
ليکڪ : خادم حسين الحسيني حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو شمار اسان جي انهن امامن مان ٿئي ٿو جن انتهائي سخت حالات ۾ امامت جهڙو عظيم فريضو نڀايو ۽ ماڻهن کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ هرقسم جون مصيبتون سر تي سهي حق جا واٽ ڏيکاري ، اسان هن مختصر تحرير ۾ سندن […]
ليکڪ : خادم حسين الحسيني
حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو شمار اسان جي انهن امامن مان ٿئي ٿو جن انتهائي سخت حالات ۾ امامت جهڙو عظيم فريضو نڀايو ۽ ماڻهن کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ هرقسم جون مصيبتون سر تي سهي حق جا واٽ ڏيکاري ، اسان هن مختصر تحرير ۾ سندن املهه ۽ ناياب ڪلام مان ڪجهه انمول حديثون پيش ڪري رهيا اهيون اميد ته ڌڻيءَ در قبول پونديون.
- قالَ عليه السلام : افضَلُ العِبادَةِ بَعدِ المَعرِفَةِ انتِظارُ الفَرَجِ [1]
معرفت کان پوءِ بهترين عبادت ٻارهين امام جي ظهور جو انتظار اهي
2.قالَ عليه السلام : رَحِمَ اللّهُ عَبْدا تَفَقَّهَ، عَرَفَ النّاسَ وَلايَعْرِفُونَهُ.[2]
الله سائين رحمت نازل ڪري ان ٻانهي تي جنهن علمِ دين سکيو ،ماڻهن کي سڃاتو ليڪن ماڻهو کائنس غافل اهن.
- قالَ عليه السلام : ما قُسِّمَ بَيْنَ الْعِبادِ اءفْضَلُ مِنَ الْعَقْلِ، نَوْمُ الْعاقِلِ اءفْضَلُ مِنْ سَهَرِالْجاهِلِ.[3]
ماڻهن ۾ عقل کان وڌيڪ بهتر شيءِ نه ورهائي اهي ، عقل مند انسان جي ننڊ جاهل جي راتين جي جاڳڻ کان وڌيڪ بهتر اهي.
- قالَ عليه السلام : انَّ اهْلَ الا رْضِ مَرْحُومُونَ ما يَخافُونَ، وَ اءدُّوا الا مانَةَ، وَ عَمِلُوا بِالْحَقِّ.[4]
زمين وارا جيستائين الله کان ڊڄندا رهن، امانت دار ۽ حق تي عمل ڪندا رهن ، سندس رحمت جي سائي ۾ رهندا.
- قالَ عليه السلام : بِئْسَ الْعَبْدُ يَڪونُ ذاوَجْهَيْنِ وَ ذالِسانَيْنِ.[5]
بدترين انسان اهو اهي جيڪو ٻه چهرا ۽ ٻه زبانون رکي ٿو. (يعني جيڪو سامهون هڪڙو ۽پرپٺ ٻيو اهي).
- قالَ عليه السلام : الْمَغْبُونُ مَنْ غَبِنَ عُمْرَهُ ساعَةً.[6]
هر اهو انسان گهاٽي ۾ اهي جنهن جي عمر هڪ لمحي لاٰءِ به بيهوده گذري ٿي
7 . قال عليه السلام : مَنِ اسْتَشارَ لَمْ يَعْدِمْ عِنْدَ الصَّوابِ مادِحا، وَ عِنْدَالْخَطا عاذِرا.[7]
جيڪو انسان مشورو ڪري ڪم ڪري ٿو جيڪڏهن ڪامياب ٿيو ته سندس تعريف ڪئي ويندس ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيو ته سندس عذر قبول ڪيو ويندو.
8 .قالَ عليه السلام:مَنْ لَمْ يَڪنْ لَهُ مِنْ نَفْسِهِ واعِظٌ تَمَڪنَ مِنْهُ عَدُوُّهُ يعني الشّيطان .[8]
جيڪو شخص پنهنجي نفس کي پاڻ نصحيت نه ڪري (ضمير جو سڏ نه ٻڌي) شيطان مٿس حڪومت ڪندو.
