بريد بن معاويه عجلي

بريد بن معاويه عجلي
2021-03-11
224 بازدید

ليکڪ؛   خـادم  حسـين  الحسيني الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ نبين ۽ امامن جي شڪل ۾ اهڙا معلم ۽  استاد موڪليا آهن جن جو مقصد انسان ذات جي خدمت ۽ ڀلائيءَ سان گڏ سندن اهڙي تربيت ڪرڻ  هئو، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ سميت پنهنجي پالڻهار  اڳيان سرخرو ٿي سگهن […]

ليکڪ؛   خـادم  حسـين  الحسيني

الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ نبين ۽ امامن جي شڪل ۾ اهڙا معلم ۽  استاد موڪليا آهن جن جو مقصد انسان ذات جي خدمت ۽ ڀلائيءَ سان گڏ سندن اهڙي تربيت ڪرڻ  هئو، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ سميت پنهنجي پالڻهار  اڳيان سرخرو ٿي سگهن .  امام پاڪن جي خدمت ۾ حاضري ڀري، سندن در تان ڪسب فيض ڪندڙ  انسانن مان ڪجهه اهڙا  به هئا جن سالن جا سال سندن تربيت هيٺ گذاريا ۽ اهڙا  ته ڪندن ٿي نڪتا جو خود امام پنهنجي انهن شاگردن تي افتخار ڪيو ۽ کين شيعت جي چمڪندڙ ستارن  جو درجو ڏنو.  انهن شاگردن مان بريد بن معاويه عجلي به هڪ آهي . هن مختصر مقالي ۾ اسان سندس سوانح عمريءَ ۽ فضيلت تي هڪ نظر وجهون ٿا.

مختصر تعارف

بريد بن معاويه جو شمار  امام محمد باقر ۽ جعفر صادق عليهما السلام جي انتهائي هونهار ،وفادار ۽ امانتدار صحابين مان ٿئي ٿو، جن جو نه فقط شيعت بلڪه اسلام مٿان عظيم احسان آهي . بريد جو شمار  امام جعفر صادق عليه السلام جي انهن شاگردن ۾ ٿئي ٿو جن سالن جا سال امامت ۽آل محمد عليهم السلام جي خدمت ۾ گذاريا ، سندن در تان علم پرايو، سکين ۽ ڏکين ڏينهن ۾ امام پاڪن سان گڏ رهيا ۽ هرگز سندن در نه ڇڏيو. بريد پنهنجي علم، تقوى ، پرهيزگاري ۽ علمي قابليت سبب امام پاڪن وٽ اهو رتبو پاتو جنهن جي هر شيعه ۽ آل محمد عليهم السلام جي حبدار کي تمنا هوندي آهي . بريد پنهنجي دور ۾ شيعن جي بزرگ ۽ مکيه اڳواڻن ۾ شمار ٿيندو هئو ايستائين جو جتي زرارة بن اعين، محمد بن مسلم  ۽ ابوبصير جو نالو ورتو ويندو هئو اتي بريد بن معاويه جو نالو به ضرور  ٿي ورتو ويو.

بريد جو تعلق قحطاني عربن جي عجلان قبيلي سان هئو جن ڪوفي ڏانهن هجرت ڪري ، اتي رهائش اختيار ڪئي [i] جنهن ڪري کين بريد بن معاويه عجليءَ جي نالي سان سڃاتو ويندو هئو پاڻ ڪوفي ۾ پيدا ٿيا ۽ اتان علم حاصل ڪرڻ جي آس تي مديني منوره سفر ڪيائون ۽  اتي امام محمد باقر عليه السلام جي در تي حاضري ڀري سندن شاگردي اختيار ڪيائون، اهڙي شاگردي جو استاد کي به شاگرد تي افتخار هئو[ii]، حضرت امام باقر عليه السلام جي شهادت کانپوءِ سندن فرزند ارجمند حضرت امام جعفرصادق عليهم السلام جڏهن مديني ۾ پهرئين اسلامي يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ هزارين شاگرد سندن علمي دسترخوان تي گڏ ٿيا ته اتي امام باقر عليه السلام جي شاگردن به سندن خدمت ۾ حاضري ڀري جن ۾ زرارة  ۽  بريد پيش پيش رهيا.

