

اها هئي امام باقر عليهم السلام جي موت کان پوءِ جهاد جي ڪامياب رٿا ۽ اهو ئي آهي اهو بابرڪت وجود جنهن جي زندگي ۽ موت خدا جي راهه ۾ آهي.

”وجعله مبارڪا اينما ڪان ….. سلام عليه يوم ولد و يوم يموت و يوم يبعث حيّا “.[7]

 

حوالا…..

[1] – (ايها الناس) جو خطاب درٻار ۾ موجود حڪومت جي انتهائي اهم ماڻهن لاءِ آهي جيڪي خليفي جي چوڌاري ان جي حمايت لاءِ تيار ويٺا آهن حقيقت ۾ شيطاني معاشري جي سڀني عظمتن کي ٺڪرائڻ آهي. جيڪي ظالمن کي عام ماڻهن کان مٿي ڪندي کين عليحده مقام ڏيندا هئا هڪ اصولي  ۽ عميق جنگ فقط هڪ ننڍڙي جملي ذريعي.

[2] – ڪجهه روايتن مطابق انهن شهرن جي ماڻهن کي ٻڌايو ويو هئو ته محمد بن علي ۽ جعفر بن محمد (نعوذبالله) نصراني ۽ مرتد ٿي ويا آهن (بحارالانوار ج46 ص306) اهڙي قسم جو واقعو انويهين صديءَ جي وچ ڌاري هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾به ڏٺو ويو : جو هڪ مشهور ۽ معتبر عالم دين تي جيڪو هندوستان ۾ مسلمانن جي تحريڪ جو  مکيه اڳواڻ ، تحريڪ مخالف عالمن جي هڪ گروهه هٿان ”وهابي“ قرار ڏنو ويو. فقط ان جي لاءِ ته جيئن  اهو عالم ماڻهن جي نظر ۾ ڪري پوي . اهو الزام ان مقصد لاءِ ڪافي هئو. جڏهن ته خود وهابي فرقي جو حجاز ۾ وري ٻيو رنگ هئو . استعمار جي ڏينهن ۾ هن تازه قدم پئي کنيائين جنهن سان پوري عالم اسلام ۾ نفرت ۽ غصي جي نئين لهر ايجاد پئي ٿي . ايستائين جو خود وهابي هجڻ جو الزام ئي معتبر ماڻهن کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي هئو.جڏهن ته عام ماڻهن کي صحيح نموني اها ئي خبر نه هئي ته وهابيت ڇا آهي ؟ ۽ ڪٿان پيدا ٿي آهي ۽ ڇا ٿي چوي ،ڇا ٿي چاهي؟ ڇا اهي پاڪ عالمَ جن پنهنجي پوري زندگيءَ انگلستان خلاف لڙندي گذري آهي ٿي سگهي ٿو ته وهابي هجن جيڪي انگريزن جي هٿن ۾ پيا؟ کين فقط ايتري خبر هئي ته وهابيت هڪ انحرافي فرقو آهي هاڻي جڏهن ٻڌن پيا ته فلان وڙهندڙ عالم وهابي آهي ته ان کان نفرت لاءِ ڪافي هئو (ڏسو ڪتاب ”هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ مسلمانن جو ڪردار“)  آءُ جڏهن  اهو واقعو ۽ امام محمد باقر ۽ صادق عليهما السلام تي نصراني ٿيڻ جوالزام پڙهيو ۽ پوءِ پنهنجي اڄ ڪلهه جي حالت تي نظر وڌم ته منهنجي زبان تي عربي شعر جو هيءُ مصرو آيو: ”النّاس ڪالنّاس ،والايام واحدة“ ماڻهو ماڻهن جهڙا ۽ ڏينهن سڀ هڪجهڙا آهن.

حوالا….

[3] – بحار الانوار ج46 ص 264

[4] – بحار الانوار ج46 ص361 ۽ 362

[5] – اصول ڪافي ج1 ص368

[6] – عن ابي عبدالله قال: قال لي ابي : يا جعفر اوقف لي من مالي من مالي ڪذا و ڪذا لنوادب تندبني عشرة سنين بمنى  ايام منى (بحارالانوار ج 46 ص 215 ۽ 220)

[7] – سوره مريم آيت 15 ۽ 31 مان ورتل

برچسب‌ها:, ,