- قالَ عليه السلام : لايَخْلُو الْمُؤْمِنُ مِنْ خَمْسَةٍ: سِواڪ، وَمِشْطٍ، و سَجّادَةٍ، وَ سَبْحَةٍ فيها اءرْبَعٌ وَ ثَلاثُونَ حَبَّة، وَ خاتَمُ عَقيقٍ.[9]
مومن پنجن شين کان خالي ناهي هوندو : ڏندڻ، ڪنگو،مصلّو، 34 داڻن واري تسبيح ۽ عقيق جي منڊي
- قالَ عليه السلام : لاتَدْخُلُواالْحَمّامَ عَلَى الرّيقِ، وَلاتَدْخُلُوهُ حَتّى تُطْعِمُوا شَيْئا.[10]
خالي پيٽ حمام ۾ داخل نه ٿيو (غسل نه ڪريو) ۽ ڪا شيءِ کائڻ بغير به داخل نه ٿيو (يعني پيٽ ڀريل ۽ خالي پيٽ واري حالت ۾ نه حمام نه وڃو )
- قالَ عليه السلام : ايّاڪ وَالْمِزاحَ، فَانَّهُ يَذْهَبُ بِنُورِ ايمانِڪ، وَيَسْتَخِفُّ مُرُوَّتَڪ. [11]
(بيجا بيهوده) مذاق کان پاسو ڪريو ڇاڪاڻ ته اها توهان جي ايمان جي نور کي ختم ڪيو ڇڏي ۽ عزت ابرو کي گهٽائي ٿي.
- قالَ عليه السلام : اللَّحْمُ يُنْبِتُ اللَّحْمَ، وَالسَّمَڪ يُذيبُ الْجَسَدَ.[12]
گوشت،گوشت (۽ چربي) وڌائي ٿو ۽ مڇي (چرٻي) ۽ جسم(جي گوشت) کي ڳاري ٿي.
- قالَ عليه السلام : مَنْ صَدَقَ لِسانُهُ زَڪى عَمَلُهُ، وَ مَنْ حَسُنَتْ نيَّتُهُ زيدَ فى رِزْقِهِ، وَ مَنْ حَسُنَ بِرُّهُ بِاخْوانِهِ وَ اهْلِهِ مُدَّ فى عُمْرِهِ. [13]
جنهن جي زبان سچ ڳالهائي ٿي ان جا عمل پاڪ ٿين ٿا، جنهن جي نيت ڀلي هجي تنهن جي رزق ۾ اضافو ٿئي ٿو،جنهن پنهنجي (ديني) ڀائرن ۽ گهر وارن سان نيڪي ڪئي تنهن جي عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو.
- قالَ عليه السلام : اذَا مَاتَ الْمُؤْمِنُ بَڪتْ عَلَيْهِ الْمَلَائِڪةُ وَ بِقَاعُ الْارْضِ الّتِي ڪانَ يَعْبُدُ اللّهَ عَلَيْهَا [14]
جڏهن مومن جي وفات ٿئي ٿي ته ان تي ملائڪ ۽ زمين جا اهي حصا روئن ٿا جتي الله جي عبادت ڪئي اٿائين
- قالَ عليه السلام : الْمُؤْمِنُ مِثْلُ ڪفَّتَىِ الْميزانِ ڪلَّما زيدَ فى ايمانِهِ زيدَ فى بَلائِهِ.[15]
مومن تاراجي (ساهميءَ) جي ٻن پلڙن وانگر اهي جيترو سندس ايمان وڌندو اوترو ئي سندس امتحان وڌندو.
- قالَ عليه السلام : مَنْ ارادَ انْ يَڪونَ اقْوىَ النّاسِ فَلْيَتَوَڪلْ علَى اللّهِ. [16]
جيڪو ماڻهو چاهي ٿو سڀني کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ته کيس گهرجي ته الله تي ڀروسو رکي
- قالَ عليه السلام : اداءُالا مانَةِ وَالصِّدقُ يَجْلِبانِ الرِّزْقَ، وَالْخِيانَةُ وَالْڪذْبُ يَجْلِبانِ الْفَقْرَ وَالنِّفاقَ.[17]
سچائي ۽ امانتداري انسان جي رزق ۾ اضافو ڪن ٿيون. جڏهن ته ڪوڙ ۽ خيانت غربت ۽ منافقت اڻين ٿيون.
- قالَ عليه السلام : ابْلِغْ خَيْرا وَ قُلْ خَيْرا وَلاتَڪنْ امَّعَة [18]
نيڪي ڪر،ڀلو ڳالهاءِ ۽ لاپرواهه ۽ غير ذميوار نه ٿي.