بريد علم فقه، حديث ۽ اخلاق جو ماهر هئو مديني ۾ سندس شمار  انهن فقيهن ۾ ٿئي پيو .[iii]  جن جو امام پاڪن وٽ هڪ خاص مقام هئو . بريد هڪ ڪتاب به لکيو جيڪو کائنس علي بن عقبه بن خالد اسديءَ روايت ڪيو اهي.[iv]

علم رجال جي عالمن مطابق بريد جو شمار اصحاب اجماع مان ٿئي ٿو يعني امام پاڪن جا اهي صحابي جن کان نقل ٿيل حديثن جي سچائيءَ ۾ شڪ جي گنجائش ناهي. [v]

شيعه حديثي ۽ روائي ڪتابن ۾ بريد کان 650 کان وڌيڪ روايتون ذڪر ٿيون آهن [vi]، جن مان اڪثر ڪري امام محمد باقر ۽ صادق عليهما السلام کان روايتون نقل ڪيون آهن. جڏهن ته ان کان علاوهه نقل حديث ۾ محمد بن مسلم ۽ مالڪ بن اعين جي شاگردي به ڪئي اٿائون. [vii] جڏهن ته نقل حديث ۾ سندن شاگردن جو تعداد به گهٽ ڪونهي جنهن ۾ وڏا وڏا مشهور صحابي ۽  رواي نظر اچن ٿا جهڙوڪ ابن اذينة، ابن بڪير، ابان بن عثمان، ثعلبة بن ميمون، جميل بن صالح،هشام بن سالم، حارث بن محمد بن نعمان المعروف مومن الطاق، ربعي بن عبد الله، عبد الله بن حماد، و علي بن رئاب، و غالب بن عثمان، هارون بن مسلم ۽ يحيى الحلبي. [viii]

ابن ابي رافع جي روايت مطابق بريد جي وفات سن 150 هجري ڌاري ٿي.[ix]

بريد بن معاويه  عجلي جي فضيلت ۽ مقام

بريد بن معاويه جي فضيلت، مقام ۽ منزلت ڇا آهي؟ سندس ايمان، علمي لياقت، امام سان محبت، امام جي اطاعت وغيره ۽ اهڙي نموني امام جي نظر ۾ سندس ڇا مقام هئو ؟ اهڙي قسم جي سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ  اسان هتي سندن بابت ذڪر ٿيل ڪجهه روايتون ذڪر ڪريون ٿا.

  1. عَنْ جَمِيلِ بْنِ دَرَّاجٍ، قَالَ سَمِعْتُ ابَا عَبْد..اللَّه C يَقُولُ اوْتَادُ الْارْضِ وَ اعْلَامُ الدِّينِ ارْبَعَةٌ: مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ وَ بُرَيْدُ بْنُ مُعَاوِيَةَ وَ لَيْثُ بْنُ الْبَخْتَرِيِّ الْمُرَادِيُّ وَ زُرَارَةُ بْنُ اعْيَنَ.[x]

جميل بن دراج کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام کان ٻڌم ته فرمايائون: زمين کي مضبوط ڪندڙ ميخون ۽ دين جا پرچمدار چار آهن، محمد بن مسلم ،بريد بن معاويه ،ليث بن بختري مرادي ۽ زرارة بن اعين .

2.عَنْ دَاوُدَ بْنِ سِرْحَانَ، قَالَ سَمِعْتُ ابَا عَبْدِ اللَّهِ C يَقُولُ: … انَّ اصْحَابَ ابِي C ڪانُوا زَيْنا احْيَاءً وَ امْوَاتا، اعْنِي زُرَارَةَ وَ مُحَمَّدَ بْنَ مُسْلِمٍ وَ مِنْهُمْ لَيْثٌ الْمُرَادِيُّ وَ بُرَيْدٌ الْعِجْلِيُّ، هَؤُلَاءِ الْقَوَّامُونَ بِالْقِسْطِ هَؤُلَاءِ الْقَوَّالُونَ بِالصِّدْقِ هَؤُلَاءِ السّابِقُونَ السّابِقُونَ اولئِڪ الْمُقَرَّبُونَ. [xi]

دائود بن سرحان کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام کان ٻڌم ته فرمايائون: منهنجي والد جا ڪجهه صحابي (اسان لاءِ) هميشه سونهن ۽ زينت (جو باعث) آهن چاهي زندهه هجن يا فوت ٿي وڃن. اهي زرارة ،محمد بن مسلم،ليث مرادي ۽ بريد عجلي آهن. اهي منصف مزاج ۽ گفتار جا سچا آهن ، هيءُ اهي ئي اڳرائي ڪندڙ آهن، جن لاءِ قرآن ۾ آيو آهي (السابِقُونَ  السابِقُونَ  اولئِڪ  المُقَرَبُونَ)

3.عَنْ ابِي الْعَبَّاسِ الْبَقْبَاقِ، قَالَ، قَالَ ابُو عَبْدِ اللَّهِ C زُرَارَةُ بْنُ اعْيَنَ وَ مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ وَ بُرَيْدُ بْنُ مُعَاوِيَةَ وَ الْاحْوَلُ احَبُّ النَّاسِ الَيَّ احْيَاءً وَ امْوَاتا [xii]

ابوعباس بقباق کان روايت آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو: مون کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ پيارا  چار ماڻهو آهن چاهي زندهه هجن يا وفات ڪري وڃن : زرار ة، محمد بن مسلم، بريد بن معاويه، ابوجعفر احول.

  1. عَنْ جَمِيلِ بْنِ دَرَّاجٍ، قَالَ سَمِعْتُ ابَا عَبْدِ اللَّهِ C يَقُولُ بَشِّرِ الْمُخْبِتِينَ بِالْجَنَّةِ بُرَيْدُ بْنُ مُعَاوِيَةَ الْعِجْلِيُّ وَ ابُو بَصِيرٍ لَيْثُ بْنُ الْبَخْتَرِيِّ الْمُرَادِيُّ وَ مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ وَ زُرَارَةُ، ارْبَعَةٌ نُجَبَاءُ امَنَاءُ اللَّهِ عَلَى حَلَالِهِ وَ حَرَامِهِ، لَوْ لَا هَؤُلَاءِ انْقَطَعَتْ اثَارُ النُّبُوَّةِ وَ انْدَرَسَتْ. . [xiii]

جميل بن دراج کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام کان ٻڌم ته فرمايائون ؛  الله جي عاجز ٻانهن کي جنت جي خوشخبري ڏي، بريد بن معاويه عجلي، ابوبصير، محمد بن مسلم ۽ زرارة  الله جا چار امين آهن سندس حلال ۽ حرام مٿان، جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته نبوت جا  آثار ختم ۽ نابود ٿي وڃن ها.

  1. عَلِيُّ بْنُ اسْبَاطٍ، عَنْ ابِيهِ اسْبَاطِ بْنِ سَالِمٍ، قَالَ قَالَ ابُو الْحَسَنِ مُوسَى بْنُ جَعْفَرٍ C اذَا ڪانَ يَوْمُ الْقِيَامَةِ نَادَى مُنَادٍ ايْنَ حَوَارِيُّ مُحَمَّدِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ رَسُولِ اللَّهِ الَّذِينَ لَمْ يَنْقُضُوا الْعَهْدَ وَ مَضَوْا عَلَيْهِ فَيَقُومُ سَلْمَانُ وَ الْمِقْدَادُ وَ ابُو ذَرٍّ. ثُمَّ …. ثُمَّ يُنَادِي ايْنَ حَوَارِيُّ مُحَمَّدِ بْنِ عَلِيٍّ وَ حَوَارِيُّ جَعْفَرِ بْنِ مُحَمَّدٍ فَيَقُومُ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ شَرِيڪ الْعَامِرِيُّ وَ زُرَارَةُ بْنُ اعْيَنَ وَ بُرَيْدُ بْنُ مُعَاوِيَةَ الْعِجْلِيُّ وَ مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ وَ ابُو بَصِيرٍ لَيْثُ بْنُ الْبَخْتَرِيِّ الْمُرَادِيُّ وَ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ ابِي يَعْفُورٍ … فَهَؤُلَاءِ اوَّلُ السَّابِقِينَ وَ اوَّلُ الْمُقَرَّبِينَ .[xiv]