- قالَ عليه السلام : تَفَقَّهُوا فى دينَ اللّهِ، فَانَّ الْفِقْهَ مِفْتاحُ الْبَصيرَةِ، وَ تَمامُ الْعِبادَةِ، وَ السَّبَبُ الَى الْمَنازِلِ الرَفيعَةِ وَالرُّتَبِ الْجَليلَةِ فِى الدّينِ وَالدّنيا. [19]
الله جي دين جو علم حاصل ڪر، بيشڪ علم دين، بصيرت جي چاٻي، عبادت جو ڪمال ۽ دنيا ۽ اخرت جي اعلى منزلن ۽ بلند مقامن تائين پهچڻ جو ذريعو اهي
- قالَ عليه السلام : فَضْلُ الْفَقيهِ عَلَى العابِدِ ڪفَضْلِ الشَّمْسِ عَلَى الْڪواڪبِ، وَ مَنْ لَمْ يَتَفَقَّهْ فى دينِهِ لَمْ يَرْضَ اللّهُ لَهُ عَمَلا.[20]
عابد مٿان عالم جي فضيلت ائين اهي جيئن سج جي تارن مٿان فضيلت. جيڪو شخص الله جي دين جي ڄاڻ نه ٿو رکي، الله سندس عملن تي راضي ناهي
- قالَ عليه السلام : عَظِّمِ العالِمَ لِعِلْمِهِ وَدَعْ مُنازَعَتَهُ، وَ صَغِّرِالْجاهِلَ لِجَهْلِهِ وَلاتَطْرُدْهُ وَلڪنْ قَرِّبْهُ وَ عَلِّمْهُ.[21]
عالم جي سندس علم جي ڪري عزت ڪر ۽ ساڻس جهيڙو نه ڪر ،جاهل کي اهميت نه ڏي ليڪن کيس تڙ به نه ليڪن کيس قرب ڏي ۽ علم سيکار.
- قالَ عليه السلام : صَلوةُ النّوافِلِ قُرْبانٌ الَى اللّهِ لِڪلِّ مُؤ مِنٍ. [22]
نافله نمازون هر مومن کي الله جي ويجهو ڪن ٿيون.
- قالَ عليه السلام : مَثَلُ الدّنيا مَثَلُ الْحَيَّةِ، مَسُّها لَيِّنٌ وَ فى جَوْفِهَا السَّمُّ الْقاتِلِ، يَحْذَرُهَاالرِّجالُ ذَوِى الْعُقُولِ وَ يَهْوى الَيْهَاالصِّبْيانُ بِاءيْديهِمْ.[23]
دنيا جو مثال نانگ وانگر اهي، جنهن جي ٻاهران کل نرم ۽ وڻندڙ اهي ليڪن سندس پيٽ ۾ زهر قاتل اهي. عقلمند ان کان ڊڄندا رهن ٿا (۽ ان کان پاسو ڪن ٿا) جڏهن ته (بي عقل) ٻار ان ڏانهن جذب ٿين ٿا.
- قالَ عليه السلام : مَثَلُ الدُّنيا مَثَلُ ماءِالْبَحْرِ ڪلَّما شَرِبَ مِنْهُ الْعطْشانُ ازْدادَ عَطَشا حَتّى يَقْتُلُهُ. [24]
دنيا جو مثال سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر اهي جنهن مان اڃايل جيترو پئندو اوتري سندس اڃ وڌندي ويندي ايستائين جو سندن جان وٺي.
- قالَ عليه السلام : انَّ الحَرامَ لا يُنمى وان نُمِىَ لا يُبارَڪ فيهِ [25]
بيشڪ حرام مال وڌندو ناهي ۽ جيڪڏهن وڌندو ته ان ۾ برڪت نه هوندي اهي
- قالَ عليه السلام : مَنْ نَظَرَ بِرَاءيْهِ هَلَڪ، وَ مَنْ تَرَڪ اءهْلَ بَيْتِ نَبيِّهِ ضَلَّ، وَمَنْ تَرَڪ ڪتابَ اللّهِ وَ قَوْلَ نَبيِّهِ ڪفَرَ. [26]
جنهن (دين ۾) پنهنجي راءِ هلائي هلاڪ ٿي ويو، جنهن ال رسول (عليهم السلام) کي ڇڏيو، گمراهه ٿيو، جنهن الله جي ڪتاب ۽ نبي جي قول (سنت) کي ڇڏيو، سو ڪافر ٿيو .
- قالَ عليه السلام : ا نَّ اللّهَ لَيُبْغِضُ الْعَبْدَ النَّوّامَ، ا نَّاللّهَ لَيُبْغِضُ الْعَبْدَالْفارِغَ. [27]
الله سائين گهڻي ننڊ ڪندڙ ۽ بيڪار ماڻهوءَ کي دشمن سمجهي ٿو.
- قالَ عليه السلام : التَّواضُعُ: انْ تُعْطِيَ النّاسَ ما تُحِبُّ انْ تُعْطاهُ. [28]
تواضع جي معنى اها اهي ته ماڻهن لاءِ اهو ڪم ڪرين جيڪو چاهين ٿو ته هو تهنجي لاءِ ڪن .