علي بن اسباط کان روايت اهي ته امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو:  قيامت جي ڏينهن هڪ سڏڻ وارو سڏيندو: ڪٿي آهن الله جي رسول محمد بن عبدالله (صلي الله عليه وآله) جا ساٿي؟ جن پنهنجو عهد پاڙيو ۽ ان کي نه ٽوڙيو؟ اتي سلمان، مقداد ۽ ابوذر اٿندا ………… وري ٻيهر سڏ ٿيندو: ڪٿي آهن محمد بن علي (باقر) ۽ جعفر بن محمد (صادق) علهيما السلام جا ساٿي؟ ان مهل عبدالله بن شريڪ عامري، زرارة بن اعين، بريد بن معاويه عجلي، محمد بن مسلم ، ابوبصير مرادي ۽ عبدالله بن ابي يعفور اٿندا …. هيءُ ئي اهي اڳرائي ڪرڻ وار ن ۾ اڳيان اڳيان ۽ پهريان مقرّب ٻانها آهن.

  1. عَنْ سُلَيْمَانَ بْنِ خَالِدٍ الْاقْطَعِ، قَالَ سَمِعْتُ ابَا عَبْدِ اللَّهِ C يَقُولُ مَا احَدٌ احْيَا ذِڪرَنَا وَ احَادِيثَ ابِي C الَّا زُرَارَةُ وَ ابُو بَصِيرٍ لَيْثٌ الْمُرَادِيُّ وَ مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ وَ بُرَيْدُ بْنِ مُعَاوِيَةَ الْعِجْلِيُّ وَ لَوْ لَا هَؤُلَاءِ مَا ڪانَ احَدٌ يَسْتَنْبِطُ هَذَا، هَؤُلَاءِ حُفَّاظُ الدِّينِ وَ امَنَاءُ ابِي C عَلَى حَلَالِ اللَّهِ وَ حَرَامِهِ، وَ هُمُ السَّابِقُونَ الَيْنَا فِي الدُّنْيَا وَ السَّابِقُونَ الَيْنَا فِي الْاخِرَةِ. [xv]

سليمان بن خالد اقطع کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام فرمايو: ڪنهن به اسان جي ذڪر ۽ منهنجي والد جي حديثن کي زندهه نه رکيو سواءِ زرارهه، ابوبصير مرادي، محمد بن مسلم ۽ بريد بن معاويه عجليءَ کانسواءِ . جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته ڪو انهن (حديثن) تائين پهچي نه سگهي ها، اهي دين جا محافظ ۽ الله جي حلال ۽ حرام مٿان منهنجي بابا جا امين آهن، اهي ئي دنيا ۽ آخرت ۾ اسان ڏي اچڻ وارن ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا آهن.

  1. عَنْ جَمِيلِ بْنِ دَرَّاجٍ، قَالَ دَخَلْتُ عَلَى ابِي عَبْدِ اللَّهِ C فَاسْتَقْبَلَنِي رَجُلٌ خَارِجٌ مِنْ عِنْدِ ابِي عَبْدِ اللَّهِ C مِنْ اهْلِ الْڪوفَةِ مِنْ اصْحَابِنَا، … انَّهُ ذَڪرَ اقْوَاما ڪانَ ابِي C ائْتَمَنَهُمْ عَلَى حَلَالِ اللَّهِ وَ حَرَامِهِ وَ ڪانُوا عَيْبَةَ عِلْمِهِ وَ ڪذَلِڪ الْيَوْمَ هُمْ عِنْدِي، هُمْ مُسْتَوْدَعُ سِرِّي اصْحَابُ ابِي C حَقّا اذَا ارَادَ اللَّهُ بِاهْلِ الْارْضِ سُوءا صَرَفَ بِهِمْ عَنْهُمُ السُّوءَ، هُمْ نُجُومُ شِيعَتِي احْيَاءً وَ امْوَاتا … فَقُلْتُ مَنْ هُمْ فَقَالَ مَنْ عَلَيْهِمْ صَلَوَاتُ اللَّهِ وَ رَحْمَتُهُ احْيَاءً وَ امْوَاتا، بُرَيْدٌ الْعِجْلِيُّ وَ زُرَارَةُ وَ ابُو بَصِيرٍ وَ مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمٍ[xvi]

جميل بن درّاج کان روايت آهي ته هڪ دفعي امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت پئي ويس ته هڪ ڪوفي شخص ٻاهر پئي آيو (جڏهن ان بابت امام کان پڇيم ته امام فرمايو) هن شخص مون سان اهڙي قوم (ماڻهن) جو ذڪر ڪيو جن کي الله سائين پنهنجي حلال ۽ حرام مٿان امين بڻايو آهي، اهي سندس علم جا ظرف هئا ، اهي اڄ مون وٽ به ائين آهن، اهي منهنجي والد جا ساٿي ۽ منهنجا رازدار آهن ، الله انهن جي ڪري زمين وارن تان مصيبتن کي ٽاري ڇڏي ٿو. اهي شيعت جا چمڪندڙ ستارا آهن چاهي زندهه هجن يا وفات ڪري وڃن ….. مون عرض ڪيو: اهي ڪير آهن؟ پاڻ فرمايائون : هيءُ اهي آهن جن تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جون رحمتون آهن، اهي بريد عجلي، زراره، ابوبصير ۽ محمد بن مسلم آهن.

بريد جي وفات

بريد جي وفات ڪڏهن ٿي؟  ان مسئلي بابت عالمن ۾ اختلاف آهي،ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي  ته بريد جي وفات امام جعفر صادق عليه السلام جي زندگيءَ ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڪجهه ٻين عالمن جي راءِ مطابق سندن وفات ، سن 148 هجري ۾ ٿيل امام صادق عليه السلام جي شهادت  کان ٺيڪ ٻه سال پوء يعني سن 150 هجريءَ  ۾ ٿي. [xvii]

بريد کان روايت ٿيل ڪجهه حديثون

آخر ۾  بريد کان نقل ٿيل ڪجهه حديثون پيش ڪجن ٿيون

1.عَنْ بُرَيْدٍ الْعِجْلِيِّ قَالَ سَمِعْتُ ابَا جَعْفَرٍ ع يَقُولُ بِنَا عُبِدَ اللَّهُ وَ بِنَا عُرِفَ اللَّهُ وَ بِنَا وُحِّدَ اللَّهُ تَبَارَڪ وَ تَعَالَى[xviii]

حضرت امام صادق عليه السلام فرمايو: اسان جي ذريعي ئي الله پاڪ جي عبادت ڪئي وئي ،۽ اسان جي ذريعي الله پاڪ کي سڃاتو ويو ۽ اسان جي ذريعي ئي الله جي وحدانيت ثابت ٿي.