- قالَ عليه السلام : يُسْتَحَبُّ غَرامَةُ الْغُلامِ فى صِغَرِهِ لِيَڪونَ حَليما فى ڪبَرِهِ وَ يَنْبَغى لِلرَّجُلِ انْ يُوَسِّعَ عَلى عَيالِهِ لِئَلا يَتَمَنَّوْا مَوْتَهَ.[29]
بهتر اهي ته ٻارن کي ننڍپڻ کان وڏن ڪمن کي انجام ڏيڻ تي عادي بڻايو ته جئين وڏا ٿي بردبار ٿين ۽ ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي گهر وارن کي سهولت (۽ اسائش) ۾ رکن ته جيئن اهي سندس موت جي تمنّا نه ڪن.
- قالَ عليه السلام : لَيْسَ مِنّا مَنْ لَمْ يُحاسِبْ نَفْسَهُ فى ڪلِّ يَوْمٍ، فَانْ عَمِلَ حَسَنا ا سْتَزادَ اللّهَ، وَ انْ عَمِلَ سَيِّئا اسْتَغْفَرَاللّهَ وَ تابَ الَيْهِ.[30]
جيڪو انسان هر روز پنهنجو محاسبو نه ڪري سو اسان مان نه اهي ،جيڪڏهن (ان ڏينهن) چڱو ڪم ڪيو اٿائين ته الله سائين ان ۾ اضافو ڪندو ۽ جيڪڏهن برو عمل ڪيو اٿائين ته الله سائين سندس مغفرت فرمائيندو
- قالَ عليه السلام : لِڪلِّ شَيْي ءٍ دَليلٌ وَ دَليلُ الْعاقِلِ التَّفَڪر.[31]
هر شيءَ لاءِ نشاني اهي ۽ عاقل جي نشاني سوچ ويچار ڪرڻ اهي.
- قالَ عليه السلام : ما فِى الْميزانِ شَيْيءٌ اثْقَلُ مِنَ الصَّلاةِ عَلى مُحَمَّدٍ وَ الِ مُحَمّدٍ.[32]
قيامت جي ڏينهن عمل جي تور ۾ ڪابه شيءَ محمد و ال محمد (عليهم السلام) مٿان درود موڪلڻ کان وڌيڪ نه هوندي.
- قالَ عليه السلام : قَليلُ الْعَمَلِ مِنَ الْعاقِلِ مَقْبُولٌ مُضاعَفٌ وَ ڪثيرُالْعَمَلِ مِنْ اءهْلِ الْهَوى وَالْجَهْلِ مَرْدُودٌ.[33]
عاقل جو ٿورو عمل قبول ۽ ٻيڻو اجر رکي ٿو، جڏهن ته جاهل ۽ نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ واري جو گهڻو عمل به قبول نه اهي.
- قالَ عليه السلام: وَشَعْرُالْجَسَدِ اذا طالَ قَطَعَ ماءَ الصُّلْبِ، وَارْخىَ الْمَفاصِلَ،وَ وَرِثَ الضَّعْفَ وَالسِلَّ[34]
جيڪڏهن جسم جا (اضافي) وار وڌي وڃن ته مردانگيءَ جو پاڻي کٽندو، هڏن جي جوڙن ۾ سستي،ڪمزوري ۽ سهڪو اڻيندو،
- قالَ عليه السلام : ثَلاثَةٌ يَجْلُونَ الْبَصَرَ: النَّظَرُ ا لَى الخُضْرَةِ، وَالنَّظَرُ ا لَى الْماءِالْجارى ، وَالنَّظَرُ ا لَى الْوَجْهِ الْحَسَنِ.[35]
ٽي شيون اکين جو نور وڌائن ٿيون: ساوڪ،هلندڙ پاڻي ۽ سهڻي چهري تي نظر.
- قالَ عليه السلام : انَّ الا رْضَ لا تَخُلُو مِنْ حُجَّةٍ، وَ اءنَا وَاللّهِ ذلِڪ الْحُجَّةُ. [36]
زمين ڪڏهن به الله سائينءَ جي حجت کان خالي ناهي رهندي .خدا جو قسم (هن وقت) ائون الله جي حجت اهيان.
- قالَ عليه السلام : سُرْعَةُ الْمَشْىِ تَذْهَبُ بِبَهاءِ الْمُؤْمِنِ.[37]
ڊوڙڻ سان مومن جي ابرو ۽ شان شوڪت هلي وڃي ٿي .