2.عَنْ بُرَيْدِ بْنِ مُعَاوِيَةَ الْعِجْلِيِّ عَنْ ابِي جَعْفَرٍ ع قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ ص قَالَ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ اذَا ارَدْتُ انْ اجْمَعَ لِلْمُسْلِمِ خَيْرَ الدُّنْيَا وَ الْاخِرَةِ جَعَلْتُ لَهُ قَلْبا خَاشِعا وَ لِسَانا ذَاڪرا وَ جَسَدا عَلَى الْبَلَاءِ صَابِرا وَ زَوْجَةً مُؤْمِنَةً تَسُرُّهُ اذَا نَظَرَ الَيْهَا وَ تَحْفَظُهُ اذَا غَابَ عَنْهَا فِي نَفْسِهَا وَ مَالِهِ [xix]

الله تعالى فرمايو: آءُ جڏهن ڪنهن مسلمان ٻانهي لاءِ دنيا ۽ آخرت جو خير چاهيندو آهيان ته سندس دل ۾ عاجزي، زبان تي پنهنجو ذڪر جاري ڪندو آهيان، سندس جسم کي مصيبتن ۾ صبر ڪرڻ وارو ۽ سندس گهرواريءَ کي مومنه بڻائيندو آهيان جيڪا کيس ڏسڻ وقت مسرور۽ خوش ڪندي ۽ سندس اڻ هوند ۾ سندس ناموس ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ هوندي.

  1. عَنْ بُرَيْدِ بْنِ مُعَاوِيَةَ عَنْ ابِي جَعْفَرٍ ع قَالَ وَجَدْنَا فِي ڪتَابِ عَلِيٍّ ع انَّ رَسُولَ اللَّهِ ص قَالَ عَلَى مِنْبَرِهِ وَ الَّذِي لَا الَهَ الَّا هُوَ مَا اعْطِيَ مُؤْمِنٌ قَطُّ خَيْرَ الدُّنْيَا وَ الْاخِرَةِ الَّا بِحُسْنِ ظَنِّهِ بِاللَّهِ وَ رَجَائِهِ لَهُ وَحُسْنِ خُلُقِهِ وَالْڪفِّ عَنِ اغْتِيَابِ الْمُؤْمِنِينَ [xx]

رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي منبر تي فرمايو : قسم آهي ان پالڻهار جو جنهن کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ڪونهي ڪنهن مومن کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي ناهي ملي مگر سندس سهڻي خيال ۽ اميد سبب جيڪا هو الله تعالى بابت رکي ٿو ۽ سندس سهڻي اخلاق ۽ مومن جي غيبت کي ڇڏي ڏيڻ سبب .

 

حوالا ….

[i] – موسوعة طبقات الفقهاء، ج‌2، ص: 79

[ii] – ساڳيو، ج‌2، ص: 80

[iii] – رجال النجاشي – فهرست أسماء مصنفي الشيعة؛ ص: 112

[iv] – ساڳيو

[v] – (اجتمعت العصابة على تصديق هؤلاء الاولين من أصحاب ابي جعفر ع و اصحاب ا عبد الله … زرارة،و معروف بن خربوذ، و بريد،و ابو بصير الاسدي، و الفضيل بن يسار، و محمد بن مسلم الطائفي)

[vi] – نور اسلامي ڪمپيوٽر ريسرچ سينٽر جي تحقيق مطابق (دراية النور)

[vii] – معجم رجال الحديث و تفصيل طبقات الرجال، ج‌4، ص: 196‌

[viii] – ساڳيو

[ix] – رجال النجاشي – فهرست أسماء مصنفي الشيعة؛ ص: 112

[x] – رجال الڪشي؛ ص: 238

[xi] – ساڳيو

[xii] – معجم رجال الحديث و تفصيل طبقات الرجال، ج‌4، ص: 197

[xiii] – رجال الڪشي؛ ص: 170

[xiv] – ساڳيو، ص: 10

[xv] – معجم رجال الحديث و تفصيل طبقات الرجال، ج‌8، ص: 232

[xvi] – رجال الڪشي، ص: 137

[xvii] – موسوعة طبقات الفقهاء، ج‌2، ص: 80

[xviii] – اصول ڪافي (ط – الاسلامية)، ج‌1، ص: 145

[xix] – ساڳيو، ج‌5، ص: 327

[xx] – وسائل الشيعة، ج‌15، ص: 230

برچسب‌ها:, ,