- قالَ عليه السلام : انَّما امِرْتُمْ انْ تَسْئَلُوا، وَلَيْسَ عَلَيْنَاالْجَوابُ، ا نَّما ذلِڪ ا لَيْنا. [38]
توهان کي (اسان اهلبيت (ع) کان ) سوال ڪرڻ جو حڪم اهي ليڪن اسان تي جواب ڏيڻ واجب ناهي. (جيڪڏهن) اسان (مصلحت ڏٺي ته) جواب ڏينداسين. (ورنه خاموش رهنداسين)
- قالَ عليه السلام : ماذِئْبانِ ضارِبانِ فى غَنَمٍ قَدْ غابَ عَنْهُ رُعاؤُها، بِاضَرَّ فى دينِ مُسْلِمٍ مِنْ حُبِّ الرِّياسَةِ.[39]
ڪرسيءَ سان محبت جو خطرو مسلمان لاءِ، بي ڌنار رڍن جي ڌڻ تي ٻن بگهڙن کان به وڌيڪ اهي.
- قالَ عليه السلام : الا يمانُ فَوْقَ الا سْلامِ بِدَرَجَةٍ، وَالتَّقْوى فَوْقَ الا يمانِ بِدَرَجَةٍ، وَ الْيَقينُ فَوْقَ التَّقْوى بِدَرَجَةٍ، وَ ما قُسِّمَ فِى النّاسِ شَيْيءٌ اقَلُّ مِنَ الْيَقينِ. [40]
ايمان اڻڻ،مسلمان ٿيڻ کان هڪ درجو وڌيڪ اهي ۽ تقوى ايمان کان هڪ درجو مٿي اهي. جڏهن ته يقين تقوى کان هڪ درجو وڌيڪ اهي. جڏهن ته ماڻهن ۾ يقين کان گهٽ ڪابه شيءِ تقسيم نه ڪئي وئي اهي.
[1] – تحف العقول، ص403
[2] – نزهة النّاظر و تنبيه الخاطر حلواني : ص 122، ح 2.
[3] – تحف العقول : ص 213
[4] – تهذيب الا حڪام : ج 6، ص 350، ح 991
[5] – تحف العقول : ص 291
[6] – نزهة الناظر و تنبيه الخاطر حلواني : ص 123، ح 6
[7] – نزهة الناظر و تنبيه الخاطر: ص 123، ح 13
[8] – نزهة الناظر و تنبيه الخاطر: ص 124، ح 15.
[9] – بحارالا نوار: ج 98، ص 136، ح 76
[10] – وسائل الشّيعة : ج 2، ص 52، ح 1454
[11] – وسائل الشّيعة : ج 12، ص 118، ح 15812
[12] – وسائل الشيعة : ج 25، ص 78، ح 21240
[13] – تحف العقول : ص 388، س 17
[14] – اصول ڪافي : ج 1، ص 38
[15] – تحف العقول : ص 301
[16] – بحارالا نوار: ج 75، ص 327،ح 4.
[17] – تحف العقول : ص 297
[18] – تحف العقول : ص 304،
[19] – تحف العقول : ص 302
[20] – تحف العقول : ص 303،
[21] – تحف العقول : ص 209
[22] – وسائل الشيعة : ح 4 ص 73، ح 4547.
[23] – بحارالا نوار: ج 1، ص 152، ضمن ح 30.
[24] – تحف العقول : ص 292
[25] – اصول ڪافي ، ج 5، 125
[26] – اصول ڪافي : ج 1 ص 72 ح 10
[27] – وسائل ج 17 ص 58 ح 4.
[28] – وسائل الشّيعة : ج 15، ص 273، ح 20497.
[29] – وسائل الشّيعة : ج 21، ص 479، ح 27805.
[30] – وسائل الشّيعة : ج 16، ص 95، ح 21074
[31] – تحف العقول : ص 285
[32] – اصول ڪافي : ج 2، ص 494، ح 15.
[33] – تحف العقول : ص 286، بحارالا نوار: ج 70، ص 111، ح 14.
[34] – وسائل الشّيعة : ج 2، ص 65، ح 1499
[35] – وسائل الشّيعة : ج 5، ص 340، ح 3، محاسن برقي : ص 622، ح 69.
[36] – اصول ڪافي ج 1 ص 179 ح 9.
[37] – خصال : ج 1 ص 9 ح 30.
[38] – مستدرڪ الوسائل : ج 17، ص 278، ح 35.
[39] – وسائل الشّيعة : ج 15، ص 350، ح 1، مستدرڪ : ج 11، ص 381، ح 1
[40] – وافي : ج 4، ص 145، ح 1، بحارالا نوار: ج 67، ص 136، ح 2.
نظرات